اها بينچ سدائين خالي هوندي هئي. جنهن تي هُو روز شام جو اچي ويهندو هو، شهر کان ٻاهر واهه جي ڪناري ڀرسان جي گهڻو وقت اڳ ننڍڙو هوٽل هوندو هو، شهر کان گهڻو پري هئڻ سبب شايد نه هليو هوندو، اتي چانهه جو چُلهه به کنڊر جي صورت ۾ ٽنگون چوٿين ٽنگ جي جاءِ تي ڪنهن سِرون رکي ڇڏيون هيون، شايد بينچ جي مالڪ ان ڪري کيس کڻڻ بهتر سمجهيو هو، جو روز ان بينچ تي ويهي ڀرسان روڊ تي چُرندڙ زندگيءَ کي ڏسندو هو، هن جي ويهڻ جو ڪو به خاص وقت مقرر ڪو نه هو، بس جڏهن به دل گهُرندي هئس يا ائين چئجي ته دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ اچي ان بينچ تي ويهندو هو ۽ پوءِ ڪيترا پهر اُتي ويهي اڪيلي سِر ڳالهائيندو هو، شايد ان ڪري جو هر ماڻهو درد جو داستان ٿي ويو آهي. ڀلا روز روز ڪير ڪنهن جا ساڳيا قصا ٿو ٻُڌي، بينچ ئي هئي جيڪا کيس ٻُڌندي رهندي هئي ۽ هن جو بار هلڪو ٿي پوندو هو هي وري ڪير آ؟ هن پري کان ئي هڪ اُوپري ماڻهو کي بينچ تي ويٺل ڏٺو ته پنهنجي مُنهن ڀڻڪيو، اُوپرو ماڻهو نوجوان هو، هن ڀرسان اچي عنيڪ لاهي کيس نهاريو، نوجوان هن جي موجودگي کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو، مان هتي روز ويهندو آهيان مون چيو ته مان به هتي روز ويهندو آهيان هو تون اوپرو ٿو لڳين، اڳ ڪڏهين مون توکي ناهي ڏٺو، نوجوان سُري ويٺو ته جو به بينچ تي ويٺو، اڄ هن کي عجيب پئي لڳو هن چاهيو پئي ته هي نوجوان هتان اٿي هليو وڃي ته جيئن هو بينچ سان ڳالهائي، تون هتي ڪيستائين ويهندين؟ ڇو؟؟ مون توکي ٻڌايو نه ته مان هن بينچ تي روز ويهندو آهيان رڳو مان ڇا مطلب؟ مان ڪهڙو توکي بينچ تان اُٿاريا ٿو؟ هو ڪاوڙ مان اُٿيو! نوجوان ڏانهن ڪروڌ مان ڏٺائين ۽ اڳتي هلي بيهي رهيو، دل ۾ سوچيائين مان ڇو اٿي آيس؟ اُٿڻ هن کي کپندو هو. ان بينچ تي رڳو مان ويهندو آهيان هو ڪير ٿيندو آهي! هو موٽي اچي بينچ تي ويهي رهيو. هن نوجوان ڏانهن نهاريو ۽ ڪاوڙ ۾ چيائين مسئلو ڇا آ؟ مسئلو! مسئلو ته توسان آهي، مون سان ته ڪو به مسئلو ناهي!! چوين ڇا پيو ٽوڪ ٿو ڪرين؟ وڏا اجايو تنگ نه ڪر، مان اڳئي پريشان آهيان ويتر تون مونکي پاڻي مان نه ڪڍ، هاڻ! مون ته تنهنجي شڪل ئي ڏسي توکي چيو هو ته توسان ڪو مسئلو اهي، وڃ ڀڻيان؛ سڪُون سان ويهڻ نه ڏيندين نوجوان ڪاوڙ مان اٿي هلڻ لڳو ته هن سڏ ڪيس يار ڪاوڙ نه ڪر،، هيڏي آ ويهه، مان هاڻي ڪجهه ڪو نه چوندس ۽ ها جي تون چوين ته مان هتان هليو وڃان؟ اچ ويهه ڪاوڙ کي ڇڏ، نوجوان کيس نهاريو ۽ ڪجهه سوچي واپس اچي بينچ تي ويٺو، ڪيترا ئي پهر هو ٻئي چپ چاپ ويٺا رهيا نيٺ هن خاموشي کي ٽوڙيو مان هتي روز اچي ويهندو آهيان ڇاڪاڻ ته منهنجي گهر ۾ ڪير به ناهي جنهن سان ويهي ڳالهايان هڪڙو پٽ آهي، ڊاڪٽر آهي ان کي وقت ئي ڪونهي جو ويهي مون سان ڳالهائي، هڪ مهيني ۾ مُشڪل سان ڪو هڪ دفعا مون ڏي نهاريندو آهي، هو شهر جو وڏو ڊاڪٽر آهي، مصروف آهي هو چوندو آهي ته جيڪو ڪرڻو آهي هينئر ئي ڪري وٺان پڇاڙيءَ ڪم ايندو، منهنجي ڪٿي ٿو ٻڌي هن کي ڪهڙي خبر ته جڏهن هو پورهو ٿيندو ته هيءَ بينچ تيسين هوندي به الائي نه، مان نُنهن تي بار نه ٿو ٿيڻ چاهيان هو ماسترياڻي آهي اسڪول مان ٺڪجي ايندي آهي گهر جو ڪم ڪار به ناهي ڪندي نوڪرياڻي رکيل اٿس، ماني لاءِ هڪڙي ته ٿائون لاءِ ٻئي ۽ ڇنڊ ڦوڪ لاءِ ٽين، هو ته پنهنجي اولاد کي پاڻ تي بار سمجهندي آهيان انڪري مان هن تي بار ٿيڻ ناهيان چاهيندو، ٻه پوٽا آهن مان هنن جي زماني جو ناهيان ان ڪري انهن کي منهنجون ڳالهيون اجايو ۽ بڪواس لڳنديون آهن، انهيءَ ڪري هو منهنجي ڀرسان به ناهن ويهندا، هاءِ مرهيات چڱو ٿيو جو اڳئي هلي ويئي نه ته به هو ٻاهر نڪري هن بينچ تي اچي ويهي ها ته ماڻهو ڇا چون ها؟ بس هاڻي ته رب کان هڪڙو ئي سوال آ شل هلندي هلائي، هي ڏس منهنجا هٿ هي نشان ڏسين ٿو انهن جي ڪري منهنجو پٽ هن مقام تي پهتو آهي، اڄ اهي ئي هٿ هن جي آڏو مونکي ڪمزور ڪري چُڪا آهن چوي ٿو ته مان وڏو خرچ ٿو ڪيان تون ئي ٻڌاءِ ته ڀلا منهنجو ڪهڙو خرچ هوندو بس رڳو چانهه پنهجو گرهه به هن جي وات ۾ وڌو هئم، ڪتي جو پُڇ چوي ٿو ته مان خرچ ٿو ڪيان هي وڳو ڏسين ٿو؟ منهنجي پٽ جو اٿئي اهو چوڙي چوڙي مون کي پائڻ لاءِ ڏيندو آ چوندو آ هن عمر ۾ نئون وڳو پائي ڇا ڪندين ننڍڙو ٻار ته ناهين؟ وسري ويس ته ڪيئن مان پنهنجي قميص کي چتيون هڻي به هن کي نوان ويس ٿي پارايا، تون هاڻي سمجهي ويو هوندين ته مان روز ڇو اچي هتي ويهندو آهيان ۽ هن بينچ سان ڇو ڳالهائيندو آهيان؟ هو اٿي هلڻ لڳو ٻه قدم هلي بيهي رهيو پوئتي نهاريائين نوجوان کان پڇايائين پر تو پنهنجي باري ۾ ڪجهه به ڪونه ٻڌايو؟ تو پئي ٻڌايو ته تون پريشان آهين ڇا ڳالهه آهي؟ نوجوان جون اکيون ڀرجي آيون هيون هن ڏانهن نهاريائين ته لڙڪ لڙي پيس، ڍنڍڪر ڪري روئي ڏنائين، سڏڪن ۾ پئجي ويو هوُ سُري وڃي بينچ تي ويٺو نوجوان جو ڪنڍ پنهنجي ڪُلهي تي رکي ٻانهن وارائي کيس آٿت ڏنائين صفا ڪو چريو آهين! روئين ٿو؟ مونکي ڏٺئي؟ مان اهڙي حالت ۾ کلندو ٿو وتان، سڀ چوندا آهن ته نڪ جو نِرڄو ٿي ويو آهيان سڀ ڪجهه ٻڌندو آهيان ڪنهن ڪنهن کي موٽ ڏيان؟ رنو هئم مان به ڏاڌو رونو هئم پر روئڻ سان ته ڪجهه به ڪو نه بدليو هو، روئڻ فضول ڀائيم، هاڻ مون روئڻ ڇڏي ڏنو آهي، مان ته هاڻ مرڻ ڪنڌيءِ تي اچي پهتو آهيان اوجاڳو ڪري موت جو انتظار ٿو ڪريان، تون ته اڃان نوجوان آهين! اڃا ته توکي رنگن سان راند ڪرڻي آهي تون ڄائي ايڏو مايوس ٿي ويو آهين! مون کي ٻڌاءِ ڳالهه ڇا آ؟ نوجوان اکيون اُگهي هن ڏانهن نهاريو کيسي مان هڪ پنو ڪڍي ڏيکاريو، منهنجي زال مون کي دوکو ڏنو آهي هي ڪورٽ جو نوٽيس آهي هن کي طلاق گهرجي، پورا ڏهه سالن هن مون سان گهاريا آهن ڏهه ئي سال عذاب ۾ گذاريا اٿم پر پوءِ به مان کيس طلاق ڏيڻ نه ٿو چاهيان، ٻار رُلي ويندا هن کي ته ان جي پرواهه ڪانهي پر مان نٿو چاهيان تون ئي ٻڌاءِ مان ڇا ڪيان؟ مونکي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي!! هو بينچ تان اٿيو اڳتي وڌي بيهي رهيو نوجوان ڏانهن مڙي نهاريائين ۽ چيائين مان هلان ٿو هاڻي هن بينچ تي روز تون ويهيندين، هاڻي مان ڪڏهن به هن بينچ تي ڪو نه ويهندس نوجوان هن ڏانهن حيرت منجهان نهاريو، پر ڇو؟ تون ڇو نه ويهندين؟ مان ته هليو ويندس نه مان هن بينچ تي ٻيهر نه ويهندس مون توسان ڪوڙ ڳالهايو هو، مون کي ڪو به پٽ ڪونهي، منهنجي زال مري ناهي ويئي، شادي جي پهرين سال ئي اسان جي اڻبڻت ٿي وئي هئي، روز روز جي جهيڙي کان تنگ ٿي هڪ ڏينهن مون کيس طلاق جو دڙڪو ڏنو هو، بس ٻئي ڏينهن تي هو گهر ڇڏي هلي وئي هئي، منهنجو گهر ڇڏي هو پنهنجي پيءُ جي گهر به ڪو نه وئي هئي، پنهنجي چاهيندڙ سان ڀڃي وئي هئي، ماڻهو هر عذاب برداشت ڪري ٿو سگهي پر زال جو دوکو برداشت نٿو ڪري سگهجي، هو ڳالهائيندو هلندو ويو، نوجوان کيس تڪيندو رهيو، هو گهڻو اڳتي هليو ويو هو نوجوان بنيچ تان اٿيو ۽ بينچ ڏانهن نهاريائين ڄڻ بنيچ کي چوندو هجي ته چڱو وري سڀاڻي ملنداسين،
ڪير ڪنھن ۾ ڪيترو موجود آھي ، اھي داستان ته رڳو روح جي ريگستان ۾ لکبا آھن ، لفظن جا آشرم ان کي بيان ڪن سو ته ممڪن ئي ڪونھي ! پگھرجي ويل پيشانين جھڙا بھار جا ڏينھن يادگيرين جو ٻيلو بڻيل رھندا آھن ، اھا رُت جي ادا آھي يا محبتن جو سحر؟ ان سوال کي ھر سوچ پنھنجو رنگ ڏيڻ چاھيندي پر عاشقي جي خوشبو جون آڱريون بنا رک رکا جي محبت جي بدن ڏي اشارو ڪنديون !