مولانا عبدالحق رباني

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    مولانا عبدالحق رباني
    (1910ع کان 1983ع تائين)​
    سنڌ جو ناميارو بزرگ مولانا عبدالحق رباني ولد محمد رمضان 1920ع ڌاري نصرپور ۾ ڄائو. سندس اصل نالو محمد وريل هو. ننڍ پڻ ۾ ئي سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو. پوءِ کيس چاچن نپايو، مولانا عبدالحق رباني ننڍ پڻ کان وٺي داناءُ ۽ متقي شخص رهيو. هن حافظ خدا بخش قاضي کان قرآن مجيد ۽ سنڌي ٻئي درجي تائين تعليم حاصل ڪئي. هن پنهنجي چاچي قاضي تاج محمد جي مدرسي مان عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. 1923ع ڌاري وڌيڪ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مولانا صاحب هندستان جي نامياري ”مدرسه ديوبند“ ۾ ويو. مولانا صاحب جن استادن جي سرپرستي هيٺ تعليم پرائي، انهن ۾ مولانا محمد ابراهيم، مولانا حسين احمد مدني، مولانا شبير احمد عثمان ۽ مولانا اعزاز علي وغيره شامل آهن. مولانا عبدالحق جي استادن سندس ذهانت کان متاثر ٿي هن جو نالو محمد وريل مان مٽائي عبدالحق رکيو، هن حديث جي وڌيڪ تعليم سنڌ جي نامياري عالم مولانا عبيدالله سنڌي کان حاصل ڪئي، مولانا عبدالحق رباني ڪيترا ديني مدرسا قائم ڪيا، جن مان شاهي بازار حيدرآباد وارو مدرسو پڻ هڪ آهي، ان کان سواءِ ھن نصرپور شهر ۾ ”مدرسه مظهرالحق“ ۽ ميرپورخاص ۾ پڻ هڪ مدرسو کوليو، جنهن ۾ اڃان تائين شاگرد ديني تعليم عام ڪرڻ لاءِ هن ديني رسالا به ڪڍيا، جن ۾ ”مبلغ“ ۽ “عدل“ سرفهرست آهن، مولانا عبدالحق رباني آخري عمر ۾ پيپلز پارٽي ۾ به شامل ٿيو، سندس بيباڪي ۽ سنڌ دوستي جو بي مثال ٽبوت اهو آهي ته هن سنڌ جي قومي مسئلن تي پنهنجي پارٽي جي به مخالفت ڪئي ۽ پيپلز پارٽي جي دور ۾ قيد ۾ پڻ رهيو، مولانا عبدالحق رباني 19 ڊسمبر 1983ع تي وفات ڪئي.
    [​IMG]
    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سهڻي ونڊ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو