هڪ ٽوپي ڊرامو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    جڏهن الطاف جي انڪوائري شروع ٿي هئي ته هر ڪوئي پيشن گوئي پيو ڪري ته هاڻي الطاف ويو. مون ان وقت به چيو هو ته اهو به هڪ ٽوپي ڊرامو آهي. الطاف جا سمورا غير قانوني ڪم برطانيا کي معلوم آهن. انجي باوجود هو لنڊن ۾ آزاديءَ سان رهي پيو. هنکي ڪجه به نه ٿيندو. الطاف تي ڪيس کولڻ جو مقصد هنکي قانوني طور تي حفاظت پهچائڻ آهي. جڏهن مشرف پاڪستان ويو ته سمورا دانشور ۽ تجزيا ڪار کيس آرٽيڪل 6 تي ڦاسي ڏئي سندس ٽيجهو، جماڻو، ۽ چاليهو به کائي ويٺا هئا. مون ان وقت به چيو هو ته مشرف کي ڪجه به نه ٿيندو. هو ايڏو بيوقوف نه آهي جو تختي تي ٽنگڻ لاءِ پاڪستان اچي. مشرف چواڻيءَ هنکي يقين ڏياريو ويو آهي ته هاڻي هو اچي سگهي ٿو. کيس ڪجه به نه ٿيندو. منهنجي نظر ۾ اڳوڻو ڊڪٽيٽر پاڪستان جو ٻيهر حاڪم نظر پيو اچي. اهي ڪيس کيس ڪليئر ڪرڻ لاءِ هلايا ويا هئا. جيڪو شخص عربن طرفان ڏنل پرائيويٽ جهاز ۾ وطن موٽي ٿو، ڇا انکي ڪي گارنٽيون ڪون مليون هونديون؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو