تنهنجو ڏس ڪنهن کان پڇان....!

'مختلف موضوع' فورم ۾ احمد رضا طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2014۔

  1. احمد رضا

    احمد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 نومبر 2014
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    27
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    ڪافي ڏينهن کان پوءِ قلم کينو آهي الائي ڇو هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون ۽ ڪهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهيون جو نڪرڻ ڏاڍو مشڪل بڻجي ويو آهي...! اڳ وارن دورن جي ڳالهه ڪجي ته انهيءِ وقت تمام گهڻو سهولتن جو فقدان هوندو هو پر هرشيءِ لائي وقت هوندو دوستن مٽ مائٽن، ملطب ته روزمرهه جي زندگي جي سٺي بسر ٿيندي هئي، ڪي اهڙيون مشڪلاتون اينديون هيون ته انهن ڏاڍو ڏکيائي سان منهن ڏيڻو پوندو هو پر هاڻي ته دنيا ۾ الائي ڇا ڇا ٿي رهيو آهي صرف ساهه کي دنيا ٺاهي نه سگهي آهي باقي اڌ خدا ٿيڻ جي دنيا پوري ڪوشش ڪئي آهي جيڪر اسان ڳوٺن جي ڳالهه ڪيون ته اتان اها محبت لڏي وئي آهي جيڪا اڳ ملندي هئي ۽ مچ ڪهچريون، تمام گهڻو مان مرتبو ، شان شوق انهن اهڙين شين کان ڳوٺ گهڻي ڀاڱي محروم بڻجي چڪا آهن.ڳوٺ جي ڀرسان ڪوئي لگهندو هو ته انهي کي مانيءِ ٽڪي کارائڻ کان سوائي نه ڇڏيندا هئا ۽ ججهو مان مرتبو ڏئي روانو ڪندا هئا ، شهرن وارا ڳوٺاڻن سان دوستي ڪرڻ لائي سڪندا هئا،ڇو ته ڳوٺاڻن جي محبت ۾ پاٻوهه تمام گهڻي هوندي هئي انڪري شهر جو ماڻهون ان غريب کي عزت ڏيڻ تي مجبور ٿي پوندو هو۽ اها محبت شهر جي گهٽين چوراهن جي ڪچهرين سينگار ۽ پچار هوندي هئي انهي ڪچهري ۾ ڳوٺ جي ڏنل ساڳ ۽ مکڻ لسي جي واکاڻ ضرور ڪندا هئا...! پر افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته اهي محبت امن ڀائيچاري وارا پکيڙا ڪنهن اڻ هنڌ اڏاڻا هليا ويا آهن جن جو ورڻ هاڻي ڏاڍو مشڪل ٿو لڳي .....! ڇو ته محبت جي پکيڙن کي اڏارڻ جو هٿ گهڻو دنيا ۾ تيزي سان ايندڙ ٽيڪنالاجي جو آهي جنهن انسانن کي تمام گهڻو جڪڙي ڇڏيو آهي ....! مونکي به انهي ٽيڪنالاجي جڪڙي ڇڏيو هو جنهن ڪري قلم کئڻ ۾ وقت لڳي ويو آهي....! دنيا ۾ توهان ڪيترا به توهان اڳتي نڪري ويو مطلب ته اوهانجي آسمان سان چوٽي سان لڳل هجي جيڪر اوهان جا سٺا دوست ناهن ته توهان اڻپورا آهيو.مولا علي رضي الله تعالي عنه جن جو فرمان آهي دنيا ۾ سب کان وڏو غريب اهو انسان آهي جنهنجو ڪو به دوست ناهي ۽ امير دنيا ۾ اهوانسان آهي جنهنجو ڪو دوست آهي. مون اڪثر ڪافي ماڻهن جي واتان پڻ اهيو ٻڌو آهي ،يار هن سان منهنجي پراڻي دوستي آهي ،پر منهنجي نظر ۾ دوست پراڻو هجي يا نئون دوست پر جيڪرکيس سهي معنيٰ ۾ سمجهي دوست ته ڇا هوندو آهي شهيد قربان شيخ پرائمري کان ڏهين تائين تعليم شهداد ڪوٽ ۾ حاصل ڪئي ۽ سندس جنم غريب آباد محلي شهداد ڪوٽ ٿيو، انهيءِ کان پوءِ هي 2011 ۾ حيدرآباد اچي رهيو جٿي هن سنڌ يونيورسٽي جي سوشالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي ۽ اتان کان هن ايم اي سوشلاجي جي ڊگري حاصل ڪئي، پڙهائي دوران هو صحافت سان جڙيل رهيو، هن پروف ريڊر طور اخباري دنيا ۾ پير پاتو هن پهريان سوڀ ،آس ۽ پوءِ سندس آخري اخبار ڪاوش هئي. منهنجي ساڻس ملاقات 2010 ۾ ٿي آئون جڏهن يونيورسٽي ۾ فرسٽ ايئر ۾ پڙهندو هئس ۽ ايس پي او اين جي اوز ۾ ادا سائين ۽ نٽ کٽ جي طرفان ٽن ڏينهن جو تربيتي پروگرام رکيل هو مونکي انهي عدنان هاليپٽو جن شموليت ڪرائي هئي،انهي ۾ ئي اسان جي دوستي ٿي هئي، يار اسان جي پڳ مٽ يار خالد آزاد جي ويجهو هوندو ساڻس ٻئي ڏينهن تفصيل سان ملاقات ٿي هئي پنهنجو تعارف ڪرائيم ته آئون ايف ايم ريڊيو تي آر جي آهيان ۽ يونيورسٽي ۾ فرسٽ ايئر ۾ پڙهندو آهيان.انهيءِ ٽرينگ ختم ٿيڻ کانپوءِ اسان جي تمام گهڻي ويجهڙائپ رهي، هڪٻئي سان فون تي حال احوال پيا ڪندا هئاسين، ڪڏهن ڪڏهن رات جو مونکي ٻه وڳي به فون ڪري اٿاريندو هو ته يار هي مسئلو ٿي ويو آهي انهيءِ کي حل ڪرڻو پر هڪ ڳالهه ياد رک خالد کي خبر نه پئي، ٻئي ڏينهن اهو مسئلو حل ڪرائي پوءِ ئي سک جو ساهه کڻندو هو....! آئون کيس چوندو هئس ته جيڪر مسئلو حل نٿو ٿي ته پوءِ ڇا ڪرڻو پوندو؟؟ يار پيار،محبت پاٻوهه سان مسئلي کي حل ڪرڻو آهي پر يار وڙهڻ مسئلي جو حل ناهي هوندو. هو تمام امن پسند انسان هو اگر هنجي مونتي ڪاوڙ به هوندي هئي ته ڪاوڙ جو اظهار مونکي محسوس ڪرائڻ نه ڏيندو هو، نه ئي وري چوندو هو ته آئون توهان تي ڪاوڙيل آهيان.....! هن ۾ هڪڙي خاصيت هوندي جيڪر هن ساڻ صرف هڪ چڪرڪير به ڳالهائي ٻئي چڪر اهو ماڻهون هن سان پاڻ ڳالهائڻ تي مجبور ٿي پوندو.... ! وفا مولا بخش قمبراڻي آئون ۽ شهيد قربان سندس آفيس سنڌ لينگويج اٿارٽي واري ۾ ويٺا هئاسين ته وفا چيو ته رضا،قربان شيخ ائين اٿئي جئين امتياز شيخ ، انهيءِ به اهڙو پنهنجي زبان۾ مٺاج رکيو، جو پير سائين پاڳاري جي تمام ويجهو آهي ۽ شيخ قربان به انهي مٺاج زبان رکندڙن مان هڪ آهي واقعي اهو سچ آهي سندس زبان ۾ تمام گهڻون مٺاج رکيل هو انهيءِ جو مثال هڪ منهنجي اکين جي اڳيان ٿي گذريو آهي، اهو به مونسان، مون هڪ چڪر پنهنجي گرل فرينڊ سان کيس ڳالهرايو بابا پوءِ ته ڳالهه وڃي ڳيچي ۾ پئي ،آئون پنهنجي گرل فرينڊ سان جنهن وقت،ڳالهايان ته هر ٻئي ڳالهه کان پوءِ قربان جو ذڪر ڪندي هئي يقين ڪيو ته قربان جي لفظن ۾ ايترو ته مٺاڻ هو جو هو هر ويل هر وقت سندس ذڪر ڪندي هئي.2011 ۾ ٻوڏ آئي انهي دوران هي ڏاڍو جفاڪشيءِ ۾ ورتل هو هڪ ڏينهن شام جو سج لهڻ وارو هجي ،قربان مونکي فون ڪري چيائين ته رضا تون ڪٿي آهين، آئون انهيءَ وقت ٺٽي فيلڊ مان بس مس گهر پهتو هئس ۽ تمام گهڻو ٿڪل به هئس هن چيو ڄامشورو ڪم سان هلڻو آهي توهان تيار ٿي ويهو هلون ٿا، هن يار کي جواب نه ڏنم اسان روانا ٿي وياسين رستي ۾ مونکي چيائين ته مهرباني ڪري خالد کي ٻڌائجو....! ڇو ته هو هميشه خالد آزاد کان لهرائيندو انهيءَ لاءِ ته هو پنهنجي ذاتي زندگي کي تمام گهٽ وقت ڏيندو انهي ڪري خالد کيس ڌڙڪا ڏيندو هئس. جنوري 2013کان مارچ تائين بيروزگاري جي لپيٽ ۾ اچي ويس مون شهيد قربان کي چيو ته يار نوڪري هٿ ڪري ڏي يا ادا سائين جي پليٽ فارم تان ٽرينگ ورڪشاپ ڪرايون ٿا چيائين ڪو مسئلو ئي ناهي تون حڪم ڪر يار اڄ ئي اچ شام جو ڪاوش اخبار ۾ ته توکي آئون اتي ٿو، نوڪري وٺرائي ڏيان پر مان کيس ها ها ڪندي نه ويس اسان جو جتي به ملڻ ٿيندو هو ته مونکي چوندو هو تون ڪاوش اچ پر يار آئون ڪونه ويس. اهو دلبر دوست قربان روڊ حادثي ۾13.12.2013 تي شام 3 لڳي 45 منٽن تي پنهنجي جياپي جي جنگ هارائي ويو. سندس لاڏاڻي جي ڪنهن به ڄاڻ مونکي نه ڏني هڪ ٽرينگ ۾ گڏ دوست شرما جي هٿ ۾ ڪاوش اخبار هئي ۽ سندس منهن لٿل هو مونکي چيائين ته توهان وارو يار هن دنيا ۾ هميشه هميشه لاءِ هليو مونکان رڙ نڪري وئي ۽ سندس هٿ مان اخبار ڦريم پڙهيم ته روڊ حادثي ۾ قربان شيخ فوت ٿي ويو،هڪ پل جي لاءَ ڪو هوش نه رهيو ۽ دل ڏڍ ڏنم نه هي سڀ ڪوڙ آهي پر جڏهن دوستن کان معلوم ڪيم دوستن به چيو ها ادا يار اسان کان وڇڙي ويو آهي ڊسمبر جو مهينو ڏاڍو ڏکائيندڙ آهي،جنهن منهنجو سچ پڇوته جيءِ جهوري ڇڏيو آهي، موت برحق آهي جيڪر پنهنجواچانڪ وڇڙندو آهي ته جيءِ جّهرِي پوندو آهي دعا آهي الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي.قربان اسان ساڻ ته گڏ ناهي پر سندس ياگيرن جا ورق اسانجي سينن ۾ ويڙجي ويا آهن کيس هر پل ياد ڪندا رهنداسين..
    احمد رضا خاصخيلي حيدرآباد
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو تاثر لکيو اٿو .... زندگيء ۾ ڪي اهڙا ماڻهو ملندا آهن جيڪي اسان جي ذهنن ۽ سوچن تي نقش چِٽي ويندا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو