منصور سرور
سينيئر رڪن
رشيد سومرو
حضرت عمر فاروق رضه جو فرمان هو ته جيڪڏهن فراق ندي جي ڪناري تي ڪو ڪتو بک وگهي مري ويو ته قيامت ڏينهن خدا جي درٻار ۾ مون کي جوابده ٿيڻو پوندو. دنيا جي سڀني کان شاهوڪار خطي ٿر ۾ گذريل ڏيڍ مهيني دوران اٽڪل ٻه سئو ٻارڙا، انهن جون مائرون، مور، هرڻ روزاني جي بنياد تي بک بدحالي، غربت ۽ غذائي کوٽ سبب درجنن جي تعداد ۾ مرن پي. مائرن جون جهوليون پنهنجن ٻچڙن جي شفقت کان اجڙي رهيون آهن. هاڻي ته ٿر جي ڀٽن ۾ انهن کي دفن ڪرڻ لاءِ جاءِ نٿي ملي ۽ سرڪار سڳوري فرمائي پئي ته انهن ڏهه ارب روپيا ٿر تي خرچ ڪيا آهن.
ڪلوئي، ڏيپلو، اڇڙو ٿر، ڪارونجهر، اسلام ڪوٽ، ڍاڍرو عمرڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ موت ڳجهن جيان لامارا ڏيئي رهيو آهي. بيوس امڙون ۽ مسڪين والدين اسپتالن کان ڏور علاج لاءِ ڪنهن مسيحا کي ڀٽن جي چوٽن جي چڙهي ائين ٿا نهارين جيئن عيد جي چنڊ کي ڳولبو آهي پر وارياسي ڀٽن جي دز مان پراسرار واريءَ جي دز کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه ٿو اچي.
سنڌ جو صحت کاتو دعويٰ ڪري پيو ته هنن مختلف تعلقه اسپتالن ۾ اسپيشل يونٽ کوليا آهن ته پوءِ روزاني مٺي جي اسپتال مان چار کان پنج لاش ڪنهن جا ٿا ملن. نام نهاد اين جي اوز، هٿرادو ليڊر، ڪارا چشما پائي پنهنجي منهن جي ڦڪائي کي لڪائڻ لاءِ مٺي شهر ۾ ڏيڍ ميٽر وارو امدادي بينر هڻي روڊ تان لنگهندڙ واٽهڙو کي جهلي مون جهڙي فوٽو سيشن ڪرائي ائين گم ٿيو وڃن جيئن برسات کانپوءِ ڏيڏر. ڪڏهن صوبائي وزير، ايم پي اي يا ڪاموري حليم باغي جهڙي شاعر جي جهوپڙي ۾ وڃي ڏٺو آهي ته اتي رات جو ڏيئو به ٻري ٿو يا بک ۽ بدحالي جو رقص آهي، جنهن ٿاريلن وٽ ٻن ويلن جي ماني جا ڏوڪڙ نه آهن سي ننگر کان حيدرآباد ڪيئن پهچن. هڪ ئي ٽئڪسي جو ڪرايو ويهه هزار روپيا ٻيو ته سوين ڪلوميٽر ڪاهيندي هنن جي ٻچڙن جو دم رستي ۾ پرواز ڪريو وڃي، پوءِ به اسان جي حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته انهن ٿر کي سنوارڻ جو عزم ڪيو آهي. افسوس جهڙي ڳالهه آهي.
آسو ٻائي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ اسان جا وزير ۽ سينيٽر پهتا، چڱي ڳالهه آهي پر اوما ڪولهڻ جي پنجن ورهين جي معصوم ٻالڪ جي حياتي بچائڻ لاءِ هنن وٽ وقت ڪونهي. فرق صرف ايترو آهي ته ٿر جي موت تي سياست ڪندڙ اسان جي سنڌ سرڪار جي ڪارندن جون نيتون ٺيڪ نه آهن هو ٿرين کي اُنَ جي مٽي سان ڀريل ٻوري ڏيئي انهن جي خودداري کي هيٺاهون ڪرڻ گهرن ٿا. حڪومت پاران موڪليل کاڌ خوراڪ، کاڄروتيل، دوائون ۽ ٻيو سامان نمائندا پاڻ ۾ ناني ويڙهو ڪري ڳڙڪايو وڃن پر ڪير به کانئن پڇڻ وارو ڪونهي.
هنن عقل جي انڌن کي اهو سمجهه ۾ ڪو نه ٿو اچي ته ٿر جو مسئلو اٽي جي ٻوري ۽ ٻه ڪلو گيهه جي ڏٻي سان حل نه ٿيندو پر ٿرين جو سڀني کان وڏو مسئلو مال جو چارو، صاف پاڻي آهي. جيڪڏهن سرڪار صرف مال جي چاري ۽ صاف پاڻي جي فراهمي جو بندوبست ڪري ته هي ويچارا ٿريا پنهنجا ٻچا ڍڳي گاڏين ۾کڻي بيراجي علائقن ڏانهن وڃي ڇو دربدر ٿين. پنهنجا ٻچا ۽ اجها ڪير ڇڏي ٿو. هيڏي بک، بدحالي موت جو راڪاس به ٿرين جي همت کي جهڪائي نه سگهيا آهن. هو اڄ به سرڪار پاران خيرات ۾ ملندڙ ڪوڙن چيڪن جا شوقين نه آهن. وقت جا حاڪم هنن غيرتمند شهرين تي ايوان ۾ بيهي بي عزتي ڪري ٿو ته انهن جي ٻارن جي موت جو سبب کاڌو نه پر داين پاران ٻارن کي ڇڪي ڪڍڻ آهي. حڪمرانن کي مظلوم ٿرين جي نالي تي سياست ڪرڻ ۽ انهن جي تذليل ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ان ئي ٿر جي سون ورني ڌرتي حليم باغي، جمن دربدر، مارئي، مومل راڻو، محمد عثمان ڏيپلائي، عبدالقادر جوڻيجو، روپلو ڪولهي، مسڪين جهان خان کوسو ۽ ٻين ڪيترن بي مثال انسانن کي جنم ڏنو، جنهن تي پوري سنڌ ناز ڪري ٿي.
جنهن ٿر سنڌ کي علم ادب، ڪردار، بهادري، عشق ۽ نوڙت جا سدا بهار ڪردار ڏنا جنهن تي سنڌ جو سداحيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به فخر ڪري ٿو. ان ڌرتي جي غيرتمند ۽ محسن انسانن کي ڀيٽا ڏيڻ تي مجبور ڪندڙ حڪمرانو قدرت جي پڇاڻي کان ڊڄو.
حڪمران بلٽ پروف گاڏي ۽ هيليڪاپٽر مان لهي سرڪٽ هائوس ۾ ڪچهريون ڪرڻ بدران هڪڙي رات ٿر جي ڀٽن، ڳوٺن ۾ گذارين ته کين خبر پوي ته زندگي ڇا آهي.
ڪوئلي، ڪرومائيٽ، گئس ۽ قيمتي پٿرن سان مالا مال ٿر جي مائرن جون هنجون روز خالي ٿين پيون پر اقتدار ۽ دولت جا خواهشمند مال ميڙڻ ۾ پورا آهن. هنن جي خواهش آهي ته اڃا به وڌيڪ ٻار ۽ ماڻهو مرن ته جيئن وڌيڪ مال اچي ۽ وڌيڪ هنن جا ڀڀ ڀرجن.
مون کي انسانيت جي دعويداري ڪندڙ عبدالستار ايڌي ۽ انصار برني جهڙن انسانن تي افسوس ٿئي ٿو، ڪشمير ۾ زلزلو ٿو اچي ته اُهي صاحب پهچيو وڃن ڪراچي ۾ لاش ڪري ٿو ته انهن جي مدد لاءِ پهچيو وڃن ڇا ٿر جا هي مرجهائيندڙ گلڙا هن ديس جي مستقبل جي سونهن نه آهن ته پوءِ ان تي خاموشي ڇو آهي، جنهن کي سوشل ميڊيا تي کڻڻ گهرجي گوسڙو استادن لاءِ سوشل ميڊيا جا ڪرتا ڌرتا اسان جا ڪراچي جا دانشور صحافي رڙيون ڪري ڪري پنهنجا گلا ويهاري ڇڏيا. انهن کي معلوم هجڻ گهرجي ته سنڌ جو هي ڪيس گوسڙو ماسترن کان وڌيڪ اهم آهي. ٺيڪ آهي ماسترن کي معطل ڪرائي اوهان انقلاب آڻي ڇڏيو، هاڻي ٿر تي سماج سڌارڪن ۽ سنڌ جي مال کائو وڏيرن خلاف به سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا تي آواز اٿاريو، اهو اوهان جو قرض آهي ته فرض به.