• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل جي دنيا

اختيار غوري

سينيئر رڪن
مان اڪثر ان ھيڪلي شخص جي باري ۾ سوچيندو آھيان، جيڪو آزمائش جي اسٽيڊيم ۾ بيٺو آھي، ۽ خونخوار چيتي جو انتظار ڪري رھيو آھي. اسٽيڊيم جي ڪنھن به ھڪ در مان چيتو ظاھر ٿيندو، ۽ ھيڪلي شخص تي حملو ڪندو. آدمخور چيتي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ھيڪلي شخص جي ھٿ ۾ تلوار نھ آھي. آسماني ڪتابن واري سيمسن وانگر ھو طاقتور بھ نھ آھي. ھو ٿڪل ٿڪل، نٻل ۽ ويڳاڻو آھي. ھو ٽئين دنيا جو ليکڪ آھي. ھن جي ھٿ ۾ قلم آھي. ھو اسٽيڊيم ۾ ’موجود خاموش تماشائين جي وچ ۾ پنھنجي موت جو منتظر آھي. ٽئين دنيا جي ڏتڙيل ليکڪ محسوس ڪري ورتو آھي تھ، قديم چواڻيءَ جي ابتڙ، قلم ڪنھن بھ صورت ۾ تلوار کان وڌيڪ طاقتور نھ آھي. ان ڄاڻ جي باوجود ٽئين دنيا جو ليکڪ لکي رھيو آھي، ۽ ادب جي بارگاھ ۾ پنھنجي وجود جو نذرانو ڏيئي رھيو آھي.‘
(امر جليل)
 
Back
Top