السلام عليڪم ، سنڌسلامت دوستو.
اميد ته ٺيڪ ٺاڪ ٽهڪندا مسڪرائيندا هوندا.
جيئن ته سنڌسلامت ۾ ڪوبه موضوع موڪلڻ تمام آسان آهي ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن موضوع غلط به پوسٽ ٿي ويندو آهي يا ساڳيو ئي ٿريڊ (موضوع) ٻه ڀيرا پوسٽ ٿي ويندو آهي ته ان کي ختم ڪرڻ لا موضوع جي تحرير ۾ انتظاميه کي ٽيگ ڪيو ويندو آهي، انتظاميه وٽ نوٽيفڪيشنز جو تعداد به گهڻو هوندو آهي ته وقت به گهٽ پو اڪثر ان موضوع کي دير سان ڏسندا آهن ۽ ايستائين موضوع ۾ ڪافي تحريرون به اچي وينديون آهن . جيئن تازو ئي هڪ دوست سائل مهراڻ جي آئي_ڊي تان ڪنهن هڪ غلط مواد پوسٽ ڪري ڇڏيو هو ۽ پو سائل مهراڻ سائين سليمان وساڻ کي به ٽيگ ڪيو ته هن موضوع کي ختم ڪيو وڃي.
ته اڄ آئون توهان کي ٻڌايان ٿو ته غلط موضوع کي سنڌسلامت تان ڪيئن ڊليٽ ڪجي، ڊليٽ ڪرڻ ته انتظاميه جي وس ۾ آهي پر ڪجهه اختيار عام رُڪن کي به هوندا آهن.
ته سڀ کان پهرين اهو موضوع کوليو جيڪو غلطي سان پوسٽ ٿي ويو هُجي.
هڪ : موضوع جي پهرين تحرير جي هيٺ لکيل ”شڪايت ڪريو“ تي ڪلڪ ڪريو.
ٽي: موضوع جي شڪايت ڪرڻ جو سبب لکو.
ٻه:” تحرير جي شڪايت ڪر“ تي ڪلڪ ڪريو.
ائين ڪرڻ سان تُرت اطلاع انتظاميه طرف ويندو ۽ انتظاميه ان موضوع يا تحرير کي جلد ختم ڪري ڇڏيندي.
جيڪڏهن اڃا به سمجهڻ ۾ ڏُکيائي ٿئي ته ٻڌايو.