عراق ۾ داعش جي دهشتگردن پاران 150 عورتون شهيد ڪيون ويون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏18 ڊسمبر 2014۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    عراق ۾ نڪاح بالجهاد کان انڪار تي داعش جي نام نهاد مجاهدن 150 عورتن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جن ۾ ڪيتريون حاملا عورتون پڻ شامل هيون. شهيد ڪرڻ کان بعد انهن کي اجتماعي قبرن ۾ دفن ڪيو ويو.
    ڪير آهي جيڪو انهن جي قاتلن جو نالو وٺي انجي مذمت ڪري ؟؟؟
    http://www.middleeasteye.net/news/i...marry-islamic-state-fighters-1143454965#.dpuf
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    عراق هجي يا افغانستان ، سوريا هجي يا سنڌ ، ڪشمير هجي يا فلسطين ، پوري دنيا ۾ جتي به مسلمان آهن اتي انهن تي بي انتها ظلم ٿي رهيو آهي ، يهودين ۽ نصارن جون پاليسيون ئي اهڙيون آهن ۽ ٻيو وري اسان مسلمان يا سنڌي پاڻ ۾ متحد به ناهيون ، اسانجي سنڌ ۾ رڳي 50 کن قومپرست پارٽيون آهن ۽ هر پارٽي جيئي سنڌ جا نعرا هڻي رهي آهي ۽ سنڌ جي آزادي جي ڳالھ ڪري رهي آهي ساڳي ريت مسلمان ملڪن جا سربراھ به پاڻ ۾ متحد ناهن اهوئي سبب آهي ، هاڻي ڪجھ عرصو پهريان منهنجو وڏو ڀاءُ اسرائيل جي دوري تي بيت المقدس ويو هيو ، انجي اکين ڏٺو احوال ڪجھ هن ريت آهي ته فلسطين جا مسلمان غريب بلڪل ناهن ۽ تقريبن هر ٻئي فلسطيني جون 2 شاديون ٿيل آهن هڪ يهودي عورت سان ٻي مسلمان سان پوءِ جڏهن به فلسطيني ڪٿي ڪو اسلحو جمع ڪندا آهن يا ڪو اجتماع ڪندا آهن ته اهي يهودي عورتون جيڪي انهن جي گهر ۾ آهن سي مخبري ڪندي پنهنجن يهودين تائين انهن جو راز فاش ڪري ڇڏينديون آهن ۽ انهن پنهنجون زمينون وڪرو ڪري يهودين کي ڏنيون آهن ، ساڳيءَ طرح سنڌ ۾ اسان ڌارين کي پناھ ڏني جنهنجا نتيجا اڄ اسانجي سامهون آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسلام جي نالي تي مجاهدين يا ٻين لڙاڪو اسلامي تنظيمن جيڪي به اهڙيون ڪاروايون ڪيون آهن اهي سڀ اسلام کي بدنام ڪري رهيون آهن. عالمن کي اهڙن عملن جي سڌي ريت مخالفت ڪري ان جي ترديد ڪرڻ گهرجي .... پر افسوس جو ڪيئي تنظيمون اآهن جن ۾ مذهب جي نالي تي اهڙا ماڻهو لڪا ويٺا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    دائش جو هي ظلم اسلام کي دنيا آڏو رسوا ڪري ٿو ، غير اسان جي دين جي طرف آڳريون کڻي رهيا آهن ته هي آهي آزادي وارو دين جنهن ۾ هرروز بي گناه انسان اسلام جي نالي تي شهيد ڪيا ٿا وڃن ، چاهي اهي پشاور ۾ معصوم ٻار هجن يا وري عراق ۾ عورتن جو زنا بالجبر تي انڪار سان قتل هجي
    تمام ڏک جي ڳالهه آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو