علي نواز آريسر ڇڏي سنڌورسٽي ۽ پيارا ڇڏيا...!! سنڌ يونيورسٽي جيڪا هميشه منهنجي خوابن جو مرڪز پئي رهي آهي، ۽ مون سنڌ ورسٽيءَ سان ايئن محبت ڪئي آهي، جيئن ڪو ٻار پنهنجي ماءُ جي ٿڃ سان ڪندو آهي. سنڌ ورسٽي! جنهن مونکي اڻڳڻيون محبتون ڏنيون آهن ته وڇوڙن جا وڍ به ڏنا آهن. هي اها مقدس جاءِ آهي جتي مونکي هميشه زندگي مرڪندي ۽ مشڪندي نظر آئي آهي، هتي مونکي زندگيءَ جي ڀرپور لذت محسوس ٿيندي آهي، هتي اچي مونکي آزاديءَ جي ڪنوار جو اصلي روپ نظر ايندو آهي. سنڌ ورسٽي نه صرف منهنجي يادگيرين جو مرڪز رهي آهي، پر هي مون جهڙن ڪروڙها نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪن به رهي آهي. مونکي خبر ناهي ته انهن ڪروڙها نوجوانن مان ڪيترن وڃايو ۽ ڪيترن حاصل ڪيو آهي، پر آءٌ اهو ڄاڻان ٿو ته مون هتي جيترو وڃايو اوترو شايد حاصل ڪيو هجي. پوءِ به هي سنڌ ورسٽي منهنجي لئه مقدس آهي. مون جڏهن شعور جي دنيا ۾ قدم رکيا هئا ۽ زندگيءَ جي هڪڙي جوڀن کي سنوارڻ لاءِ پهرين وک کنئي هئي، ان وقت منهنجي خوابن توڙي سوچن جو محور سنڌ ورسٽي ئي بيٺي هئي، پر وقت ۽ حالتن کان مجبور هئڻ ڪري انهن کي ساڀيان جو روپ نه ڏيئي سگهيو هئس ۽ پنهنجي هٿن سان پنهنجي خواهشن جو گلو مروڙي ويهي رهيو هئس، پر منهنجي اندر ۾ سنڌ ورسٽيءَ کي ڏسڻ جي حسرت موجود رهي. ايئن هڪ ڀيري اچي هن مقدس جاءِ تي سهڙيو هئس، سچ ته ان وقت سنڌ ورسٽي منهنجي خوابن جي تعبير لڳي هئي، جتي مون کي ڪائنات جو حقيقي حسن نظر آيو هو، فطرت کي کينچلون ڪندي ڏٺو هئم. يوڪلپس جي قطارن جو جهومڻ مون کي اهڙي ديس ۾ وٺي ويو هو، جيڪو شايد ڪوهه ڪاف جي پرين جو ديس هيو، جتي مون پرين کي کليل فضا ۾ رقص ڪندي ڏٺو هو. هي اها دنيا هئي، جنهن جو ذڪر مون صرف ڪتابن ۾ پڙهيو هو. ورهيه وهامي ويا وقت گذرندو ويو، منهنجي وارن ۾ چاندي چمڪڻ لڳي، هاءِ ڙي اياز وار چندي ڪيئي، عمر ايڏي ٺڳي. پر منهنجي خواهشن جو باغ ارم تازو توانو رهيو، نه وقت جي دز ان کي ميرو ڪري سگھي ۽ نه وقت جو ڏڪر ان کي سڪائي سگھيو. اوچتو ئي اوچتو اهڙو واءُ وريو جو انهن خوابن جي تعبير واري باغ ارم ۾ منهنجي داخلا ٿي ۽ آئون کلندي ڪڏندي سنڌ ورسٽي پهتو هئس. جڏهن آئون صدين جو سفر طئه ڪري هتي پهتو هئس ته نه مون کي هتي اهي ڇڙواڳ ٽهڪ نظر آيا ۽ نه اها فطري مرڪ پسي سگھيس. ڄاتل سڃاتل رستن تان هلندي مون کي سمورا رستا اوپرا لڳا. ڄاتل سڃاتل چهرا اڻواقف محسوس ٿيا. نه اهي يوڪلپس جون قطارون نظر آيون ۽ نه اهي ڪويل جون ڪوڪون منهنجي ڪنن ۾ ٻُرايون، جن باغي ۽ اياز جي برهه کي کوليو هو ۽ نه اهي اکيون نظر آيون جن جي ديدن ڪيترن نوجوانن کي شاعر بڻايو هو. ڪٿي هئي منهنجي اها آئيڊيل يونيورسٽي؟ جنهن جو منهنجي اکين کي صدين کان اوسيئڙو هو. جنهن لاءِ مون صدين جو سفر ڪيو هو، جنهن لاءِ پير پٿون ڪيا هئم، بار بار ٿڪو هئس، ڪريو هئس، وري اٿيو هئس. ڇا! اها هئي منهنجي منزل، نه هي اها يونيورسٽي نه هئي، جنهن اياز کي پئرس جهڙي خوبصورت ملڪ ۾ به اهو چوڻ تي مجبور ڪيو هو تون ڇا ڄاڻين اوپرا توکي ڪهڙي ڪل، جيءُ اچي نه جهل مون کان سنڌ نه وسري. هتي ته بس مصنوعي مرڪون، ڇسا ٽهڪ، جن ۾ ڪا به رنگيني باقي نه رهي هئي، پوءِ به اهڙي ماحول ۾ مون پنهنجي پاڻ کي زبردستي ريجھايو هو ۽ دل ئي دل ۾ اهو عهد ڪيو هئم ته، هن يونيورسٽيءَ جو اهو حسن موٽائبو، اهي مرڪون موٽائبيون، اهي ٽهڪ ٻيهر گونجندا. واقعي پوءِ اسان سنڌ ورسٽيءَ کي اهڙو ماحول ڏنو هو، هڪ ڀيرو ٻيهر مصنوعي مرڪن جي جاءِ فطري مرڪون رقص ڪرڻ لڳيون، سڀني ڊپارٽمينٽ جا ڪاريڊور ٽهڪن سان گونجڻ لڳا هئا، آرٽس فيڪلٽي رقص ڪرڻ لڳي هئي، گل مکڙين سان ٻکجي ويا هئا، ان مالهيءَ جي چپن تي فطري مرڪ تري آئي هئي، جنهن جو باغ گهڻي عرصي کان پوءِ خوشبوئن سان ٻهڪي پيو هو، قسمين قسمين گل ٽڙي پيا هئا، ان وقت ان مالهي پنهنجا هٿ مٿي کڻي دعا گهري هئي ته يا خدا! منهنجي هن باغ کي هاڻي ڪڏهن به اجڙڻ نه ڏجان، ڪڏهن به ڪنهن گل کي مکڙي کان جدا نه ڪجان، اسان سڀ سندس دعا ۾ شريڪ ٿيا هئاسين ۽ سڀني چيو هو آمين! جيتوڻيڪ ان مالهيءَ جي جوانيءَ جو باغ ڪڏهوڪو اجڙي چڪو هو، هن جا سمورا گل واهوندي جي واءُ ڇاڻي ڇڏيا هئا، پر پوءِ به هو دعاگو هو ته صرف ان لاءِ ته هي جيڪي گل ٽڙن پيا انهن جو سنڀاليندڙ وري به آءٌ آهيان، انهن گلن جي آبياري وري به مون کي ڪرڻي آهي، ڪيڏي نه صداقت هئي سندس دعا ۾، هو انهن گلن جي ٽڙڻ ۾ پنهنجي حقيقي زندگيءَ جا عڪس پسندو هو، هو روز جو اچي اسان سڀني کي هڪ گل ڏيندو هو، جيڪي گل سمورا دوست پنهنجي محبوبائن جي سينڌ ۾ هڻندا هئا، پر آءٌ اهو گل پنهنجي ڊائريءَ ۾ رکي ڇڏيندو هئس، سڀني اپسرائن جي چوٽلن ۾ اهي گل رقص ڪندا هئا، پر انهن ۾ هڪڙو گل منهنجي ڊائري ۾ قيد ٿي ويندو هو ۽ هڪڙي هوءَ هئي، جيڪا سمورا گل پنهنجي پرس ۾ ايئن رکندي ويندي هئي، جيئن امرتا پريتم ساحر جي سگريٽن جا ٽوٽا پنهنجي پرس ۾ لڪائي رکندي هئي، پوءِ جڏهن اڪيلي ٿيندي هئي ته انهن سگريٽن کي دکائي پيئندي هئي ۽ ان مان لطف اندوز ٿيندي هئي. مون کي خبر ناهي ته اها ڇوڪري انهن گلن جي خوشبوءِ مان واس وٺندي هئي يا نه. هو اڪثر وڏا ٽهڪ ڏيندي هئي، پر انهن ٽهڪن پٺيان هڪ سڏڪو اڀرندو هو، جيڪو سواءِ منهنجي ٻيو ڪو به ٻڌي نه سگهندو هو. زندگي معمول موجب هلي رهي هئي، سڀئي گل پنهنجي مکڙين سان خوش هئا، ڪيترن ئي سڪل چپن تي مرڪون موٽي آيون هيون، ڪيترا ئي صدين جا اُڃارا چپ پاڻ ۾ پيوست ٿي اُڃ اجهائي رهيا هئا، هي اهڙو لطف اندوز منظر هوندو هو جو مون کي ٿر ياد ايندو، اهو ٿر جتي رُڃ ئي رُڃ، پر انهيءَ ٿر ۾ جڏهن مينهن وسندو آهي ته مورن جا ٽهوڪا ۽ مورن جو رقص ڪيترين ئي محبتن کي جنم ڏيندو آهي، مون موهن جي دڙي جي ناچڻيءَ جو رقص ته ناهي ڏٺو، پر آءٌ يقين سان چوان ٿو ته، اهو رقص مينهن جي مند ۾ مورن جي رقص کان وڌ نه هوندو، ها اهو رقص سنڌ ورسٽيءَ جي ڇيڳرين ڇوڪرين جي ٽهڪن جهڙو لطف اندوز ڪون هوندو. انهيءَ محبت جي مچ مان ڪيترا ئي نوجوان پچي راس ٿيا هئا، ڪيتريون ئي دليون رچي ريٽيون ٿيون هيون، ڪيترا ئي نوجوان سنڌوءَ جي ڇولين ۾ پاڻ سمائڻ واري پراڻي رسم نڀائڻ لاءِ تيار ٿيا هئا، تڏهن مون وڏي واڪي چيو هو دوستو! ضروري ناهي ته توهان ڪنهن جي مرڪ رسڻ تي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويهو، ضروري ناهي ته ڪنهن جي بيوفائيءَ تي پنهنجو پاڻ سنڌوءَ کي ارپيو. هاڻي اها روايت تبديل ٿيڻ گهرجي، توهان پنهنجي محبت جي باب ۾ اهو اضافو ڪريو ته توهان جي لاءِ موملون چکيا چڙهن، ڪا به ليلا ڪڏهن ڪنهن چنيسر جو ٽڪن عيوض سودو نه ڪري، ضروري ناهي ته توهان ڏياچ وانگر ڪنڌ ڪپايو، توهان ٻيجل وانگر اهڙو سُر ڇيڙيو، جنهن تي اَپسرائون پنهنجو پاڻ قربان ڪن، ها هاڻي ڪو به ماٺيڻو سنڌوءَ جي ڇولين ۾ پاڻ کي نه سمائيندو، توهان کي فاتح ٿيڻو آهي، توهان مرڪون ميڙڻ سکو، توهان زندگين کي جيئندان ڏيڻ جا سبق پڙهو ۽ پڙهايو. جڏهن هي لفظ منهنجي زبان مان نڪري رهيا هئا، ان وقت منهنجي شعور يا لاشعور ۾ به اهو نه هو ته ساڳيو ڏياچ آءٌ به ٿي سگهان ٿو، ساڳيون سنڌوءَ جون ڇوليون مون کي به ڀاڪر ۾ ڀري سگهن ٿيون. ساڳيو محبت جو مچ منهنجي اندر ۾ به ٻري سگھي ٿو، ساڳيو گهاءُ منهنجي وجود کي به لوڏي سگهي ٿو. آءٌ اهو وساري ويٺو هئس ته ٻڏندو هميشه تارو آهي. اهو احساس مون کي تڏهن ٿيو، جڏهن آخري پيپر جي رات جو پويون پهر شروع ٿيو، اهو پويون پهر هو يا صدين جي اڀاڳي رات هئي، جنهن جو صبح ڪيترا وڇوڙن جا وڍ ڏيڻ وارو هو. ڪيتري ڪوشش ڪئي هئم، اهڙين سوچن کان جان آجي ڪرائڻ جي، ڪيترا ئي ڀيرا رات جو اٿي پڙهڻ شروع ڪيو هئم، ڪيترن ئي سگريٽن سان پنهنجي پاڻ کي جلايو هئم، پر يادون جيڪي ول ويڙهي جيان وڪوڙي ويون هيون، تن کان پانڌ آجو ڪرائجي ته ڪيئن؟ اهي اکيون! جن ۾ ڪيتري وقت کان پنهنجو پاڻ کي سمائجندي ڏٺو هئم، اهي اکيون منهنجي نيڻن جي ننڊ جون روڳي بڻجي آيون هيون، هي اهي اکيون هيون، جن جي ڏيا کان آئون هميشه ڏڪي ويندو هئس، اڄ اهي اکيون منهنجي سپنن جون سوداگر ٿي آيون هيون، منهنجي دل جيڪا هميشه گداگر بڻجي هن جي دل تي هوڪا ڏيندي رهي هئي، اها دل اڄ ڏڪي رهي هئي، انهيءَ دل ۾ سندس اکين جي تجلي پسڻ جي همت نه هئي. آخر انهن اکين کان جان ڇڏائڻ لاءِ مون انهن دوستن کي ياد ڪرڻ شروع ڪيو هو، جيڪي به سڀاڻي ڪڻو ڪڻو ٿيڻا هئا مرشد لطيف جي هنن سٽن وانگر ڪَڻا منجھه قرار هئا هيڪاندا سنگ ۾، ڳاهي ڳاه فراق جي ڪيئي ڌارون ڌار، نه ڄاڻان ٻيهار ڪير ملندو ڪنهن سان. سنڌي ڊپارٽمينٽ سان ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن، مون انهن سمورن دوستن کي ياد ڪيو هو، جن سان گهمندي زندگيءَ جو حقيقي روپ پسندو هئس، جن سان گڏجي وڏا ٽهڪ ڏنا هئا، کوڙساريون شرارتون ڪيون هيون، مون ڇوڪرين جي انهن جوڙن کي ياد ڪيو هو، جن سان شرارتون ڪندي ڪيترا ئي نوان نالا ڏنا هئا سين، انهن ڇوڪرين ۾ هڪڙي ڇوڪري واقعي باغيءَ جي شاعري واري اپسرا هوندي هئي، جنهن لاءِ آءٌ سڀني دوستن کي چوندو هئس، پنڪي پنهنجي ڊپارٽمنٽ جو نڪ آهي، جنهن تي سمورا دوست ڏاڍو کلندا هئا، آءٌ هن کي پنڪي ان ڪري چوندو هئس، جو هن جو رنگ گلابي هوندو هو، هو جڏهن کلندي هئي ته سندس ريشمي ڳٽن مان رت ٽمندي محسوس ٿيندو هو. هو کلندي هئي، مرڪندي هئي، مشڪندي هئي، سندس هر ادا وڻندڙ ۽ نرالي هوندي هئي، سندس زلف ايڏا ته خوبصورت ۽ وڏا هوندا هئا جو سندس چيلهه کان هيٺ پيا لڙڪندا هئا. هن جون ادائون ڪيترين ئي دلين جي ڌڙڪن بنجي چڪيون هيون. پر هن جي سڀ کان دل فريب ادا جيڪا مون کي وڻندي هئي، سا هئي هر ڪنهن سان ڳالهائڻ، ڇو ته اسان جو ماڻهو ڪنهن جي مٺڙن ٻولن تي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي، هن کي پنهنجي خوبصورتيءَ تي جيترو ناز هو اوترو ئي پنهنجي چاهيندڙن جو قدر هوندو هو، هو ڄاڻندي هئي ته منهنجي هڪڙي مُرڪ پسڻ لاءِ هيتريون دليون بيتاب آهن ته ڇو نه انهن کي پنهنجي مرڪ جا ٻه ٽي گل آڇجن. هڪڙي ڏينهن اهڙو ئي ڪو جملو منهنجي زبان مان نڪتو هو ته ڪنهن ڇوڪري ٻڌي ورتو هو، جنهن اچي پڇيو هو ته ڀلا اسان تي ڪهڙا نالا رکيا اٿو؟ کيس ڪهڙو جواب ڏيان ها! مون کي احسان جا اهي ٿڌا ساه ڀرڻ ياد آيا هئا، جيڪي هو ڪنهن به حسينا کي ڏسندي ڀرندو هو. سندس انهن ٿڌن ساهن جي پٺيان لڪل ان درد کي صرف آءٌ ئي سمجھي سگھندو هئس، مون کي ميڊم قمر جون اهي ٽافيون ياد آيون، جن ۾ ڪيڏو نه پيار ۽ مٺاس سمايل هوندي هئي، ان مٺاس کي صرف اهو ئي سمجھي سگھي ٿو، جنهن ڪڏهن ڪنهن جي چپن جي مٺاس جو ذائقو چکيو هوندو، مون کي لياقت ۽ ياد حسين جا اهي طويل بحث ياد آيا، جن ۾ هميشه ياد حسين پنهنجي ڳالهه کي مڃائڻ جي لاءِ ڪوڙا دليل ڏيندو هو ۽ پيارو لياقت اڪثر خاموش ٿي ويهي رهندو هو. مون کي ياد حُسين جي اها ادا تمام گهڻي وڻندي هُئي،ڇو ته آءٌ پاڻ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ جو قائل رهيو آهيان. آئون واعدن جو ڏاڍو ڪچو رهيو آهيان، پياري لياقت جي ڪهاڻين جو مجموعو“ ٻه سئو ٽيٽيهه ” جون ڪجھه ڪهاڻيون پڙهيون هئم، ته لياقت کي چيو هئم ته هن ڪتاب تي ضرور لکندس، پر اڃا تائين لکي ناهيان سگھيو. لکي ته اڃا تصوف جي رنگ ۾ رچيل ناول“ يار” تي به ناهيان سگھيو، جنهن منهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي آندي هئي. مون کي ياد آيا جبران جا اهي ٽهڪ، جن ۾ حقيقي خوشيءَ جي هڪڙي جهلڪ پسبي هئي، مون کي ياد آيا آفتاب، پيرل، معشوق ۽ غلام مصطفيٰ سان اهي چرچا گھٻا، جن تي هو اڪثر مسڪرائي ڏيندا هئا، مون کي ياد آيو اهو ڏينهن جڏهن پيارو نذير حسين مذاق ۾ ڪاوڙجي ويو هو. مون کي ياد آيون سهيل جون اهي شرارتون جيڪي هو اڪثر ڇوڪرين سان ڪندو هو، پر ڪڏهن سندس مذاق ڇوڪريون سمجهي نه سگهيون هيون. اهڙن مذاقن ۾ هڪڙي ڀيري اسان عورت جو نئون قسم ”ڪُندني“ ايجاد ڪيو هو، جنهن تي ڪيترا ئي ڏينهن کلندا رهيا هئاسين. آءٌ هتي اهو اعتراف ڪندو هلان ته مون کي اسد جي معصوميت ڏاڍي وڻندي هئي. ها مون کي ياد آيون اهي اکيون جيڪي هر پل ڪنهن جي ڳولها ۾ ڀٽڪنديون هيون، مون کي ياد آيون اهي مرڪون جن جي پٺيان درد جو سمنڊ ڇوليون هڻندي محسوس ٿيندو هو. آئون يادن جي سحر ۾ گم هئس ته ڀاءُ ياسر اچي چيو ادا رات ڪافي وهامي وئي آهي، هاڻي سمهه، صبح جو پيپر ۾ جهوٽا ايندا. ڪيئن ٻڌايان ها ياسر کي ته بابا هنن اکين جي ننڊ ڪي نيڻ کسي ويا آهن، اهي نيڻ جن جو ڪيتري عرصي کان آءٌ منتظر هئس، انهن نيڻن کي ڪهڙي ميار ڏيان ها. هي ته اهي اکيون هيون جن سان مون دل ئي دل ۾ پيار ڪيو هو، بي پناه پيار، بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي، هڪ طرفو پيار. انهن اکين سان مون اهڙو پيار ڪيو هو، جهڙو ڪو پرهيزگار پنهنجي خدا سان ڪندو آهي. پيار ٿيندو ئي انتها جي حد تائين آهي ۽ پيار جو ٻيو نالو آهي ئي وڇوڙو، آءٌ اڃا اهڙين سوچن ۾ گم هئس ته صبح جي اذان جو آواز منهنجي ڪن تي پيو، ايتري ۾ ياسر اچي چيو ادا هاڻي ته سج اڀرڻ وارو آهي، چيو هئم ها ادا وڇوڙي جو سج اڀرڻ وارو آهي. مون کي خبر ناهي ته ياسر کي اها ڳاله سمجهه ۾ آئي يا نه، پر آئون ذهني طور وڇوڙي لاءِ تيار ٿي چڪو هئس. هئه هئه زندگي! تون ڪهڙا مذاق ڪري ٿي وٺين. صبح جو گهران تيار ٿي پوائنٽ ۾ چڙهي سنڌ ورسٽي پهتو هئس ۽ سينٽرل لائبريريءَ جي پٺيان واري ڪينٽين تي ويهي، احسان، مختيار ۽ اياز سان ڪچهري ڪئي هئم،چانهن جو ڪپ خالي ڪري سگريٽ دکايو هئم ۽ هڪ ڀرپور ڪش هڻي دونهون هوا ۾ اڏاريو هئم، جيڪو منهنجي وجود جيان هوا ۾ وکري ويو هو. ان وقت احسان پڇي ورتو هو، عشق جي نانگ کان نه بچي سگھين؟ چيو هئم پيارا! اسان ۽ عشق کوڙو ئي نه لڳي. وڌيڪ چيو هئم، پيارا! آءٌ اهڙي عشق ۾ جڪڙيل آهيان جو هاڻي مزاجي عشق ڪا معنيٰ نٿو رکي، پڇيو هئائين رات جاڳيو آهين؟ چيو هئم ها جاني رات لائٽ نه هئي ان ڪري ننڊ نه آئي، چيائين ڪوڙ نه ڳالهاءِ، توکي جيترو آءٌ سڃاڻان، اوترو شايد ڪير توکي محسوس به ڪري سگهي، بر حال تون پاڻ ٻڌائيندين. منهنجو ۽ احسان جو هميشه ان ڳالهه تي جھيڙو هوندو هو، احسان چوندو هو تون اهڙي عشق ۾ ڦاسندين جو تنهنجو پوئتي موٽڻ ممڪن نه هوندو. آءٌ اڪثر اهو ئي چوندو هئس، مون ڪڏهن نه عشق ڪيو آهي ۽ نه ڪري سگهان ٿو. احسان جا اهي لفظ جيئن منهنجي ذهن تي تري آيا هئا، تيئن منهنجي اک مان هڪ ڳوڙهو وهيو هو، پاڻ سنڀاليندي احسان کي چيو هئم پيارا! هلجي پيپر شروع ٿيڻ وارو آهي. اسان جيئن ڊپارٽمينٽ پهتا هئاسين، منهنجي دل جي رفتار تيز ٿي وئي هئي، آءٌ سڀني دوستن کان لڪي هڪڙي پاسي ويهي رهيو هئس، تيسين سائين انور اچي چيو؛ بابا اچو پيپر جو ٽائم ٿي ويو آهي. سڀئي دوست ڪلاس ۾ داخل ٿي چڪا هئا ۽ آءٌ آخر ۾ ڪلاس ۾ داخل ٿيو هئس، اکيون، اکين سان ٽڪرايون هيون، پر سندس اکين جي ڏِيا کان آئون ڏڪي ويو هئس، انهن اکين ۾ ڪيڏي نفرت ۽ ڪروڌ ڀريل هو. منهنجي طبيعت جي بي چيني وڌڻ لڳي هئي، مون نظرون جھڪائي ڇڏيون هيون. جيئن ڪاپي هٿ ۾ ملي هئي، لکڻ شروع ڪيو هئم، تيستائين ڪنڌ مٿي نه کنيو هئم، جيستائين سمورا سوال حل نه ٿيا هئا، سڀني کان پهرين ڪاپي سائين انور کي ڏيئي، تڪڙيون وکون کڻندو ڪلاس مان ٻاهر نڪتو هئس، مون کي ايئن لڳو هو ڄڻ ڪنهن دل مان سڏڪو اڀريو هو، ڪنهن اک مان ڳوڙهو وهيو هو. پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏٺم! اهو ڳوڙهو منهنجي دل مان وهيو هو، اهو سڏڪو منهنجي دل مان اڀريو هو.آءٌ تڪڙيون وکون کڻندو ڊپارٽمينٽ مان ٻاهر نڪري رهيو هئس ته اوچتو پٺيان امتياز سڏ ڪيو هو، پر ورندي ڏيڻ سواءِ اچي فيڪلٽي پهتو هئس. فيڪلٽيءَ ۾ ڪيترين ئي اپسرائن جي اکين ۾ گھوري ڏٺو هئم، ڪي به اکيون مون کي اهڙيون نه لڳيون، جيڪي اکيون آءٌ ڪلاس ۾ وساري آيو هئس. منهنجي ڪنن ۾ ڪيترا ئي ٽهڪ گونجيا هئا، پر ڪنهن به ٽهڪ ۾ اهو رڌم نه هو، مون ڪيتريون ئي مرڪون ڏٺيون، پر ڪنهن به مرڪ ۾ فطري رنگيني نه هئي، ڇسا ٽهڪ، مصنوعي مرڪون. ڪيڏانهن ويون اهي ڪويل جون ڪوڪون، ڪيڏانهن ويا اهي گل، ڪيڏانهن ويو اهو مالهي، سڀ ڪجهه هڪ جھٽڪي ۾ ختم ٿي ويو هو، ڄڻ هوا جو جھوٽو هو، جيڪو لڳي ۽ گذري ويو هو. اوچتو منهنجي زبان تي هي سٽون تري آيون هيون اسان چاه وارا هي چارا ڇڏيا ڇڏي سنڌ ورسٽي ۽ پيارا ڇڏيا، اڃان حال ساڳيو سڏي ٿو پيو، جتي تو اکين جا اشارا ڇڏيا. آءٌ آرٽس فيڪلٽيءَ تي هڪ مٿاڇري نظر وجهي اڳتي وڌيو هئس ته؛ پٺيان احسان اچي ڪلهي تي هٿ رکيو هو، پوءِ ٻئي ڄڻا هٿ، هٿ ۾ ڏيئي سنڌوءَ تي آيا هئاسين، رستي ۾ ٻنهيءَ مان ڪنهن ڪون ڳالهايو هو، آءٌ جڏهن به اداس ٿيندو آهيان ته سنڌوءَ تي ايندو آهيان، سنڌوءَ جي ڇولين جو رومانوي منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي، پر اڄ سنڌو به مون وانگر اداس هو، ڪٿي هيون سنڌوءَ جون موجون؟ ڪيڏانهن ويا اهي پيڙهياتا ملاح؟ سنڌوءَ جي پيٽ مان واريءَ کي اڏامندو ڏسي، آءٌ احسان جي هنج ۾ مٿو رکي، ڪيتري دير روئندو رهيو هئس، آءٌ ايترو رنو هئس جو منهنجي اکين جو پاڻي سنڌوءَ جيان سڪي ويو هو. ان وقت ڪٿان علڻ فقير جو من موهيندڙ آواز گونجيو هو. ٽڙي پوندا ٽاريين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين. alinawazarisar@yahoo.com
اوهان جو ليڪ ۾ گهڻا ئي رنگ آهن تمام بهترين لکڻي آهي ڪجهه وقت اسان کي به اوهان اهڙين يادين ڏانهن وٺي ويو جنهن کي اسان ڪڏهن کان وساري ڇڏيو آهي