رامچند ڪيولراماڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    رامچند ڪيولراماڻي
    1889ع کان 1965ع تئين​

    رامچند ڪيولراماڻي 2 آڪٽوبر 1884ع تي ڀرياسٽي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو، انٽر کان پوءِ بي اي سول انجنيئرنگ تائين پڙهيو، ورهاڱي سبب هندستان لڏي ويو ۽ بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪيائين، سنڌ مان لڏڻ کانپوءِ هندستان اندر هن سنڌي هندن جي بحالي لاءِ ڪافي ڪم ڪيو، ٽيليگراف ۽ پوسٽ جي کاتن ۾ ملازمت ڪيائين، جتي ترقي ڪندو ڊائريڪٽر جي عهدي تي رسيو ۽ ان ئي عهدي تان رٽائر ڪيائين، هن 1938ع ڌاري ڪراچي ۾ سيتارام پرڪاش هائير سيڪنڊري اسڪول قائم ڪيو هو، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪل پونجي وقف ڪري اسڪول کي مٿاهين سطح جو تعليمي ادارو بڻايو، ورهاڱي بعد وديالا پاڙي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کانپوءِ ساڳئي نالي سان اسڪول شروع ڪيائين ۽ ان اسڪول ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ کي يقيني بڻايائين، هي اسڪول پهريان مسواڙي ڄڳهه ۾ هو، جنهن کان پوءِ اسڪول جي عمارت قائم ڪري پنهنجي خدادا صلاحيتن سان اسڪول کي بمبئي جي اعلى تعليمي اداري طور مڃرايائين، رٽائر ٿيڻ کان پوءِ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ عام ڀلائي جا ڪم ڪيائين، سدائين غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ عام خدمت جي ڪمن ۾ پيش پيش رهندو هو، عام ماڻهن جي اهنجن ۽ تڪليفن کي پنهنجو ڪري ڀائيندو هو، عام ماڻهن جي اهنجن ۽ تڪليفن کي پنهنجو ڀائيندو هو، هن پنهنجون سڀ توانايون تعليمي واڌاري لاءِ ڪتب آنديون، رٽائرمينٽ بعد گهڻو وقت اسڪول ۾ گذاريندي شاگردن جي تربيت ڪندو هو، شاگردن سان رويو دوستاڻو هوندو هو، هو کين پڙهائڻ لاءِ همٿائيندڙ، والدين جيترو پيار ڏيندڙ ۽ هڪ رهبر جو ڪردار ادا ڪندو هو، ڪيترن ضرورتمند شاگردن جي سهائتا ڪئي ۽ کين پڙهائي جا ڀرپور موقعا فراهم ڪيا، رامچند ڪيولراماڻي جي حيثيت سماجي خدمتگار ۽ تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ نه ٿڪجندڙ شخص واري آهي، رامچند ڪيولاراماڻي جي وفات کان پوءِ سندس پوٽن مان پرڪاش اسڪول جي سنڀال پنهنجي ذمي کنئي آهي، جيڪو ان اسڪول جو اڄ به ٽرسٽي آهي، رامچند ڪيولراماڻي 1965ع ڌاري بمبئي ۾ وفات ڪئي، سندس خاندان وديالا پاڙي بمبئي ۾ رهائش پذير آهي.

    [​IMG]

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    تمام سهڻي ونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو