• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايوب کوسو بارش سوچي ٿي ! سٽون ايوب کوسو

شاهنواز ٽالپر

سينيئر رڪن
بمن جي چمن ۾ امن ائين کڄي ويو آھي، جيئن بازن جي وراڪن ۾ جھرڪيون کنڀجي وينديون آھن، اھو ڪيترو نه محبوب دور ھو روحانيت ۽ سائنس جي تسلسل جو، ھڪ ئي وقت ۾ سائنس جي عينڪ اکين تي چاڙھي گليلو زمين ۽ ستارن جي گردشن جا رآز پئي ڦلھوريا! ۽ ان ئي دور ۾ سنڌ اندر نوجوان ڀٽائي طنبورو ايجاد ڪري نوان سُر ۽ راڳ پئي ڳوليا ! اڄ سائنس عروج تي پھچي به امن کي وڃائي ڇڏيو آھي پر اُھو ساڳيو طنبورو روحانيت جي راز کي امن جو پرچم سمجھي ماڻھن کي ان عشق جي دعوت ڏيئي رھيو آھي جنھن عشق جي رستن تان امن، پيار ۽ انسانيت جا گلاب ڦُٽن ٿا !
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top