• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اي خدا تون ڪٿي آهين .... !!!

آزاد خاصخيلي

سينيئر رڪن
اي خدا تون ڪٿي آهين!
اي خدا تون هيٺ لهي آ،
ڏس! اڄ پشاور ۾ زندگي رُڪجي وئي آ،
زندگي کي خوشبو سان واسيندڙ گل ڪومائجي ويا آهن،
بهارون خزان ۾ بدلجي ويون آهن.
سڀ معصوم ڪليون هميشه لا خاموش ٿي ويون آهن،
ڏس! سڀ ته غم ۽ ڏک ۾ ڏکارا آهن،
مائرن جون سسڪيون ۽ آهون،
اُڀ کي ڏاري وجهندڙ هي بي معنى رڙيون،
بي عنوان ڏک ۽ جيجل جي خالي ٿيل جهولي،
توکي ڏسي رهيون آهن،
توکي پُڪاري رهيون آهن،
توکي پاراتو ڏئي رهيون آهن،
توکان پُڇي رهيون آهن،
اي خدا تون ڪٿي آهين !
اي خدا تون هيٺ لهي آ،
ڏس! پوڙهن پيئرن جا نير وهندڙ آهن،
ڪلهن تي چڙهي لاڏ ڪوڏ مان ٽپا ڏيندڙ،
معصوم ٻار اڄ رت ۾ لت پت آهن،
ڏس! تنهنجي سڃاڻپ جا گس ڏسيندڙ استاد،
۽ توکي ڳولي لهڻ لا آتا خُٿابي،
رت هاڻن لٽن ۾ آهن،
ڪي موت ۽ زندگي جي وچ ۾
توکي پڪاري چئي رهيا آهن،
اي خدا تون ڪٿي آهين !
اي خدا تون هيٺ لهي آ،
ڏس! ته ڇا هي اُهو ئي تنهنجو نائب آهي،
جنهن کي نوري مخلوق سجدو ڪيو هو؟؟
اي خدا تون هيٺ لهي آ،
۽ ڏس تنهنجي جنت نظير دنيا سان ڪيڏو ويل آ،
تنهنجي پيارن سان ڪيڏو نه ويڌن آ،
اي خدا تون ڪٿي آهين !
اي خدا تون هيٺ لهي آ،
ڏس! اڄ درندن شيطان صفت دهشتگردن ڪيڏي نه
باھ ٻاري آ، ماتم برپا ڪيو آ،
تون لهي آ.... تون لهي آ،
اي خدا تون ڪٿي آهين....!!!
اي خدا تون هيٺ لهي آ....!!!
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ڪلهه ان حوالي سان سنڌي ڊائريڪٽر تاج ڪُمار هيراڻيءَ جي فلم پي ڪي ڏٺم. آءُ چوان ٿو مذهب (ڪهڙي به) جي ٺيڪيداريءَ جي دعوى ڪندڙن کي اها فلم ضرور ڏسڻ گهُرجي.
ان جو هڪ گيت به ٻُڌڻ وٽان آهي.
 
Back
Top