مذهب جي نالي سان فساد

'ڏوراپن جو ڏيهه' فورم ۾ ساجد علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2014۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. ساجد علي چانڊيو

    ساجد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 اپريل 2014
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    120
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ميهڙ ، دادو
    سلام دوستو اميد ته خوش هوندو ..
    ڪافي ڏينهن کان پو جيئن سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀريم ته عقل جي انتها نه رهي اسان سنڌين ۾ اسلام جي نالي سان فساد ڏسي ڏاڌو ڏک ٿيو منهنجا سنڌ سلامت کي هلائڻ وارا دوستو هن سنڌ سلامت تي اسلام جي تعليم نالي ٿيندڙ فساد حد کان وڌيڪ ٿي چڪا آهن جنهن جي شاهد مثال هڪ نه ڪئي موجود آهن اوهان کي گزارش ڪجي ٿي ته اوهان سنڌ سلامت فورم تان اهي سڀ تحريرون هٽايو ۽ آئنده لا اسلام جي نالي سان ٿيندڙ تمام فسادن جا ساٿي نه ٿيو هي فورم خاص اسلامي فورم ناهي هي مناظرن ڪرڻ جو فورم ناهي.
    اوهان انتظاميه کي آگاه ڪجي ٿو ته اوهان تمام فساد وارا مواد ختم ڪريو ۽ آئنده ڪنهن کي به اجازت نه ڏيو ته اهي اچي ڪري مناظرو ڪن ٻي صورت ۾ وڌيڪ به ڪجه ڪري سگهجي ٿو. والسلام
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    ادا ساجد علي چانڊيو صاحب منهنجي هڪ موضوع تي نگاه پئي جنهن کي انتظاميه بلاڪ ڪيو هيو ، مان تمام گهڻو حيران ٿيس ته هڪ پاسي هڪ ٻي کي ڪافر چيو ٿو وڃي ته انتظاميه ڏسي ڪري اُن کي اڻ ڏسو ڪري ڇڏي ٿي .
    اهو موضوع يزيد ملعون جي باري ۾ هيو ته هو ظالم آهي جنهن تي الله جي لعنت آهي
    اهو موضوع اسان جي دوست ذيشان رشيد صاحب کي ڏکيو لڳو تنهن ته سائين جن هن کي بلاڪ ڪيو پر هاڻي ته اسان هتي ڇا مان ڇا ڏسي رهيا آهيون
    هو ان ڪري بلاڪ ٿي ويو جو هن سان دوست جي دل آزاري پئي ٿئي هاڻي دوست هڪ ٻي کي ڪافر ثابت ڪرڻ تي لهي آيا آهن اُتي ادا سائين جي نگاه نٿي پوي لڳي ايئن ٿو ته ادا سائين به انهن دوستن سان متفق آهن
    اوهان جو ۽ ٻين دوستن جون گذارشون ڪنهن به حصي ۾ نه لکيون وينديون
    خدا انهن دوستن کي سمجه عطا ڪري آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مون گهڻو ... تمام گهڻو اڳ ان بابت لکيو به هيو ۽ احتجاجن سنڌ سلامت کي الوداع ڪيو هو .... پر اڪثريت دوستن جي منهنجي مخالفت ڪندي اسلام سيڪشن ۽ اهڙن تڪراري بحثن جي حمايت ڪندي لکيو هو ته انهن مان گهڻو ڪجهه سکڻ لاء ملي ٿو .... پر مان چوندس ته اهي موضوع سواء ڪلفت، ڏک ۽ صدمي جي ٻيو ڪجهه به نه ٿا ڏين. ڄاڻائي يا اڻ ڄاڻائي ۾ ڪيترن ئي مقدس ۽ مانوارين اسلامي شخصيتن تي الزام تراشي ٿئي ٿي .....

    مان به ان ڳالهه جو حامي آهيان ته اهڙا ليک نه لکيا وڃن ۽ انهن تي پابندي هجڻ گهرجي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا ساجد علي چانڊيو اوهان جيان اسان به ڏُکارا آهيون. پر ڇا چئجي؟ ڇا ڪجي؟ ڪيئن ڪجي؟ ڪُجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي. افسوس جو هڪ طرف اسان موهن جي دڙي جا ماڻهو سڏائي پنهنجي عظيم ۽ قديم هُجڻ جا دعويدار آهيون ته ٻي طرف وري ڪُجهه صديون اڳ وڏڙن جي الائي مجبورين يا الاء مصلحتن تحت قبوليل مذهب ۾ ايڏو عجيب انداز ۾ جڪڙي پيا آهيون جو هاڻ لڳي ٿو امنِ عالم ۾ مذهب جي ذميداريءَ بس رُڳو اسان تي ئي اچي بيٺي آهي. اسان اهو ڪم (جنهن ۾ سواءِ وڙهڻ، گهٽ وڌ ڳالهائڻ ساڳيا ساڳيا دليل ورائي ڏيڻ جي ٻيو ڪُجهه ناهي) ڇڏي ڏنو ته خدانخواسته ٻي ڏينهن ئي مذهب ختم ٿي ويندو.
    پر ٿورو ٿڌي دماغ سان سوجچي ته اسان هن وقت ڪٿي بيٺا آهيون. اسان جون حالتون ڪهڙيون آهن؟ ڇا اسان جا سڀ بُنيادي مسئلا ۽ لوازمات ختم ٿي چُڪا آهن جو واندا ٿي انهيءَ ڪم ۾ لڳا آهيون. مون کي انتهائي افسوس سان لکڻو پئي ٿو هيٺين ڳالهين کان سواءِ ٻيو ڪو به مقصد ناهي اهڙن بحثن ۽ اُلر بازيءَ جو.

    • اهو سوچي بحث ڪرڻ ته ڪونه مڃبو ڪهڙا به دليل اچن.
    • ٻي کي گهٽ/غلط ثابت ڪبو پوءِ دليلن سان يا اُلر ڪري.
    • معزز هستين (پوءِ هر ڪنهن جي نظر ۾ الڳ الڳ) جي توهين.
    • اڪثر ڪري ٻي کي بيزار ڪري چُپ ڪرائي خوش ٿيڻ ته ”ماري ويس“.

    اهو ته ٿيو مسئلي جو بيان. پر هاڻ ڳالهه آهي حل جي . . . . . حل لاءِ انتظاميه پاران ڪافي دفعا گڏجاڻي ٿي. ڪافي تجويزون آيون. اڪثريت جي راءِ هُئي ته مذهبي سيڪشن بند ڪجي. پر جيئن ته هي فورم انتظاميه جي ملڪيت ناهي. هي سڀني سنڌين جو ترجمان فورم آهي جتي سڀني جي راين کي احترام آهي. تنهن ڪري سڀني رُڪنن جي راءِ اچڻ به ضروي هُئي. انتظامي لڏي مان ڪُجهه جي اها راءِ هُئي ته ان کي ڪنهن نموني پسِ پرده رکندي هلڻ ڏجي جو هڪ پاسي اهو جهيڙو ٿئي ٿو ته ٻي طرف معلومات به ملي ٿي.
    هاڻي انتظاميه سان گڏ دوستن تي به ڇڏجي ٿو ته رُڳو هڪ سوال جو جواب کپي.

    ڇا ملندڙ معلومات کي هن جهيڙي ۽ اُلر بازيءَ تي سمجهوتو ڪري حاصل ڪندو رهڻ گهُرجي يا اهو مهانگو سؤدو آهي؟ جيڪڏهن جواب ها ۾ آهي ته ڇا اسلام سيڪشن بند ڪري ان ۾ آيل هيستائين سڀ اختلافي موضوع رڪارڊ تان هٽايا وڃن؟
    منهنجو پنهنجو هڪ رُڪن طور اهو جواب آهي ته بلڪل بند ٿيڻ گهُرجي. ڪَن ڇنندڙ سون گهوريو ئي ڀلو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. kreem khan

    kreem khan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 نومبر 2014
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    77
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا اوهان دوستن جي بيزاري بجاءِ آهي بلڪل هي سيڪشن ئي بند ٿيڻ گهرجي. يقين ڪريو هي جيڪي دين جي نالي تي ذلالتون ٿي رهيون آهن هنن جي ڪري مسجدون مدرسه بند ٿيڻ گهرجن. هتي انسان جي ضرورت آهي مذهبن جي جي ضرورت ناهي. مذهب انسان لاءِ هوندا آهن انسان مذهبن لاءِ ناهن هوندا. ڪعبي کان قيمتي آهي مومن جي جان. مونکي خبر ناهي ته مومن ڪير آهي؟ ڪير ناهي؟ پر هي جيڪا انسانيت جي قتل ٿي رهيا آهن مذهبن جي نالي تي ان جي هر مڪتب کي بند ٿيڻ گهرجي.

    هي فورم جيڪو محبت ڀريو فورم هو جنهن تي ڪجھ ماڻهن هي ذلالتون اچي ڦهلايون آهن انهن کي بلاڪ ڪيو وڃي.
    پنهنجي صفن مان نفرتون ڦهلائيندڙ ڪڍي ٻاهر ڪريو ته جيئن اوهان سڪون سان سمهي سگهو اوهان آرام سان ڪاروبار ڪري سگهو اوهان جا ٻچا آرام سان پڙهي سگهن. مرڻ کان پوءِ هنن بحثن جي بنياد تي آرام يا بي سڪوني جو فيصلو نه ٿيندو بلڪه فيصلو ٿيندو اوهان جي اعمال تي جنهن عمل جو انجام دنيا ۾ بهتر ان جو انجام قيامت ۾ به بهتر جنهن عمل جو انجام هن دنيا ۾ اضطراب ان عمل جو انجام قيامت ۾ به اضطراب.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    ادا 11 سيپٽيمبر 2014 تي ڪافي عرصي کان پو جڏهن هي فورم کوليو هئو ته اها مٿئين تحرير لکڻي پئي هئي. ليڪن جڏهن اسان کي به ڪو جواب نه مليو ته پو اسان به ان مهم جو حصو بڻجي ويا سين

    جي سائين سئو فيصد ائين ئي آهي

    اوهان بلڪل صحيح ڪيو هئو
    سائين مذهبي سيڪشن کي بند ڪرڻ ته صحيح عمل ناهي البته ان ۾ ايندڙ تحريرن تي نگاهه ڪجي اگر ڪا تحرير اختلافي هجي ته ان کي فورم تان هتائي ڇڏجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ساجد علي چانڊيو

    ساجد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 اپريل 2014
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    120
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ميهڙ ، دادو
    ادا جڏهن مذهب جي تعليمات جي نالي سان نفرتون پيدا ٿين ته اهڙي تعليم ڪهڙي ڪم جي ڀلو ائين ئي آهي ته هن سلسلي کي بند ڪيو وڃي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت فورم عام زندگي سان تعلق رکندڙ هر هڪ رخ تي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي مقصد سان نيٽ تي خدمتون سرنجام ڏئي رهيو آهي.
    سنڌي قوم کي سنڌي ٻولي ۾ ايترو علم ۽ ادب جو مواد ميسر نه آهي جيترو ٻين قومن کي پنهنجين ٻولين ۾ ميسر آهي. سنڌ سلامت فورم پوري ذميداري سان سنڌي ٻولي جي ان ڪمزوري کي ڪمپيوٽر تي آن لائن رهندي پورو ڪري رهيو آهي.
    هن فورم تي انتظاميه جو ڪردار صرف اهو آهي ته سڄي دنيا جي سنڌين تائين هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪري سگهجي ، جيڪو دنيا جي هر هڪ علم کي ، مخلتف نظرين کي ، مخلتف سوچن ۽ مختلف خيالن کي سنڌي ٻولي ۾ عام پڙهندڙن تائين پهچائي سگهجي.علم هڪ اهرو بحر آهي جنهن تي بند ٻڌي ان کي مخصوص حدن اندر قيد نٿو رکي سگهجي.
    اڄ جي هن پرفتن دور ۾ جتي هر مسلڪ جو وڏو ڏينهن زورشور سان ملهايو وڃي ٿو اتي مختلف نظريا رکندڙ رڪن هڪ ٻئي سان اختلاف رکندي پنهنجي پنهنجي مسلڪ بابت ، عقيدن بابت ، ايمان بابت مختلف انداز سان ڄاڻ پهچائين ٿا.
    اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهيڙي آهي ته سنڌ سلامت تي صرف هڪ مسلڪ جي حمايت ۾ نه ڳالهايو ويندو آهي. هن فورم تي هر مسلڪ جا مضمون پڙهڻ لا موجود آهن. خالص مذهبي فورم نه هوندي به هن فورم تي مذهبي سيڪشن هر مسلڪ لا کليل آهي ۽ ڪو به رڪن بنا ڪنهن پابندي جي پنهنجي را جو اظهار ڪرڻ لا مضمون لکي سگهي ٿو. ڪنهن به رڪن جي ذاتي را سان انتظاميه جو متفق هئڻ ضروري نه هوندو آهي جهيڙي ريت سڄي دنيا ۾ ابلاغ عامه جا سڀ ذريعا پهرين کان ئي اها ڳالهه صاف صاف بيان ڪري ڇڏيندا آهن ته ليکڪ جي ڪنهن به متن سان مڪمل طور متفق هجڻ ضروري نه آهي.
    هن فورم تي اظهار را جو حق هر رڪن کي حاصل آهي، ۽ اهو هڪ بنايدي حق به آهي ته هر رڪن پنهنجي ڄاڻ کي ٻين تائين مناسب لفظن ۾ ۽ ادب اخلاق جي دائري ۾ رهي ڪري ٻين تائين پهچائي.
    هن فورم تي ڪنهن به رڪن کي ٻئي جي ذات تي حملا ڪرڻ کان روڪيو وڃي ٿو ۽ عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ خاص تنبيهه ۽ مخلتف طريقن سان پابنديون به ڏنيون وڃن ٿيون.
    هن فورم تي بحث هيٺ حساس موضوع ڪڏهن به هڪ طرفه نه رهيا آهن. انتظاميه جي هميشه انهن مضمونن تي هلندڙ بحثن تي ڪَڙي نظر رهي ٿي. جن موضوعن ۾ گرماگرمي جو رجحان نظر اچي ٿو اتي قصور ڪنهن هڪ ڌر جو نه هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو انتظاميه غير جانبداري سان کين پاڻ ۾ بحث ڪرڻ ڏئي ٿي ، انتظاميه جي پاليسي شروع کان اها رهي آهي ته هلندڙ بحثن ۾ تيستائين ڪا به رڪاوٽ يا تنبيهه نه ڏني وڃي جيستائين ٻنهي ڌرين ۾ اختلاف مهذب لفظن ۾ جاري هجي.انهي سلسلي ۾ انتظاميه پهرين کان ئي هر جواب هيٺان شڪايت جو بٽڻ به رکي ڇڏيو آهي ته جيئن ڪو به قابل اعتراض جواب پڙهڻ کان رهجي وڃي ته عام پڙهندڙ رڪن ان جي نشاندهي ڪري سگهن.
    انتظاميه کي ان ڳالهه جو به احساس ٿيو آهي ته مذهبي حساس موضوعن کي سڄي دنيا ۾ رهندڙ عام سنڌي ماڻهو تمام گهڻي شوق ۽ دلچسپي سان پڙهن ٿا ، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته اسان سنڌين ۾ مذهب بابت ۽ مخلتف اعتراضن تي بحث مباحثه، سوال جواب نهايت دلچسپي جو باعث آهن ۽ اڄ به انهن موضوعن جي اهميت گهٽ نه ٿي آهي.

    مذهبي بحث ۽ خاص طور تي اهڙي قسم جا اعتراضي موضوع ناگوار هوندي به انتظاميه کي پڙهندڙن جي دلچسپي کي ڏسندي درگذر ڪرڻا پوندا آهن. تنهن هوندي به آزادي اظهار را جي آڙ ۾ ڪنهن به رڪن کي ڪنهن ٻئي رڪن جي ذاتي يا ڪنهن عالم سڳوري يا ڪنهن مذهبي شخصيت تي سڌوسنئون حملو ڪرڻ جي اجازت نه ڪڏهن رهي آهي ۽ نه مستقبل ۾ ڪڏهن رهندي.
    سنڌ سلامت فورم مذهبي فورم نه هوندي به رڪنن کي اهو حق مهيا ڪري ٿو ته اهي پنهنجي پنهنجي مسلڪ بابت ٻين تائين ڄاڻ پهچائي سگهن ٿا ۽ غير جانبداري سان انتظاميه پنهنجو فرض پورو ڪندي رهي.. ان هوندي به ان موضوع تي انتظاميه جي گڏجاڻي هلندڙ آهي.. ۽ جتي مناسب سمجهيو ويو اعتراض ڪندڙ ساٿين سان ذاتي ڪچهري ۾ مشورو ڪيو ويندو... جنهن کان پوءِ ان حوالي سان فورم تي ئي آگاهي ڏني ويندي..


    آخر ۾ هن موضوع کي تالو لڳائيندي رڪنن کي آگاهي ڏيڻ چاهيندس ته سنڌ سلامت فورم کي ڪهڙي طرح هلائجي جنهن سان فورم تي ايندڙ سمورن رڪن کي هتي وقت گذارڻ سان فائدو ملي ۽ گڏو گڏ سنڌي قوم کي هر قسم جو مواد سهولت سان پهچڻ ۽ سنڌيت جي پرچارڪ کي هٿي ملي جهڙي مقصد کان انتظاميه بلڪل به باخبر آهي..۽ اميد رکجي ته سمورا رڪن ان ساٿ ۾ حمايتي رهندا..
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو