ڊاڪٽر قربان جهتيال
(1957ع کان 2012ع تائين)
مشهور شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر قربان جهتيال جو جنم پهرين جنوريءَ 1957ع تي ڦلجي اسٽيشن ضلعي دادو جي ڳوٺ ڪمال خان جهتيال ۾ ٿيو، ايم بي بي ايس پاس هئڻ باوجود به هن سرڪاري نوڪريءَ کي ترجيح ڏيڻ يا ڪنهن وڏي شهر وسائڻ جا خواب ڏسڻ بدران پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ ڪلينڪ قائم ڪري نه رڳو پنهنجي روزگار جو بندوبست ڪيو پر هر جمعي تي مريضن جو مفت علاج ڪرڻ به هن پنهنجو فرض سمجهي اها خدمت ڪئي، هي شاعر هئڻ سان گڏوگڏ صحافي ۽ سماجي ڪارڪن پڻ هو، هن لکڻ جي شروعات 1973ع کان ڪئي، ان دوران نامور شاعر محسن ڪڪڙائيءَ کان رهنمائي حاصل ڪيائين، ڊاڪٽر قربان جهتيال سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادو جو 5 دفعا رابطا سيڪريٽري، پريس ڪلب ڦلجي اسٽيشن جو نائب صدر، سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) شاخ ڦلجي اسٽيشن جو جنرل سيڪريٽري، پئرنٽس ٽيچرس ايسوسيئشن جو چيئرمين، ريڊيو لسنرز ايسوسيئيشن سنڌ جو مرڪزي صدر پڻ رهيو، هن سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ريڊيو لسنرز ڪلب ٺاهي نه رڳو ريڊيو ٻڌندڙن کي اتساهيو پر ان سان گڏ ريڊيو پبلڪڪيشن قائم ڪري هڪ رسالو شايع ڪرايائين، جنهن جو ايڊيٽر به پاڻ هو، سندس ادارت هيٺ نڪرندڙ هن رسالي جا ڪل 12 پرچا شايع ٿيا، ڊاڪٽر قربان جهتيال پنهنجي سموري عمر جاکوڙ ڪندي گذاري، سندس شاعري نامور فنڪارن شفيع فقير، ممتاز لاشاري، انور وسطڙي، ڪوثر ماروي سميت ڪيترن فنڪارن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو، سندس شاعريءَ، مضمون سنڌ جي مختلف رسالن توڙي اخبارن ۾ مسلس شايع ٿيندا رهيا، ڊاڪٽر قربان جهتيال انهن سڄاڻ سماجي ۽ ادبي ماڻهن مان هو، جن علمي طور سماجي تبديلين لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، کيس خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا، جن ۾ سگا طرفان ايوارڊ ۽ ريڊيو پاڪستان طرفان بهترين لوچيندڙ ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ايوارڊ ۽ ريڊيو پاڪستان طرفان بهترين لوچيندڙ ايوارڊ وغيره قابل ذڪر آهن، هي ڪيترو عرصو گڙدن جي تڪليف سبب ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل رهيو، هن 21 آگسٽ 2012ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه شهيد مخدوم بلاول قبرستان ۾ آهي، سندس هڪ پٽ رضوان جهتيال لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشوري مان پوسٽ گريجوئيشن ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس ٻيو پٽ عرفان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاني جو شاگرد آهي.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان