السلام عليڪم ڪجھ دوست اهڙا به آهن جن وٽ ائنڊرائيڊ فون نه هوندو آهي يا هوندو ته انهن کي سافٽوير انسٽال ڪرڻ جي صلاحيت ناهي هوندي. ڪجھ وري دوست سافٽوير انسٽال ڪرڻ لا پنهنجي سيٽ کي روٽ ڪندا آهن.پر ڪنهن وٽ ائنڊرائيڊ فون آهي ئي نه. انهن دوستن لا مان اڄ هڪ ٽوٽريل کڻي آهيو آهيان جنهن سان توهان پنهنجي ڪميپوٽر کي سمارٽ فون بڻائي سگهو ٿا گهنا ئي دوست وري بليو اسٽيڪ يا ٻي ڪي سافٽوير انسٽال ڪندا جيڪي هلڻ ۾ سست هوندا آهن يا ڪنهن ڪنهن پي سي ۾ بليو اسٽيڪ ناهي هلندو.پر مان هڪ نئون ۽ آسان طريقو توهان کي ٻڌائيندس.جنهن سان توهان پنهنجي ليپ ٽاپ يا پي سي کي بڻائي سگهو ٿا ائنڊرائيڊ سمارٽ فون سڀ کان پهرين ائنڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم ڊائونلوڊ ڪريو.جيڪوISO فائيل ۾ آهي جيڪو تقريبن 360 ايم بي جو آهي. ان کان بعد يو ايس بي جي ذريعي بوت ائبل بڻايو. يو ايس بي کي بوٽ ائبل بڻائڻ لا هي سافٽوير ڊائونلود ڪري پو انسٽال ڪريو. پو دائونلوڊ ڪيل آپريٽنگ سسٽم جو فائيل برائوز ڪريو.۽ اوڪي تي ڪلڪ ڪريو.ٿورو انٽطار ڪريو.توهان جي يو ايس بي بوٽ ائبل ٿي ويندي. مون اڳ ۾ ئي يو ايس بي بوٽ بڻائڻ جو طريقو ٻڌايو آهي.ان ذريعي به يو ايس بي کي بوٽ ڪري سگهو ٿا.جيڪو هي آهي. سڀ کان پهرين هي سافٽوير ڊائونلوڊ ڪريو ۽ پو اوپن ڪريو۔۽ پنهنجي يو ايس بي لڳايو۔ مٿي فوٽو ۾ ڏنل تير جو نشان آهي ان تي ڪلڪ ڪري iso ٺاهيل فائيل ڏيو ۽ اسٽارٽ تي ڪلڪ ڪريو پو هي آپشن ايندو۔جيڪو فارميٽ جو پچندو۔ اتي اوڪي تي ڪلڪ ڪريو۔ بس ڪجھ منٽ انتظار ڪريو ۽ پو توهان جي يو ايس بي بوٽ ائبل ٿي ويندي۔۔۔۔ بوٽ ٿيڻ کان پو پي سي کي بند ريسٽارٽ ڪري بوٽ آپشن مان يو ايس بي کي فرسٽ تي رکو ان کان بعد سسٽم آن ٿيڻ تي ئي توهان کان پڇو ويندو ته ونڊوز ڪرڻي يا ائنڊرائيڊ ته ته توهان live Android without installation تي ڪلڪ ڪريو ۽ انجوا ڪريو وڌيڪ سمجھ ۾ نه اچي ته هتي ئي پڇي سگهو ٿا. اميد ته سمجھ ۾ اچي ويو هوندو.
اينڊرائيڊ SDK به انسٽال ڪري سگهو ٿا. جنهن جون ٻه وڏيون خاصيتون آهن. توهان ان جي سيٽنگ ڪري ڪو به موبائل توڙي ٽيبليٽ پي سي تيار ڪري سگهو ٿا، نه صِرف اهو بلڪه اينڊرائيڊ واچ ، گوگل گلاسز ۽ اينڊرائيڊ ٽي وي به تيار ڪري ٿا سگهو. هڪ ئي وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ ڊيوائس مختلف ڪنفيگيوريشن (ريم، پروسيسر، ميموري ۽ سيسرز وغيره وغيره) سان تيار ڪري ٿا سگهو.
ادا، اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم کي ليپ ٽاپ يا ونڊوز تي اسان هلايو آهي. پر ان ۾ گيمز ڊائنلوڊ ڪري اسان هلائڻ جي ڪيون ٿا ته انفارچونيٽلي اسٽاپ جو ايرر ڏيکاري ٿو. مهرباني ڪري آگاهي ڪندا.