جڏهن انٽرنيٽ هلندي هلندي بند ٿي وڃي ته يقينن ڪاوڙ ايندي آهي. مونسان به ڪجهه اهڙو ئي واقعو ٿيو. منهنجي ڪمپيوٽر سسٽم ۾ گوگل ڪروم انسٽال ٿيل آهي، ڪلهه جيئن ئي هلندي هلندي انٽرنيٽ جو رابطو ڪٽيو ته مون به ڪاوڙ ۾ ڪيبورڊ کي ڌڪ هنيو. ڏسندي ئي ڏسندي برائوزر جي اسڪرين تي ڊائنوسار ڊُڪڻ شروع ڪري ڏنو. ٿورو غور ڪرڻ سان خبر پئي ته هي ته گيم آهي، سو وري Replay واري بٽڻ کي دٻائي کيڏڻ ڪيم. اسپيس بار سان ڊائنوسار ٽپا ڏيڻ شروع ڪيا.. اوهان به ٽراءِ ڪجو جڏهن انٽرنيٽ بندي ٿي وڃي ۽ هتي اسڪور ضرور شيئر ڪجو. ڀلا جيڪڏهن ايڏا بي صبرا آهيو ته انٽرنيٽ آف ڪري گوگل تي ڪا ويبسائيٽ کولي ڏسو ۽ کيڏي ڏسو... نوٽ: هي راند انڊرائيڊ جي گوگل ڪروم ۾ به کيڏي سگهجي ٿي....