سنڌ جي سک لاءِ مليل صلاحون! ڊاڪٽر ايوب شيخ برطانيا جي شهر لنڊن ۾ ”دي سنڌ مانيٽر“ پاران ڪوٺايل ڪانفرنس جي سڀ کان اهم ڳالهه اها هئي ته گهڻي وقت کانپوءِ لنڊن ۾ موجود سنڌين ۾ هڪ سنجيدگي نظر ته آئي پر ان ۾ سنڌ مان هڪ به قومپرست تنظيم جو ڪوبه عيوضي موجود ڪونه هو، ان ڪانفرنس ۾ پرڏيهه مان توڙي هتان جي علائقن مان سنڌي، بلوچ، ڪجهه آمريڪي ۽ برطانوي انگريز ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. ان ڪانفرنس لاءِ ايندي مون رستي تي اهو سوچيو هو ته اتي اهي دليل ٻڌندس ۽ معلوم ڪندس ته آخر پرڏيهه ۾ موجود مختلف تنظيمن جا سنڌي پاڪستان جي مخالفت ڇو ٿا ڪن؟ ۽ ان ڪانفرنس ۾ موجود رهندي مون سمورو وقت ان ڳالهه جو انتظار پئي ڪيو ته شايد هي ڪانفرنس پاڪستان جي مخالفت لاءِ گهرائي وئي هجي يا ان جو وڏو نشانو اڄوڪي پيپلزپارٽي سرڪار يا ملڪي فورسز يا اننٽيليجنس ايجنسيون هجن، پر ڪانفرنس ختم ٿيڻ تائين منهنجو اهو ”شڪ“ ڪنهن به حوالي سان ”پڪ“ ۾ بدلجي نه سگهيو. سو ان ڪانفرنس ۾ سنڌ سان لاڳاپو رکندڙ، مختلف نقطئه نظر رکندڙ ۽ سياست کان سواءِ مختلف شعبن سان سلهاڙيل ڪيئي اهم ماهر شريڪ ٿيا، جن جو رڳو هڪ مشن هو ته پاڪستان جي حدن ۾ سنڌ جي سڪار ۽ سڻائيءَ جون ڪي اهم ڳالهيون ڪجن. ڪل ملائي 24 ڪلاڪن تائين ٽي ڏينهن ڪيئي اهم ڳالهيون ٿيون. انهن ۾ خاص خاص سنڌ جي نوجوانن جي ترقي ۽ انهن جي ڪاميابي جون ڪهاڻيون، سياست، عورت جو آئندو ۽ سندن سماجي صورتحال، جرڳائي وڏيرن ۽ ڀوتارن پاران سنڌ جي امن ۽ آشتي سان ٿيندڙ کيڏ، تباهه ٿيندڙ تعليم ۽ ٽيڪسٽ بوڪ، ڪلچر، سياسي حق ۽ سياسي مالڪي ، صحت ۽ موجود بگاڙ ۾ سڌارا،ماحولياتي بچاءُ ۽ معدنياتي وسيلن جو بچاءُ، عالمي ۽ لوڪل اين جي اوز، ميڊيا ، اخلاقيات ۽ سنڌي ٻولي، سياسي ۽ شهري آزاديون ، معاشي واڌ ۽ رڪاوٽون ، اقليتون، مذهبي متڀيد ۽ ان جي اثرن سميت مختلف مامرن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. سنڌي ميڊيا بابت خيال ۽ اپٽار؛ سنڌي ميڊيا تي ڪانفرنس ۾ گهڻيون ڳالهيون ٿيون، جيڪي مان پڻ ضروري سمجهان ٿو ته سنڌي پڙهندڙن کي پڻ ان باري ۾ ڄاڻ ملي سگهي. واشنگٽن مان آيل ڊاڪٽر حيدر نظاماڻي چيو ته ميڊيا جي واڌاري جي ڪري سماجي طور ڪيئي تبديليون آيون آهن. اڳي هڪ سنڌي اخبار جيڪا ٿاڻي ۽ مختيارڪار جي بدلي کان اڳتي نه ٿي سوچي سگهي، هاڻي سنڌي ميڊيا جي بهادري واري ڪردار جي ڪري گهڻيون تبديليون آيون آهن. سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪري سنڌي ٻولي جي بچاءَ جا ڪيترا نوان موقعا پيدا ٿيا آهن پر ساڳئي وقت سنڌي ٻولي ۾ بگاڙ جو گهڻو اظهار پڻ ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ٻوليءَ جي ڄاڻو سب ايڊيٽرن کي اخبارن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. آمريڪا ۾ موجود پرجوش سنڌي ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽي جو خيال آهي ته دنيا ۾ جيڪي به نوان تصور اچن ٿا، انهن کي استعمال ڪرڻ ۾ سنڌي ماڻهن ۾ اول ڊپ هوندو آهي، ان عرصي ۾ ٻيا نسل ۽ صوبا سنڌين کان اڳتي نڪري وڃن ٿا، جنهنڪري سنڌي ماڻهن لاءِ اهڙي ماحول ۾ جاءِ گهٽ بچي ٿي. بي بي سي لاءِ واشنگٽن ۾ ڪم ڪندڙ جاويد سومري جو خيال آهي ته سنڌي ماڻهن جي مدد سان ۽ انهن جي واسطي ميڊيا تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. مختلف تاريخي ڳالهيون پيش ڪندي خالد هاشماڻي ٻڌايو ته سٺ جي ڏهاڪي ۾ ڪجهه مئگزين هوندا هئا، جيڪي سنڌي ماڻهن جي حقن جي باري ۾ عوام سان گڏ جدوجهد ۾ مصروف هوندا هئا، پر اڄ گهڻيون اخبارون ان ميدان ۾ نڪري پيون آهن. مملڪتي وزير ايم اين اي شگفتا جماڻي چيو ته ميڊيا تي ڪابه پابندي ناهي. ٻين صوبن جي نسبت اسان وٽ سنڌي چينل ڪم ڪري رهيا آهن. انهن سمورن ادارن ۾ واڌاري ۽ سڌاري جي ضرورت آهي. اليڪٽرانڪ اظهار جي ڪري پرنٽ ميڊيا جي حيثيت گهٽ ٿي آهي. پر ميڊيا جي ڪري ڪيئي ڳالهيون سامهون پيون اچن. تمام گهڻا ليکڪ ڌاڙيل ڪلچر کي جاءِ ڏين ٿا. پر نورالهديٰ شاهه ، غلام نبي مغل ۽ ٻيا ڪٿي آهن؟ جرمني مان پڙهي آيل ڊاڪٽر علي گل ميتلي ٻڌايو ته ڪي ماڻهو ميڊيا جي اخلاقيات تي ڳالهائين ٿا. اسان کي مڪمل خبرداري سان ڪم ڪرڻو پوندو، ميڊيا جي روين توڙي ان جي پيش قدمين تي نگاهه رکڻي پوندي. اهڙي طرح سهيل ميمڻ ، ڊاڪٽر قمر افغان ۽ ٻين پڻ ميڊيا تي سراسري ڳالهائيندي چيو ته اسانجي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي عمر ٿوري آهي. اسانجا ڪيئي ماڻهو ميڊيا جي رپورٽرن جي ڪرپشن تي ڳالهائين ٿا پر ان کي سماج ۾ موجود ڪرپشن کان ڌار ڏسن ٿا. منهنجي خيال ۾ سنڌي رپورٽرن وانگر سڄي ملڪ جي ميڊيا ۾ اها ڪرپشن موجود آهي. جنرل ضياءَ جي دور ۾ مشهور انڊرگرائونڊ سياسي ڪارڪن مرحوم پناهه جگر سنڌي جي نياڻي بختاور خاصخيلي ٿائيلينڊ مان آيل هئي. هن انگريزي ۾ ماسٽرس ڪئي آهي. هن کي پرڏيهه ۾ اسڪالرشپ ملي، اڃا پڙهي پورو نه ڪيائين ته سندس اهليت جي ڪري کيس انگلش ٽيچر جي نوڪري ملي وئي. انگريزي ٽيچر بختاور سنڌي عورتن کي انگريزي پڙهڻ ۽ انهن کي سنڌ ۾ بهترين ٽيچر بنائڻ جو حوصلو ۽ مشن پنهنجي دل ۾ رکي ٿي پر پنهنجي والد وانگر مفلسي اڃا ساڻس بي وفائي نه ڪئي آهي. سمورين ڳالهين ۾ سنڌين لاءِ اها اپيل موجود هئي ته اهي ڪراچي شهر جي مالڪي لاءِ پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻين، جيڪي به شاهوڪار سنڌي آهن سي ادارا کولين، انهن مان ڪي سنڌي ڪجهه ذهين سنڌين جي وارثي ڪري انهن جي زندگين ۾ تبديليون آڻڻ لاءِ اڳتي اچن. ننڍن ننڍن شهرن ۾ “شهري سوچ” وڌائڻ ۽ وڏيرڪي سوچ کي تڙڻ لاءِ هر فرد پنهنجي پنهنجي ڪوشش ڪري. ڪانفرنس ۾ ڇهه عورتون ۽ اهم وفد پڻ شريڪ ٿيا، جن ۾ پاڪستان مان مملڪتي وزير شگفتا جماڻي، ٿائيلينڊ مان معروف روپوش ڪامريڊ مرحوم پناهه جگر سنڌي جي نياڻي بختاور خاصخيلي، مسز ڪامنا ماٿر، لنڊن ۾ پڙهندڙ مس اقصيٰ لغاري، هالينڊ ۾ ڪم ڪندڙ انگريزياڻي ميگي مرفي ۽ هن ڪانفرنس لاءِ واشنگٽن مان آيل سنڌ مانيٽر جي سيڪريٽري هانا برش موجود هيون. جڏهن ته ٻين اهم وفدن ۾ ڪانفرنس جا ميزبان منور لغاري ۽ ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو ، جاپان مان مشتاق ميمڻ، آمريڪا مان خالد هاشماڻي، ڊاڪٽر مير حيدر ٽالپر، ڊاڪٽر آفتاب قاضي، ڊاڪٽر حيدر نظاماڻي، نجم ميمڻ، پروفيسر شنڪر لکواڻي، بي بي سي جو جاويد سومرو، دبئي کان مون سميت ڊاڪٽر قادر سرڪي، پاڪستان مان اياز لطيف پليجو ۽ سگا جو ولي محمد روشن، لنڊن مان ڊاڪٽر قمر افغان، ڊاڪٽر علي گل ميتلو، امير ابڙو، مختلف سنڌي شاگرد ، اسڪاٽلينڊ ۾ سنڌي مرد نرسن جي تنظيم ”سنڌي سنگت “ جو نثار گلال، سائين بخش پتوجو ۽ فرانس مان انتساب سڌايو ۽ ٻيا موجود هئا.
جواب: سنڌ جي سک لاءِ مليل صلاحون! جس هجي انهن سڀني دوستن کي جي سنڌ جي آجپي جي جدوجهد ۾ پاڻ پتوڙن ٿا ۽ پنهنجي هڙان وڙان خرچ پکا ڪري وڃي سنڌ جي ڳالهه کي پاڻي ڏين ٿا ۔۔۔ ڦڙي ڦڙي تلا ٿيندو آهي ۔۔۔ اميد ته هڪ ڏينهن اهي سڀ ڦڙيون گڏ ٿي وڏ ڦڙو وسائينديون ۽ سنڌ جي سِڪائتي سُڪل زمين تي سارنگ جا گيت ڳائبا ۔۔۔ مهربانيون ۔۔۔