• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان هڪ سنڌڻ، مان سنڌي جي وارث آهيان

ابو مُرڪ

سينيئر رڪن
رشمي راماڻي

مان پيدا ٿيس آزاد ديس جي ان علائقي ۾،

جتي مان فقط هڪ ”سنڌڻ“ هيس.

ڪلهه تائين جڏهن مون نه سکي هئي پنهنجي ٻولي،

نه پڙهيو هو ان باري ۾،

ته،

ڪير هئا سنڌي؟ ڪيئن هئي سنڌ؟

ڪٿان پيدا ٿي سنڌي ٻولي؟

ڇا آهي اسان جي وراثت؟

اڻڄاڻ هيس مان ان جذبات کان،

جيڪو سمايل هوندو آهي

ڪنهن جاتيءَ جي باشندي جو سرير ۾،

رت – ماس جيان!

مون،

نه ڏٺي سنڌ،

نه محسوس ڪئي سنڌ جي آبهوا.

نه سوچيو ڪڏهن پنهنجيءَ روايت ۽ ورثي جي باري ۾.

پر،

اڄ محسوس ڪري رهي آهيان

سنڌوءَ جو وهڪرو

پنهنجي رت جي روانيءَ ۾

اندر ۾ نظر ٿي اچي سنڌ جي اداس زمين،

مرانجهڙو آڪاس،

شاهه جي سورمين جا مايوس چهرا.

هاڻي،

موهن جو دڙو منهنجي لاءِ ڀترن جو ڍير نه اعليٰ سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ جو مرڪز آهي.

ڇا؟

انسانن جي وجود ۾ سمايل هوندو آهي هنن جي جاتيءَ سَثُ؟

اچانڪ،

ايتري شدت سان ڇو ٿو محسوس ٿئي

ته

مان هڪ سنڌڻ،

مان هڪ سنڌڻ،

مان هڪ سنڌڻ،

مان سنڌي جي وارث آهيان
 
Back
Top