• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سامراجي ڪ.تا ڀلي ڀونڪندا رھن ٖخاڪي جوئي

سامراجي ڪتا ڀلي ڀونڪندا رھن ٖ
پاڻ کي ھاڻ آزاد گھرجي وطن.
جنگ جاري رھيٖ جنگ جاري رھي ٖ
ويرين جي مٿان وار ڪاري رھي
ڪو به پرتي نه مزدور ھاري رھيٖ
ساھ سر جو کڻي سڀ آھو اچن ٖ
پاڻ کي ھاڻ آزاد گھرجي وطن.
ڏاڍ جي ڏونگرن کي اچو ڏاريون ٖ
ظالمن ٖجابرن کي به للڪاريون ٖ
ديس تان ڪاريون ڪڪريون ٽاريون ٖ
پانھنجا پاريون واعدا ۽ وچن .
پاڻ کي ھاڻ آزاد گھرجي وطن.
آء زندان ٖ زنجير ٽوڙي ڇڏيون ٖ
ڪنڌ مغرور کي اڄ مروڙي ڇڏيونٖ
ظلم ٖ بيداد ٖ ناحق نھوڙي ڇڏيون ٖ
ڏاڍ- ڏونگر ۾ ڏھڪار ڏاڍا پون ٖ
پاڻ کي ھاڻ آزاد گھرجي وطن .
سامراجي ذھن آھ سھڪي اٿيو ٖ
بم ٖ بارود ٖ گولن سان بھڪي اٿيو ٖ
خون پنھنجو به اڄ آھ ٽھڪي اٿيو ٖ
ديس دشمن دروھي ڪبو دفن ٖ
پاڻ کي ھاڻ آزاد گھرجي وطن.
ڪنڌ پنھنجا وطن تان ڪٽائي ڇڏيون ٖ
دين دنيا وطن تان لٽائي ڇڏيون ٖ
پاڻ پنھنجو وطن تان مٽائي ڇڏيون ٖ
گھوٽ اڻموٽ ٿي ٖ ريج ريٽا ڏجن ٖ
پاڻ کي ھاڻ آزاد گھرجي وطن .
ڊوھ ڊھندو رھي ٖ سنڌ ٺھندي رھي ٖ
وک ھر وير جي اڳتي وڌندي رھي ٖ
پاڻ کي رھبري راھ ملندي رھي ٖ
حوصلي ساڻ ھمراھ ھلندا ھلن ٖ
پاڻ کي ھاڻ آزاد گھرجي وطن .
ڪو ڪٽارو کڻي ٖ ڪنڌ ڪوري ڏجي ٖ
سنڌ جي گود ۾ گھور گھوري ڏجي ٖ
حق جو ھي ھوڪو نه ھوري ڏجي ٖ
جابرن جا ڀلي جي جيرا جلن ٖ
پاڻ کي ھاڻ آزاد گھرجي وطن.
رات گذري وڃي ٖ ڏينھن اڀري اچي ٖ
منزلن ڏي قدم پنھنجو نڪري اچي ٖ
ساٿ سرواڻ سوڍن جو سنڀري اچي ٖ
چوڏسن کان فتح جا نغارا وڄن ٖ
پاڻ کي آزاد گھرجي وطن.
واٽ ورندي رھي ٖ ڏاڍ ڏرندو رھيو ٖ
وقت ويري ھيو ٖ پو به ورندو رھيو ٖ
مڱ منڱتو مڱڻھار گھرندو رھيو ٖ
چوريان چنگ ٖ ڪاپار ڪوڙين ڪرن ٖ
پاڻ کي ھاڻ آزاد گھرجي وطن
 
Back
Top