عقلمند بادشاهه

'مختلف موضوع' فورم ۾ Irfan Ahmed Chandio طرفان آندل موضوعَ ‏17 ڊسمبر 2014۔

  1. Irfan Ahmed Chandio

    Irfan Ahmed Chandio
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    97
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڪمپوزنگ
    ماڳ:
    هالا نوان

    عقلمند بادشاهه

    هڪڙو شخص وڏو دلتمند هو. وڏي محنت سان اها دولت ڪمائي هئي کيس چار پٽ هئا. جڏهن هو بيمار ٿيو تڏهن ڏٺائين ته بچڻ محال آهي، سوچيائين ته ڪمائيل دولت جيئري ئي پنهنجن پٽن ۾ ورهائي ڇڏيان. ان ڪري چئن پٽن کي پاڻ وٽ گھرايائين ۽ کين چيائين ته بابا ڌن دولت اهڙي شيءِ آهي جنهن تان هميشه خون خرابا ٿيا آهن انڪري مون پنهنجي دولت چئن ڀاڱن ۾ ورهائي کٽ جي چئن پاين ۾ هرهڪ جو حصو پورائي ڇڏيو آهي. چئني ڀائرن پکا وجھي پنهنجو پنهنجو پائو مقرر ڪيو. جڏهن شاهوڪار مئو ته چئني ڀائرن پنهنجي مقرر ڪيل کٽ جي پائي هيٺيان زمين کوٽرائي ته زمين هيٺان ديڳڙا نڪتا. ڇا ڏسن ته مار! هڪ ۾ هيرا جواهر، ٻئي مان سون، ٽئين مان مٽي، چوٿين مان هڏا نڪتا ائين چئني ڀائرن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿي پيو ان جو فيصلو ڪرائڻ لاءِ مختلف ڏاهن وٽ ويا پر ڪوبه فيصلو ڪري نه سگھيو هڪ ڌينهن چارئي ڀائر گڏجي ملڪ جي بادشاهه وٽ ويا رستي ۾ شهزادي ملين ان کان بادشاهه بابت پڇيائون تنهن ٻڌاين ته بادشاهه انڌو ٿي پيو آهي ، ٿورو اڳتي هليا ته شهزادو ملين ان کان پڇيائون ته ان ٻڌاين ته بادشاهه چريو ٿي پيو آهي، ٿورو اڳتي هليا ته رستي ۾ راڻي ملين ان کان پڇيائون ته ان ٻڌاين ته بادشاهه هڪ سال اڳي مري ويو آهي. پر هنن کي خبر پئي ته بادشاهه درٻار ۾ موجود آهي ۽ هي چارئي ڀائر بادشاهه وٽ پهتا، بادشاهه هنن جي سڄي ڳالهه ٻڌي چيو ته توهان جو پيءُ صحيح فيصلو ڪري ويو آهي کين چيائين ته هيرن جواهرن وارو هيرا جواهر کڻي ، سون وارو ڀلي سون کڻي، مٽيءَ وارو زمين کڻي ۽ هڏن وارو چوپايو مال کڻي. چارئي ڀائر عقلمندي وارو فيصلو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا. هو پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا چئني ڀائرن، شهزادي، شهزاديءَ ۽ راڻيءَ واري ڳالهه بادشاهه کي ٻڌائي بادشاهه اهو ٻڌي وراڻيو ته اهي به صحيح آهن شهزادو انهيءَ ڪري چريو چوي ٿو جو انهيءَ کي بادشاهي نٿو ڏيڻ چاهيان ته اهو اڃان وڌيڪ تعليم حاصل ڪري،شهزاديءَ انڪري انڌو چيو جو هو جوان ٿي چڪي آهي ان لاءِ ڪوبه مناسب مڙس نٿو ملي، راڻيءَ انهي ڪري مئل چيو آهي ته بادشاهي ڪمن ۾ ايترو مصروف آهيان جو هڪ سال کان رتي رهاڻ نه ڪئي اٿس. چارئي ڀار بادشاهه جي عقل ۽ دانائيءَ تي دنگ رهجي ويا سندس ساراهه ڪرڻ لڳا ۽ موٽي اچي پاڻ ۾ ميٺ محبت ۾ رهڻ لڳا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو