گذريل رات مون پشاور ۾ هڪ خانداني دوست کي فون ڪئي. ”ڇا پيو وهي واپري؟“ مون کائنس پڇيو. جيڪي ڪجهه مون محسوس ڪيو هيو تنهن جي اظهار لاءِ ڪي لفظ نه ٿي مليا. ٽيلي ويزن اسڪرين توڙي مسلسل اپ ڊيٽ ٿيندڙ منهنجي ٽوئيٽر تي جيڪي وحشت ۽ خوف ڀريا اسڪرول اچي رهيا هيا، تن بابت ڪجهه چوڻ لاءِ لفظن منهنجو ساٿ نه ٿي ڏنو. ”يا خدا سڀئي ٻالڪڙا هئا، خوبصورت به هئا.“ هن وراڻيو. فوتين ۾ اڪثريت ٻارهن کان سورهن سالن جي وچ واري عمر وارن جي هئي. فون تي مون ان فرزند جي باري ۾ ٻڌو، جيڪو اسڪول ۾ ڦاٿل هو. کيس ڄياڙيءَ ۽ ڪلهي ۾ گولي لڳي هئي پر هو جيئرو آهي. طالبان پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪيو ۽ بقول هنن جي ته هنن هي حملو ان ڪري ڪيو جو هنن چاهيو ٿي ته پاڪستان ان جو درد محسوس ڪري پر پاڪستان ته فيض احمد فيض موجب سورن جو ٿانءُ آهي. هڪ قوم آخرڪار ڪيترا درد ۽ غم برداشت ڪندي؟ ”منهنجو پٽ منهنجو خواب هئو.“ ڏک ۾ چور هڪ پيءُ پشاور ۾ پنهنجي واتان ٻڌائيندي اهو به چيو ته ”اڄ مون پنهنجو خواب دفن ڪري ڇڏيو آهي.“ پهريون ڀيرو آهي جو اڄ پاڪستان خوابن کان بلڪل خالي محسوس ٿي رهيو آهي. اسان مان به ڪيترائي نوجوان ائين ئي سمجهن ٿا. ڏک جيڪو ڪنهن جو نانءُ نه ڄاڻي. انهن مائٽن لاءِ ڇا چوان؟ لفظ ئي ناهن جن پنهنجا گلن جهڙا ٻارڙا دفنايا. جيڪا ٻولي گهٽ ۾ گهٽ مان ڄاڻان ٿي، تنهن ۾ ته بي واهه يا يتيم جو نعم البدل ڪو لفظ ئي ناهي. جنهن جو معصوم ٻار ماريو وڃي ان کي ڪهڙي لفظن سان پڪارجي؟ اسان وٽ انهن والدين جي درد کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ئي ناهن، جن وقت کان اڳ ئي پنهنجي ٻارڙن کي لحد ۾ لاٿو. تنهن ڪري وڇڙي ويلن بابت هاڻي ڇا چئجي؟ ڪهڙا لفظ اسعمال ڪجن؟ هي غم ته برداشت کان وڏو آهي پر غم سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ اڄ ڪاوڙ به آهي. اها ڪاوڙ انهن لاءِ آهي جن دهشت کان اکيون ڦيرايون. ڪاوڙ انهن تي به آهي جن قاتلن بابت پنهنجا چپ سبيل رکيا ۽ نالو وٺي سندن نندا ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڪاوڙ ته انهن تي به آهي جيڪي معصومن جي قتل عام تي مصلحت جو شڪار رهيا. سو ڪاوڙ ته آهي ئي آهي پر ان کان به وڌيڪ هي هڪ شرم جوڳو عمل آهي. شرمناڪ ته هي عمل به آهي ته اهي ٽئي فرسٽ ايڊ انسٽريڪٽر جيڪي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ٻارڙن کي طبي امداد جا گر ۽ طور طريقا سيکارڻ آيا هئا، سي به مارجي ويا. مارجي ويل اڪثر ٻارڙن کي مٿي ۾ گوليون هنيون ويون هيون. اهو ڄاڻيندي به شرم ٿو اچي، شرم ته انهن لاءِ به اچي ٿو جن کان نه ته اسان معافي گهري ٿا سگهون، نه ئي وري پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو دفاع ڪري سگهياسين. سورهن ورهن جي شاهه رخ ان ڏينهن جي ڀوائتي وارتا بيان ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اهي ماڻهون جيڪي کيس ۽ سندس هم ڪلاسين کي مارڻ آيا هيا تن نِوڙي بينچن هيٺان ڏٺو ۽ پڪ ڪئي ته ڪوبه زنده نه بچيو آهي. شاهه رخ، جنهن کي ٻنهي ڄنگهن ۾ گوليون لڳيون هيون، پنهنجي ٽاءِ ويڙهي وات ۾ وڌي ته جيئن پاڻ کي سور منجهان رڙ ۽ دانهن ڪرڻ کان روڪي سگهي. شاهه رخ کي آٿت ۽ خاطري ڪرائڻ لاءِ ڪهڙي زبان استعمال ڪريان؟ جيتري قدر لفظن جو تعلق آهي ته مون وٽ ان لاءِ ڪي لفظ ناهن. عربي ٻولي ۾ طالبان جي معنيٰ طلب علم يا شاگرد آهي. سو هي ڪهڙا شاگرد چئبا جن سکڻ واري هنڌ رتوڇاڻ ڪئي. پشاور سانحي کان پوءِ ڀارت سموري ملڪ جي اسڪولن ۾ ڏک ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ ٻن منٽن جي خاموشيءَ جو اعلان ڪيو، ترڪي هڪ ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ۽ پاڪستان ۾ وري اسين اکرن ۾ اڙيل آهيون. ان عورت کي ڪهڙي کاتي ۾ آندو ويندو، جنهن کي سندس شاگردن جي سامهون ساڙي ماريو ويو؟ جڏهن اهم شخصيتون، اينڪر پرسن، سياستدان ۽ اُنهن سان لاڳاپيل نوجوان فقط نفرتون ئي ونڊين ته طالبان کي ڪيئن چئجي؟ اسان سڀئي ڳچ عرصي کان جنهن دهشتگردي کي ڀوڳي رهيا آهيون، تنهن بابت اسان ڪيئن پئي ڳالهايو آهي؟ ڪابل ۾ استقلال اسڪول تي حملو ۽ ان جي نتيجي ۾ 6 افغانين جي مارجي وڃڻ ۽ ڪيترن جي زخمي ٿيڻ، دهلي ۾ هلندي بس ۾ عورت سان زيادتيءَ وارن واقعن يا وري پشاور جي ٻارڙن واري واقعي بابت هڪ ٻئي لاءِ همدردي کان سواءِ اسان ڪيئن ڳالهائيندا رهيا آهيون. پاڪستان ۾ اڄ شاعري نوحو لڳي ٿي، اهڙي شاعري ڪنهن زماني ۾ ڪنهن جي مرتئي تي پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ پڙهي ويندي هئي. ڇو جو غم جي عالم ۾ اسان کي ٻين جي لفظن ۾ آٿت نظر ايندي آهي. محمد حنيف جنهن جو شمار اسان جي انتهائي بي ڊپن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، تنهن ساڳي ڏينهن تي لکيو آهي ته پشاور ۾ مارجي ويل ٻارڙن جي ايثال ثواب لاءِ دعا گهرڻ جي ڪائي ضرورت ناهي، ٻارهن کان سورهن سالن جي هنن ٻالڪن ڪهڙو گناهه ڪيو هوندو؟ پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت کي گذارش آهي ته ٻارڙن جي مئي پڄاڻان سندن زندگين بابت ڳڻتي نه ڪئي وڃي، اهي جڏهن دعا لاءِ هٿ مٿي کڻن ته کين پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ ٻاڏائڻ گهرجي، کين ويجهي کان پنهنجا هٿ غور سان ڏسڻ گهرجن ته ڪٿي رت جا ڇنڊا سندن هٿن تي ته لڳل ناهن. پشتو جي مشهور شاعر رحمان بابا جي شاعري تي واپس اچڻ جي ڪوشش ڪنديس ته ”اسين سڀئي هڪ جسم آهيون“، جنهن لکيو آهي ته ”جيڪو ٻئي تي تشدد ڪري ٿو سو دراصل پاڻ کي ڦٽي ٿو“. fatima.bhutto@gmail.com