لَوئڙِيَارِي آهِيان، وَارِيَان تَان نَه وَرَقُ
سَانڍِيَمِ سُپَيرِيُنِ لَئه، لَوئِيءَ اَندَرِ لَڪُ
ڪَنڌِ ڪَاسَو، پَٽِ پَاسَو، ڏِنَمِ تَنَ تَرَڪُ
سَندَو مَارُوءَ حَقُ، جَان جِئَان تَان پَارِيَان
سُرُ مَارُئي
لَوئَڙيَاري = لوئي پهريندڙ، ٿڳڙي پوش
وَاريَان تَان نَه وَرَقُ = پنهنجي اباڻي ريت نه مٽينديس، ڪو نئون طريقو اختيار نه ڪنديس
لَوئيءَ اَندَر لَڪُ = لوئيءَ سان ڍڪي پنهنجا انگ، عزت ۽ عصمت کي لڪائينديس
ڪَنڌ = ڪنڌ هيٺان
ڪَاسَو = پاڻيءَ لاءِ چمڙي جي مشڪ
پَٽ = پٽ تي
تَنَ = جسم کي
تَرَڪُ = تسو، تڪليف
بيت جو پس منظر
~ مارئي چئي ٿي ته : مان لوئي اوڍڻ واري پنهنجي اباڻن سان ڪيل قولن، واعدن ۽ وچنن جي ريت نه مٽائينديس.
~ آئون پنهنجي مارن ۽ محبوب جي امانت، هن عزت ۽ عصمت کي لوئيءَ ۾ لڪائي محفوظ ڪيو آهي.
~ اسان مارو ماڻهو پنهنجي ڪنڌ هيٺان مشڪ وهاڻو ڪري پٽ تي سمهڻ جا هيراڪ آهيون.
~ جيسيتائين جيئري آهيان پنهنجي محبوب جي امانت، عزت ۽ عصمت کي داغدار ٿيڻ نه ڏينديس.
سمجهاڻي
ڀٽائيءَ جو هي بيت سنڌ جي سمورين سورمين جي عزم ۽ حوصلي سان عزت ۽ عصمت کي سانڍي رکڻ ۽ مرندي تائين ان جي حفاظت ڪرڻ جَي ارادي جي عڪاسي ٿو ڪري.
مارئي پنهنجي عزت ۽ عصمت کي اباڻن جي ڏنل لوئيءَ سان ڍڪي، لڪائي مرندي تائين ان جي حفاظت ڪرڻ جو وچن ٿي ڪري. مارئي، عمر جي پلنگن، بادشاهي بسترن، سوڙين ۽ ريشمي وهاڻن تي ڪنڌ رکي سمهڻ جي بجاءِ پٽ تي سمهڻ کي ترجيح ٿي ڏئي.
سو اچو ته اسان به سنڌ جي ننگن دنگن، مارين، سورمين ۽ نياڻين جي عزت ۽ عصمت جا رکوال بڻجون، سندن حفاظت ڪرڻ جو وچن ڪيون.
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: