رات جو ٽيڙو مون کي چوڻ لڳا، اسان هڪٻئي سان ڳلهائي ڳلهائي ڪڪ ٿي پيا آهيون، اسان سان ڇو نٿو ڳلهائين؟ مون آڪاش ڏانهن ڏﭠﻮ ته مون مان تنهائيءَ جو احساس گم ٿي ويو. ” هي ڪروڙين تارا منهنجا سنگتي آهن.“ مون سوچصو مان تنها ڪٿي آهيان! اڄ نه سڀاڻ مان انهن وٽ موٽي وڃڻو آهيان. هائو جن جو آهيان انهيءَ وٽ موٽي وڃڻو آهيان. اڄ نه سڀاڻ جلاوطني ختم ٿيڻي آهي هن اجنبي ديس نا اجنبي ماڻهو منهنجيءَ ٻولي کي اجنبي سمجهن ٿا، انهن سان آءُ ڳلهايان به ته ڇا، جي نه ڳلهايان به ته ڇا، منهنجا هم زبان ته اهي تارا آهن جي منهنجي ٻوليءَ ڄاڻن ٿا، جي منهنجا پراڻا هم وطني آهن، جن جي سنگت مون کي ورثي ۾ ملي آهي“ شيخ اياز
ڳالهه مبهم آهي.. پر غور ڪرڻ تي ڪافي ڳنڍيون کُلي وڃن ٿيون.. ڇا توهان ٻڌائي سگهو ٿا.. شيخ اياز جي هنن لفظن ۾ ڪهڙو درد ۽ پيڙاء هو يا ڪو خاص پيغام هو جنهن توهان کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو..