ابو مُرڪ
سينيئر رڪن
هو، جنهن جي ساهه ۾ سنڌ وسندي هئي!
سوڀو گيانچنداڻي
علي نواز آريسر
اڄ جڏهن سنڌ جي سدابهار شاعر شاهه لطيف جي هڪ سئو چوهترين عرس مبارڪ تي وڃي رهيا هئاسين ته اوچتو منهنجي موبائل تي سنيهڙو آيو، جيئن پڙهيم ته لکيل هو ’اڄ سنڌ ماءُ کان سنڌ جوٻچڙو‘ سوڀو ڇڄي ويو. منهنجي اکين مان هڪ ڳوڙهو وهيو، جيڪو منهنجي قميص جي پاند کي پُسائي جذب ٿي ويو، پر منهنجي دل ۾ اُهو درد جو سُڏڪو اٽڪيل ئي رهيو. سوڀو، سنڌ جو اهو پُٽ هو، جنهن پُٽ کي جنم ڏيڻ لاءِ سنڌ ماءُ نه ڄاڻ ڪيتريون پرارٿنائون ڪيون هونديون! هو، جيڪو اڏول هو ته اهڙو جو جبلن جيتري منجهس حشمت هئي، هو پيار ڪندڙ هو ته اهڙو، جو سندس دل جي درياهه ۾ ڪيتريون ئي خدايون آباد هيون، هو ڪميٽيڊ هو ته اهڙو جو وقت جا قهري ڪوٽ به سندس حوصلن کي پست نه ڪري سگهيا ۽ هو معصوم هو ته اهڙو، جو سنڌ نانءُ تي اکيون ڀرجي اينديون هيون. سوڀي کي آخر موت اسان کان ڇني ورتو، انهيءَ اڏول انسان کي، جنهن کي هن ملڪ جا نام نهاد ادارا به پنهنجي ماءُ کان ڌار نه ڪري سگهيا، جنهن کي هن ملڪ جو ڪو قانون پنهنجي ماءُ جي گود کان ڌار نه ڪري سگهيو، جنهن کي هن مُلڪ جا جيل به جُهڪائي نه سگهيا، ڀلا جبلن کي به ڪير جُهڪائي سگهيو آهي؟
سوڀي سان منهنجون لاتعداد مُلاقاتون رهيون، پر مون هن سان گڏ ڪڏهن هاسيڪار ڦوٽو نه ڪڍرايو، مون هن سان ڪڏهن پنهنجو تعارف نه ڪرايو، مون ڪڏهن به هن جي اکين ۾ گهوري نه ڏٺو، ڪيئن ڏسان انهن اکين ۾، جن اکين ۾ آزاد سنڌ جو نقشو مرڪندو هجي، جن اکين ۾ سنڌ جي پوترتا جو عرق سمايل هجي، جن اکين ۾ سنڌ ماءُ جي محبت جو سنڌو ڇوليون هڻندو هجي، انهن اکين ۾ گهورڻ جي جُرئت مون جهڙو ناچيز ڪيئن ٿي ڪري سگهيو. آءٌ هن سان پنهنجو ڪهڙو تعارف ڪرايان ها، جنهن جي پوري دل سنڌ جو وِرد ڪندي هجي، انهيءَ دل ۽ انهيءَ دماغ تي ڪنهن جو تعارف ڪهڙي جاءِ والاري پئي سگهيو؟ آءٌ هن سان گڏ ڪيئن ڦوٽو ڪڍرايان ها، جنهن جي هڪ جهلڪ لاءِ سڄي سنڌ بيتاب هجي، جنهن جي هڪ لفظ ٻڌڻ لاءِ پوري ميڊيا بي چين هجي، جنهن جي هڪڙي ڪمينٽمنٽ تي پوري رياست حيران هجي، انهيءَ ماڻهوءَ سان ڦوٽو ڪڍرائي، آءٌ ڪهڙي خاناپوري ڪري پئي سگهيس.
سوڀو گيانچنداڻي بنيادي طور تي نه رئيس هو، نه ڪنهن اسيمبليءَ جو ميبر هو، نه ڪنهن سرڪاري کاتي جو سيڪريٽري هو، هو غريب هو ه اهڙو جو جڏهن هن جي جڳر جو ٽڪرو ’ڪنعيو‘ بيماريءَ جي بستري تي داخل هو ته هُن جي هڙ ۾ ايترو به نه هو، جو هو سندس علاج ڪرائي سگهي ۽ پوءِ هُن پنهنجي لئبريريءَ جا اُهي سمورا ڪتاب وڪرو ڪيا هئا، جيڪي هُن کي ساهه ۾ سانڍڻ جهڙن دوست تحفي طور ڏنا هئا، يا وري انهن ڪتابن ۾ شانتينڪيتن جون اُهي يادون سمايل هيون، جن کي هن 70 سالن تائين زنده رکيو هو، هو امير هو ته اهڙو جو پوري سنڌ، پورو ڪاڇو، پورو ٿر، پورو لاڙ ۽ پورو اتر محبوبائن جيان محبت ڪندو هو، پوري سنڌ هُن جو گهر هئي ۽ هن جي اڪيلي دل پوري سنڌ جي پناهه گاهه هُئي. هونئن ته منهنجي لاءِ پوري سنڌ مُقدس رهي آهي، پر مون کي ٻن ماڻهن سان عشق رهيو آهي ۽ اُهي ماڻهو هئا، حشو ڪيولراماڻي ۽ سوڀو گيانچنداڻي، هيءَ ٻئي اهڙا ته ساميوادي هئا، جو هنن جيلن جا عذاب ڀوڳيا، صعوبتون سٺيون، اذيتون برداشت ڪيون، پر سنڌ ماءُ کي ڇڏڻ کان نابري واري ويهي رهيا، پر بعد ۾ ڪن ذاتي دوستن زبردستي ضد ڪري حشو کي ته هندستان روانو ڪيو، پر سوڀو آخر تائين سنڌ سان جُڙيل رهيو. حشو جنهن کي سنڌ بدر ته ڪيو ويو، پر سنڌ کان ڌار ٿي هن جي زندگيءَ ۾ ڪيتريون رولاڪيون آيون ۽ هو ڪيئن زندگيءَ کان ڇڄي ويو، ان تي الڳ سان لکي سگهجي ٿو، پر آءٌ هتي ايترو چوندس ته جي سوڀي کي سنڌ ڇڏڻي پئي ها ته هو شايد حشو وانگر زنده نه رهي سگهي ها، جيتوڻيڪ خدا جي ذات کي وڏي طاقت آهي، هو ڪنهن کي عمر دراز بخشي، ڪنهن کي سرويچن جيان ٻاروتڻ ۾ ئي لولي ڏئي سمهاري ڇڏي، پر ڌرتيءَ جي عشق جو راز پروڙڻ لاءِ لُطف پيرزادي جي اکين کي پڙهي سگهجي ٿو. سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪاره نورالهديٰ شاهه جي هڪ ڪهاڻيءَ جون ڪجهه سِٽون هتي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان، جيڪي سوڀي جي محبت سان ٺهڪي اچن ٿيون:
”ورهاڱي جا فساد شروع ٿيا. هندو هندستان وڃي رهيا هئا. مسلمان پاڪستان اچي رهيا هئا. ٻڌم ته شانتي ڌان وڃي رهيو آهي. پڇيوسين ته اُٻاڻڪو ٿي چيائين ’سنڌ جي حد مان نڪرندي مان مري پوندس، ياد رکجو‘ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته گاڏيءَ ۾ ويهندي، جڏهن کوکراپار کان سرحد پار ٽپيو ته سندس جسم ۾ ساهه نه هو. ورهاڱو ٿي ويو. جسم هن پار هليو ويو ۽ رُوح رسنڌ جي ريگستانن ۾ رهجي ويو“.
اهو شانتي ڌان ڪير هو؟ حشو، ايشوري، سوڀي جو ته ڪو رُوپ نه هو؟ ڪي ماڻهو قومن جو اثاثو هوندا آهن، ڪن ماڻهن تي صدين تائين قومون ناز ڪنديون آهن ۽ سوڀو ته اهڙو ماڻهو هو، جنهن جو وجود ئي سنڌي قوم لاءِ اعزاز هو، هُن جو سنڌ سان عشق ئي سنڌ جي روشن خيال تاريخ جو اتهاس هو.
مون کي خبر ناهي ته هو صبح جو اُٿڻ کان پوءِ گيتا، رامائڻ جو وِرد ڪندو هو يا نه؟ پر آءٌ اهو پڪ سان چئي سگهان ٿو ته هن پنهنجي عمر جي 95 سالن ۾ جيترا به ساهه کنيا هوندا، انهن ساهن ۾ ڪو اهڙو ساهه هن شايد ئي کنيو هجي، جنهن ساهه ۾ سنڌ جون سارون نه هجن، هن جيترو به ڳالهايو هوندو، هر انهيءَ ڳالهه ۾ هن جي چپن تي سنڌ لفظ جو وِرد ضرور هوندو. آءَ مڃان ٿو ته هُن وٽ عطاءُ الله شاهه بخاريءَ جيان تقرير جو گُر نه هو، جنهن سان هو ماڻهن جي ذهنن تي پنهنجي خطاب جو سحر طاري ڪري سگهي، هُن وٽ رجنيش اوشو وارو فلسفو به نه هو، جنهن سان هو پڙهندڙن کي پنهنجي مُبالغه آرائيءَ کان آگاه ڪري سگهي. آءٌ اهو به ڄاڻان ٿو ته هن جي لکڻين ۾ مولانا آزاد وانگر تشبيهن جو حُسن به نه هو، جنهن سان هو معصوم دلين جي ڌڙڪن بنجي ويو هجي، پر هُن جي سنڌ سان لازوال عشق ئي هُن کي ايڏو ته امير بڻائي ڇڏيو هو . هُن جي زبان مان نڪرندڙ لفظ ’سنڌ‘ ئي هُن کي لکين دلين جي ڌڙڪن بڻائي ڇڏيو هو. مون کيس سدائين سنڌ جي شعور جي ڀاڪُرن ۾ ڏٺو.
سوڀو، جنهن کي اهو فخر هو ته هُن کي ٽئگور ’موهن جو ماڻهو‘ سڏيندو هو، پر اسان کي اُهو فخر آهي ته اسان انهيءَ صديءَ جا ماڻهو آهيون، جنهن صديءَ جو انسان سوڀو هو. اسان جي ايندڙ نسل کي به اهو فخر رهندو ته موهن جي دڙي جي هنج ۾ آباد ڳوٺ ٻنديءَ ۾ جيڪو ماڻهو رهندو هو، جنهن کي ٽئگور موهن جو ماڻهو ڪري سڏيندو هو، اُهو پوري دنيا جي آڳاٽي تهذيب موهن جي دڙي جو فڪري وارث هو.
alinawazarisar@yahoo.com