مَ ڪِي رَوءُ، مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هَارِ تَوتَان بَندُ بِدَا ٿِيَو، ٻَيڙِيُون نَيئِي ٻَارِ پَهُچَندَينءَ پَنوَهارِ، سِگهِي سَنگَهارَن کَي سُرُ مَارُئي مَ = نه هَنجُون = ڳوڙها، لڙڪ هَڏ = هرگز هَار= وهاءِ، ڳاڙ بَندُ = قيد بدَا = معاف، ختم ٻَيڙيُون = لوهه جون ڪڙيون، ڏنڊا ٻيڙيون، پيرن جا زنجير نَيئي = کي ٻَار = ساڙ، جلائي ڇڏ پَنوَهار= پنوهارڻ، ماروئڙي، ٿرياڻي سگهي = جلد سَنگَهارَن = مارو ماڻهن بيت جو پس منظر ~ او مارئي !! تون هاڻي رو رڙُ نه ۽ وري اکين مان ڳوڙها نه ڳاڙ. ~ تو تان قيد معاف ٿيو هاڻي انهن زنجيرن ۽ قيد ڪڙن کي باهه ڏئيساڙي ڇڏ. ~ او ماروئڙي !! تون پنهنجي مارن ڏي جلد پهچي ويندينءَ. سمجهاڻي مارئيءَ جي مستقل مزاجي، commitment،عزم ۽ حوصلي عمر جهڙي ظالم حڪمران کي نيٺ جهڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. مارئيءَ کي عمر زنجيرن ۾ قيد ڪيو. کيس بادشاهي پَٽَ ۽ ريشمي ويس وڳن، زيورن، مال ملڪيتن، محلن ۽ ماڙين جون لالچون آڇيون پر مارئيءَ هنن سڀني شين کي ٿڏي ڇڏيو.عمر جا قيد ڪڙا ڀڃي ڀورا ڪري ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين. مارئيءَ جو پنهنجي وطن ملير سان سڪ، اُڪيرَ، پيار، پنهنجائپ ۽ پاٻوهه ايڏو پڪو، پختو ۽ شديد هيو جو عمر کي نيٺ ناڪامي نصيب ٿي. سو اچو ته ڀٽائيءَ جي هن بيت مان پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ اتساهه، اٿاهه پيار ۽ محبت جو درس حاصل ڪيون.مارئيءَ جي پهاڙ جيڏي عزم ۽ حوصلي جيان هر ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف مڙس ماڻهون ٿيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل