آ علي نواز آريسر، منهنجي سُڃاڻپ ليکڪ. منهنجا 6 ڪتاب ڇپيل آهن. زندگي آزادي ۽ محبت (ترتيب) مانجهي مڻيادار (سوانح) جي مون سانڍيا ساهه ۾ (خاڪا) قومي تحريڪ جا شهيد (ون يونٽ کان هيل تائين) بهار آندا پُٽن جا لاشا (ترتيب) سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو (ڇپائي جي مرحلي ۾) سنڌ جي ملهه جي تاريخ ( تياري هيٺ) ان کانسوا لاتعداد مضمون، مقالا، ڪتابن تي تبصرا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. آ هن وقت قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهيان. سڀني سنڌ واسين کي منهنجا سلام
ادا ڪٿي به ناهي لکيل ته پنهنجو مواد رکو ويب سائٽ جي ڊيسپلي تي جئين باقي موادن جا آپشن آهن تئين پنهنجي طرفان مواد رکڻ جو آپشن به سامهون اچڻ گهرجي هتي ته مون کي ڪو به آپشن نظر نه ايو
ادا ته هتي ڪلڪ ڪريو اميد ته اوهان کي سمجهه ۾ اچي ويندي.... پهرين اوهان مڪمل تور سنڌ سلامت سکيا گهر جي سبقن کي پڙهو پو اوهان کي خبر پئي جي ويندي
نه نه ڪا ڳالهه ڪونهي اسان هتي اهو ئي سمجهائڻ لا ته ويٺا آهيون جئين ڪو نئون رڪن اچي هن جي رهنمائي ڪيون جي اڃان ڪا ڳالهه ۾ سمجهه ۾ نه اچي ته ٻڌايو اهو به ٻڌائي ڇڏيون مهرباني
ادا ڪا ڳالهه ناهي. ٿي ويندو آهي تڪڙ ۾ منهنجو نالو عبيد آهي عبيد معنى ٻانهڙو ، عبيدالله معنى الله جو ننڍڙو ٻانهڙو. ۽ عبدالله معنى الله جو ٻانهو ، ته ٻانهو ۽ ٻانهڙو ۾ فرق آهي آئون ننڍڙو آهيان وڏو ناهيان.. ادنى آهيان اعلى ناهيان. ان ڪري توهان کي چيم.
مهربانيون سڀني دوستن جون، پر دوستو مون کي ڪير سمجهائيندو ته پنهنجون تحريرون ڪاپي ڪري سنڌ سلامت تي رکان ته ڪيئن رکجن؟ طريقو نمبر 13 ٻڌائي سگهو ته واهه واهه
جي ادا مان مٿي سمجهاڻي واري لنڪ ڏئي به آيو آهيان هتي به ڏيان ٿو اميد ته اوهان سمجهي ويندا جي اوهان پهرين سنڌ سلامت سکيا گهر جو ڀيرو ڀريو يا هتي ڪلڪ ڪري اوهان سمجهي سگهو ٿا