• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مذهبي فساد بابت هڪ وضاحت

اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

ممتاز قريشي

سينيئر رڪن
علم ۽ سمجهه جي ڪمي ۽ پنهنجي ڳالهه سچي ٻئي جي ڳالهه ڪوڙي واريو نظريو اسان سنڌي ماڻهن ۾ هميشه کان رهيو آهي.
اسان مخالف سوچ نه ٻڌي سگهون ٿا، نه پڙهي سگهون ٿا ۽ نه برداشت ڪري سگهون ٿا.

ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ مان انتظاميه ۽ هتي موجود رڪنن کي ڪجهه حقيقتون ڏيکارڻ چاهيان ٿو.

هيٺ ڪجهه لنڪس ڏجن ٿا. انهن تي نظر ڦيرائي پڙهندڙ فيصلو ڪري سگهن ٿا ته مذهبي فساد ۽ بحث مباحثه ڪري اختلافن ۽ اعتراضن جو نه کٽندڙ سلسلو ڪيئن شروع ٿئي ٿو.

1. حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنه جي شهادت جو ڏينهن
2. سلام يا حسين عليه السلام۔۔۔۔

مون گذريل سال محرم مهيني جي مناسبت سان هڪ مضمون لکيو هو ان تي سڄو سال ڪنهن به دوست پاران ڪو به اعتراض سامهون نه آيو بلڪه شيعه مڪتبه فڪر جي ڪافي دوستن ان کي پسند به ڪيو هو، پر تازو هڪ دوست ان مضمون کي برداشت نه ڪيو ۽ معني خيز انداز سان طنزيه جواب ڏنا ويا .ڇا اها ان دوست جي نيڪ نيتي چئبي..؟

جڏهن هڪ عام اسلامي مضمون ۾ اوچتو اهڙي قسم جا اعتراض وقت به وقت لکيا وڃن ۽ ڪجهه مخصوص رڪنن پاران پنهنجي دل جي ڀڙاس ڪڍي وڃي ته پو ٻي ڌر خاموش ڪيئن رهي سگهي ٿي...؟

سنڌ سلامت جا ڪيترائي مضمون ان ڳالهه جا گواهه آهن.
اهڙي قسم جا اعتراضات مختلف مضمونن ۾ مسلسل ايندا رهن ٿا ، اهو ئي سبب آهي جو انهن جا جواب ڏيڻ ٻي ڌر تي لازم ٿي پوندو آهي.

اسلام ۾ بلڪه دنيا جي هر هڪ قانون ۾ پاڻ تي ڪيل هر هڪ حملي جو دفاع جائز سمجهيو وڃي ٿو. حملو صرف جسماني نه هوندو آهي. ذهني ، ديني ، قومي ، ثقافتي وغيره وغيره ، مطلب ته هر قسم جي حملي لا اسان کي تيار رهڻ گهرجي ۽ پنهنجي دفاع جو حق هر انسان کي هوندو آهي.
منهنجا سڀ جا سڀ مضمون مخالف دوستن جي فرمائشن تي ئي لکيل آهن صرف انهيڪري ته جيئن کين خبر هجي ته جنهن قسم جا اهي اعتراض ڪن ٿا انهن جا مدلل جواب اسان کي ڏيڻ به اچن ٿا ۽ بدلي ۾کانئن اهڙا سوال به پڇي سگهجن ٿا جن جا جواب شايد انهن وٽ نه هجن.

بحرحال آخري فيصلو انتظاميه تي ڇڏجي ٿو اهي جيڪو فيصلو ڪندا مون کي قبول هوندو.

بس هڪ ڳالهه جو ڏک رهندو ته مان مستقبل ۾ هڪ مضمون "موجوده قرآن ئي اصل قرآن آهي..!!" جي عنوان سان لکڻ چاهيو پي ، اهو مضمون به مخالف دوستن جي ئي خواهش مطابق لکڻ مقصود هو. جنهن ۾ قرآن بابت اسان کي ڪهڙو عقيدو رکڻ گهرجي ۽ ان عقيدي بابت قرآن ۽ حديثن ۾ ڪهڙيون هدايتون آيل آهن ۽ گڏوگڏ تحريف قرآن سان جڙيل مخالف دوستن جي ڪافي اعتراضن جا تحقيقي جواب به ڏيڻا هئا، پر لڳي ٿو سڀ مون کي ڏوهي سمجهي رهيا آهن ۽ اهو مضمون شروع ٿيڻ کان اڳ اسلامي سيڪشن ئي بند ٿي وڃي.

شايد منهنجي تحريرن سان نفرتون جنم وٺي رهيون آهن، فرقه بندي پيدا ٿي رهي آهي ۽ مان مخالفن جي توهين به ڪندو آهيان...!!
اهڙي دل آزاري تي سڀني دوستن کان معافي وٺان ٿو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
هن موضوع تي اڳ به بحث ٿي چڪو آهي.. ۽ ڏوراپو تفصيلي غور لاءِ انتظاميه جي گڏجاڻي هيٺ آهي.. ان ڪري وڌيڪ بحث کان روڪجي ٿو.. مناسب سمجهيو ويو ته رڪنن سان ذاتي ڪچهري ۾ رابطو ڪبو...
 
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
Back
Top