• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪاش 70 مائرن مان ڪا هڪ ماءُ ئي سندس ٻچڙن کي بچائي سگهي ها...هڪ زخمي،

هوٽل تي دوستن سان ڪچهري، ڪچهريءَ ۾ وڏا وڏا ٽھڪ، اچانڪ زوردار ڌماڪو، حراس…هوا ۾ دوهون.
ڊوڙندڙ ماڻهو، هڪ ٻئي ۾ وچڙندڙ، هڪ ٻئي سان ٽڪرجندڙ، روڊ تي رش، ڪِريل ٻه شخص، مرڻينگ حالت ۾…ڪنهن کين رڪشا ۾ وڌو. اسپتال پڄايو، هنن کي جلدي اسپتال پڄايو...رڙيون !
وڏا پيٽ ٻاهر نڪتل، ٻَچي ڦريل پوليس وارن جا روايتي گشت...روڊ تي.
دوڪان بند…محفوظ شيرمال واري کان سواءِ...شيرمال واري کي زوردار لپاٽ، دوڪان بند ڪر تنهنجي ماءُ کي ج...!
دوڪان بند...اونداھ.
خبر پئي انهن ٻن ڄڻن منجهان هڪڙو مري ويو
هر طرف خاموشي...اونداھ
اونداھ ۾ روڊ تي باهيون...سڙندڙ ٽائر. شور !
روڊ بلاڪ. رينجرز جي نفري...روايتي ڊائلاگ. خاموشي…!
بيريئرز هٽيا. گاڏين جي آمدرفت جاري...
دوڪان کليا…شور...
شور ۾ ماٺي ٿيل ڳالھ...ڳالھ ختم !
ڪاش 70 مائرن مان ڪا هڪ ماءُ ئي سندس ٻچڙن کي بچائي سگهي ها...هڪ زخمي، ٻيو فوت.
 
Back
Top