خوبصورت جذبن ۽ احساسن جو شاعر بدر شاهه منصور نثار ڪنهن به سماج جي تبديلي ۾ شاعري جو وڏو ڪردار هوندو آهي، سڄي دنيا سميت سنڌ ۾ به اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن پو چاهي اها ايم آر ڊي جي جدوجهد هجي يا ون يونٽ واري ويڙهه يا وري ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ هجي، انهي دوران ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لا شاعرن پنهنجي حصي جو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هن وقت به قوم جي روشن مستقبل ۽ ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ لا ڪيترائي شاعر قلم ذريعي پنهنجي لفظن کي ورقن تي اوتي رهيا آهن جن مان هڪ شاعر بدر شاهه پڻ آهي. جيڪو سنڌ جي مسقبل سوچ رکندي ۽ قيادت جي کوٽ کي محسوس ڪندي پنهنجي نئين ڪتاب ”اڃ جو آسمان“ ۾ لکي ٿو ته، ”راهون روشن، رهبر انڌا، ماڻهو ماٺ، مقدر انڌا“ اهڙي ريت بدر شاهه جتي پنهنجي غزلن واري مجموعي ۾ سماجي تبديلي جي ڳالهه ڪري ٿو، اتي هو واهڻ وستي جي محبتن، يادگيرين، حسين لمحن، دورين کان ويندي شهر جي اوچي عمارتن، بند ڪمرن، فٽ پاٿن کان ويندي خرچن کي به پنهنجي شاعري ۾ فوڪس ڪندي نظر اچي ٿو، جنهن جا ڪجهه مثال هن ريت آهن: ڏور ٻچن کان پيٽ گذر لئه لوڙيون ٿا، گهر جا لنبا خرچ، پگهارون سڏڪن ٿيون، *** پڇن ٿا فٽ پاٿ وارا رب کان، فليٽ ۽ گهر ڦٽل جون ڳالهيون، *** لڙڪ اکين جا، پياسي ٿر ڳولهڻ نڪتو آ، احساسن کي پس منظر ۾ ڳولهڻ نڪتو آ *** آئيني جي سامهون: هو منهن جهلي ٻڪ ۾؛ آئيندي تي ٿي ڏسي ڪو وا سڏڪن جو، جڏهن ته ڄاڻايل ڪتاب ۾ مون کي ”آئينو“ لفظ ڪيترائي ڀيرا استعمال ٿيندي نظر اچي ٿو، جنهن جو مان اهو ئي اندازو لڳايان ٿو ته آئينو ڪڏهن ڪوڙ ناهي ڳالهائيندو تنهن ڪري ئي هو ان جو بار بار ڳالهه ڪري ٿو. پر مان بدر شاهه يا ان جي ڪتاب جا وڌيڪ تفصيل ڏيڻ کان اڳ ادب جي مختصر تعريف ۽ تاريخ ڏيڻ چاهيان ٿو، جنهن سان بدر شاهه جي پورهئي کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي. جيتوڻيڪ تاريخ ٻڌائي ٿي ته انساني جذبن جي شروعات سان ئي شاعري جو جنم به ٿيو هيو ۽ اهڙي ڳالهه دنيا جون سموريون قومون به قبول ڪن ٿيون جڏهن ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته دنيا جي مڙني علمن ۽ فنن جو سر چشمو يونان کي سڏيو ويندو آهي ۽ جڏهن شاعري جي تاريخ جا پيرا کڻون ٿا ته اهي به يونان طرف وڃن ٿا ۽ ادب جي حوالي سان افلاطون جو خيال هيو ته ”شاعري سڀني ڪوڙن جي ما آهي ۽ شاعر اخلاق جو دشمن آهي“ پر اتي ئي ارسطو پنهنجي استاد جي اهڙي ڳالهه جي جواب ۾ چوي ٿو ته ”تخليقي ادب نقالي ۽ محاڪات آهي، جنهن جو مقصد دل جي تفريح آهي.“ جيتوڻيڪ عربن وري ادب جا ٻه قسم بيان ڪيا آهن، جنهن موجب اهو علم، جو انسان جي دل ۽ ذهن کي وڌائي، خيالن ۾ بلندي، نزاڪت ۽ قلب ۾ خوشي ۽ سرور جي ڪيفيت پيدا ڪري ان کي ادب چئجي ٿو“، يورپين جو وري خيال رهيو آهي ته ”تن جي اظهار ڪري ادب چئي ٿو“ اهو خيال ميلڪن جو هو ۽ هيگل چيو هو ته ”ادب به هڪ تاريخ آهي“ اتي وري علامه آ آ قاضي جو خيال هو ته ادب لفظ ”دب“ مان ورتل آهي، جنهن جو مطلب پٽ تي ريڙهيون پائڻ آهي ۽ ماضي ۾ فن سيکاريندڙ استاد کي ”اديب“ سڏيو ويندو هيو جڏهن ته ادب جا جيڪي ٻه قسط آهن، انهن ۾ هڪ نثر ۽ ٻيو نظم آهي. نثر، نظم جي مقابلي ۾ آسان آهي ڇو ته انهي ۾ وزن بحر وغيره جي پابندي نه هوندي آهي ۽ نظم جي لغوي معنيٰ آهي پوئڻ، جنهن جون صنفون غزل، گيت، بيت، وائي، ڪافي، نظم، مولود، حمت، نعت وغيره آهن. نظم جي حوالي سان سنڌ ۾ وڏو ڪم ڪيو ويو آهي. پر هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته شاعري شعرن جي مجموعي کي سڏيو ويندو آهي ۽ اهي عربي ٻولي جا لفظ آهن، ڪجهه ماڻهن جو خيال رهيو آهي ته شعر جي شروعات آدم عه کان ٿئي ٿي، جنهن هابيل جي قتل تي ڏک ۾ شعر پڙهيو هيو، جيڪو سرياني ٻولي ۾ هيو ۽ بعد ۾ اهو عربي ۾ ترجمو ڪيو ويو هيو. تنهنجا سڀ رنگ ۽ روشنيون لاڙڪاڻا شال قائم رهن رونقون لاڙڪاڻا هت ڪراچي ۾ رهندي به وسريو تون ناهين مون کي تنهنجون ادائون وڻيون لاڙڪاڻا جو سرجهڻار بدر شاهه جو جنم ڳوٺ وڪيا سانگي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ 15 نومبر 1965ع تي سيد غلام شاهه جي گهر ۾ ٿيو. جنهن بنيادي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي، جنهن کانپو پائليٽ ها اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ پاس ڪئي، بي. اي سنڌ يونيورسٽي مان ۽ ايم اي جو امتحان شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڏنو، تعليم حاصل ڪرڻ کانپو ڪراچي ۾ اچي تعليم ۽ تدريس ڏيڻ لا آگرا تاج ڪالوني ڪراچي جي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. بدر شاهه جي لکيل 208 غزلن تي مشتمل ڪتاب جو مهاڳ نامور شاعر ۽ ليکڪ رکيل مورائي لکيو آهي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته بدر شاهه پوين ٻن دورن جو شاعر آهي، هو ڪنهن وڏي شهر ۾ رهندڙ جيان، شهري زندگي کي جيئن ڏٺو، جيئن ماڻيو آهي جيئن ڀوڳيو آهي ائين ئي انهن کي اظهار ڏنو آهي. ڊاڪٽر عابد مظهر چوي ٿو ته بدر شاهه جي غزل ۾ خاص ڏوراپي واري ڪيفيت آهي. امر اقبال لکي ٿو ته بدر شاهه سماج جو ڪاوڙيل روح آهي ۽ غزل سندس ذاتي ۽ اجتماعي وارتائن جو عڪس آهن، اياز جاني چوي ٿو ته اڃ جو آسمان سري سان جديد سنڌي غزل کي نئين معنيٰ ۽ جواز ڏيندڙ بدر شاهه جي اڃايل وجود جي اداسي ۾ پيار، خلوص، سچائي، اميد ۽ آجپي جي آرزو موجود آهي. سنڌ ايڪسپريس سان ڳالهائيندي بدر شاهه پاڻ چوي ٿو ته منهنجي نظر ۾ شاعري لطيف احساسن جي اظهار جو هڪ نان آهي ۽ شاعري ناڪاري قوتن جي خلاف هڪ مضبوط آواز آهي. شاعر پنهنجي قوم جا سرواڻ ۽ سڌارڪ هوندا آهن. مان 1992ع کان سائين آثم ناٿن شاهي کان متاثر ٿي شاعري شروع ڪئي. جڏهن ته هن وقت سنڌي شاعري ترقي جي پنڌ ۾ اڳيان اڳيان آهي. سماج تي شاعري جي اثر بابت هو چوي ٿو ته سماج ۾ سڌاري لا شاعري جو ڪارج اهم آهي، ڇو جو شاعري جلد اثر ڪندي آهي، ٻار کي به ما جي لولي وڻندي آهي، ڇو جو انهي ۾ به نغمگي (شاعري) هوندي آهي، ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي شاعري پڙهو توهان کي خبر پئجي ويندي، باقي ڪيسٽي شاعري، شاعري ناهي ۽ نه ئي ڪيسٽي شاعرن ۽ شاعري جي ضرورت آهي. هڪ سوال تي بدر شاهه چيو ته شاعري جي سکيا جي لا اسان وٽ سنڌي ادبي سنگت جهڙو مضبوط ادبي ادارو موجود آهي، ٻي ڪنهن اداري جي ضرورت ناهي. اسان پاڻ ادبي سنگت جي گڏجاڻين مان سکياسين. پنهنجي دوست لا مان واجد جو هي شعر چوندس. تاڙ تنهنجي ۾ به هوندا ڪيئي جلاد ائين اڪليو راهه ۾ نڪري نه وڃ انهي ڪري گڏجي هلڻ جو وقت آهي. ڇڙو وڃڻ نه ٿيبو. هڪ ٿيو هڪ ٿيو. ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندڙ بدر شاهه نئين نسل لا پيغام ڏيندي چوي ٿو ته اڄ جي نوجوانن ڪتاب سان دوستي ڪرڻ گهرجي.