هڪ ٿلهي متاري ڍڳي رُلندي اچي جوناٿن وٽ پهتي. هوءِ سُون سُون ڪري رهي هئي. هن جي ڳچي ۾ ٻڌل چڙي سندس حرڪت سان گڏ آهستي آهستي وڃي رهي هئي. اوچتو گهٽيءَ جي آخري ڇيڙي مان ڳنئون ظاهر ٿيون هي بي حال پوڙهو ماڻهو لٺ کنيو ان جي پويان هو. ”واپس هيڏي اچ چريا جانور“ گوالي ڀڻ ڀڻ ڪئي. جوناٿن سرڪيو ۽ پنهنجي ڪلهي کي استعمال ڪندي ويجهو پيل هڪ دٻي کي کڙڪايو، پوڙهي ماڻهو اڌ اونداهي ۾ تڪيو ته ڪير آهي؟ جوناٿن کي ٻڌل ڏسي يڪدم اچي سندس وات مان رومال کي هٽايو. جوناٿن سڪون جو ساهه کنيو ”مان ڦرجي ويس. مون کي کول! پوڙهي پنهنجي کيسي مان چاقو ڪڍي ڏورين کي وڍيو ”مهرباني“ جوناٿن پنهنجي ڏکندر ڪراين کي مهٽيندي چيو. هن بيتابي مان اهو سڀ ڪجهه ساڻس وهيو واپريو هو سو کيس ٻڌايو. بي حال پوڙهي مٿو ڌوڻيندي چيو ”اڄڪلهه توکي هر ڪنهن تي نظر رکڻ گهرجي آءُ ته شهر ڪڏهن به اچان ها پر مون کي خبر پئي ته حڪومت پاران مون کي مدد ملي سگهي ٿي. توهان جو ڇا خيال آهي ته حڪومت منهنجي رقم موٽرائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي؟ جوناٿن پڇيو نه! شايد پر ٿي سگهي ٿوخوشقسمتي سان توکي ”حڪومتي بازار“ ۾ ڪائي مدد ملي وڃي مون کي ته نه ملي“ پوڙهي جواب ڏنو. هن جي چهري تي ڇونهاري کان به وڌيڪ گهنج هئا کهرا ڪپڙا ۽ ڪچي چمڙي جا بوٽ پاتل هئس. جوناٿن کي هن جي مطمئن انداز ۽ بي تڪلف گفتگو مان حوصلو مليو. ”هي حڪومت جي بازار ڪهڙي آهي؟“ ڇا اها ڪا جانورن کي وڪڻڻ جي جڳهه آهي؟ جوناٿن پڇيو پوڙهو ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ پنهنجي بي نقصانڪار جانورن کي گهورڻ لڳو ”اهو ئي ته مان ڏسڻ آيو هيس.“ رکوالي چيو ”اصل ۾ هڪ رنگين شو آهي عمارت ڪنهن بينڪ کا وڌيڪ دلڪش ۽ ايڏي وڏي آهي جو مون اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. اندر ماڻهو آهن جيڪي شهرين جي معاملن کي نمٽائڻ لاءِ هر قسم جي حڪومتن جو ڪاروبار ڪن ٿا. اڇا! جوناٿن چيو. ”هو ڪهڙي قسم جي حڪومتن جو ڪاروبار ڪن ٿا؟ گوالي اُس ۾ ڪاراٽيل ڪنڌ کي کنهندي چيو ”اتي هڪ ماڻهو هو جيڪو پاڻ کي سوشلسٽ چوائيندو هو. ان مون کي ٻڌايو ته انهن جو حڪومتي نظام منهنجي انهن ڳئن مان هڪ منهنجي پاڙيسري کي ڏئي ڇڏيندو. مون ان جي ڳالهين تي گهڻو ڌيان نه ڏنو. مون کي پنهنجي ڳئون پاڙيسري کي ڏيڻ جي لاءِ ڪنهن جي مدد جي ضرورت ناهي. جڏهن اهو ضروري ٿيو ته آءُ پاڻ ئي ڏئي سگهان ٿو.“ پوءِ اتي هڪ ڪميونيسٽ هو کيس ڳاڙهي شرٽ پاتل هئي ان جو ٿيهو پهرين واپاري سان لڳو لڳ هو. منهن تي چڀندڙ مرڪ سان منهنجن ڪپڙن کي لوڏيندي هو ۽ تمام گهاٽي دوستي محسوس ڪرائيندو هو ۽ منهنجو تمام گهڻو خيال ڪندو هو. ان حد تائين ته سندس خيال ٺيڪ هو پر جڏهن چيو ته منهنجي حڪومت توکان ٻئي ڳئون ڦري وٺندي ۽ ائين ڪرڻ سان سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو ۽ سمورا ماڻهو سڀني ڌڳين جا هڪجهڙا مالڪ ٿي ويندا. جيڪڏهن ڪنهن کي کير جي ضرورت پئي ته ان کي سندس ضرورت جيترو کير ملي ويندو. پوءِ هو ضد ڪرڻ لڳو ته آءُ سندس پارٽي جي گيت تي دستخط ڪريان ان کان پوءِ مو لاءِ ان وٽ بيهڻ جو ڪو به فائدو نه هو. منهنجو خيال هي آهي ته گهڻو ڪري مٿان ئي مٿان وڌيڪ حصو هو پاڻ وٽ رکي ڇڏيندو. پوءِ مان گهمندي گهمندي هال کان ٻاهر هليو ويس ۽ اتي هڪ فاشسٽ ملي ويو. اهو سڄي جو سڄو ڪاري لباس ۾ هو، ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن جنازي ۾ وڃي رهيو هجي. ”پوڙهي پنهنجي هڪ ڳئون کي بدبودار گند ڪچري تان هش ڪري هٽائڻ ۾ گهڻي دير لڳائي. ان فاشسٽ وٽ به ٻين جيان منهن تي چوڻ لاءِ مٿن لفظن جي کوٽ ڪا نه هئي هو چوندو هو ته منهنجو ٻئي ڌڳيون وٺندو ۽ جيڪڏهن مون کي کير جي ضرورت پئي ته هو مون کي پيسن تي وڪڻندو. آءُ چوان ٿو ته ان جو ڇا مطلب؟ خود پنهنجي ڌڳين جي کير جا توکي پيسه ڏيان؟ پوءِ هن مون کي ڌمڪي ڏني ته مان ان ئي وقت اتي جو اتي هن جي جهنڊي کي سلامي ڏيان نه ته مون کي گولي هڻي ڇڏيندو! اڙي! جوناٿن چيو ”مان شرط ٿو لڳايان ته تون اتان به ڀڄڻ جي ڪئي هوندي“ آءُ اڃان پير به کڻي نه سگهيو هيس ته هڪ پروگريسو ماڻهو اچي ٽڪرايو ۽ نيئن ڳالهه ڪرڻ لڳو هن چيو ته منهنجي حڪومت توکي سپلاءِ ۾ کوٽ آڻڻ لاءِ مون کي پيسه ڏيندي ته جيئن مان پنهنجي هڪ ڳئون کي گولي هڻين ڇڏيان هو ٻي ڳئون جو ڪجهه کير نالي ۾ هاري ڇڏيندو ۽ جيڪو بچندو اهو ڳري قيمت تي وڪڻڻ ۾ مدد ڪندو. هاڻ تون ئي ٻڌا ته اهڙو ڪهڙو چريو هوندو جيڪو اهو ڪم ڪندو؟ بلڪل تمام عجيب ٿو لڳي ”جوناٿن پنهنجو ڪنڌ لوڏيندي چيو ته توهان انهن منجهان ڪنهن حڪومت کي پسند ڪيو؟ ”نه، بلڪل نه پٽ“ گوالي وراڻيو ”انهن جي ڪنهن کي ضرورت آهي؟ پنهنجا مهار انهن جي هٿ ۾ ڏيڻ بجاءِ مون اهو فيصلو ڪيو آهي ته آءُ پنهنجون ڌڳيون واپس مارڪيٽ ۾ ڪاهي وڃان ۽ هڪ ڌڳي وڪڻي ان جي جاءِ تي هڪ ڌڳو خريد ڪريان“ ڪتاب ”عوامي ڀلائي واري رياست جي ڪهاڻي، ويچاري جوناٿن جي زباني“ مان ورتل