سئو سيڪڙو سچ. .. اڳي پي ٽي وي تي سنڌي ٻوليءَ ۾ اڌ ڪلاڪ جو وقت هوندو هئو. قسم سان ڇا ته ڪمال جي ٻولي، سبق، معيار هوندو هئو ان اڌ ڪلاڪ ۾.... هڪ هڪ لفظ تڪي توري ملندو هئو. اسان جا سماج سڌارڪ، اديب ۽ شاعر پريس ڪلبن جي ٻاهران هڙتالون ڪندا هئا ته وقت وڌايو وڃي... ۽ ان جي ڀيٽ ۾ اڄ الائي گھڻا سنڌي چينل چوويه ڪلاڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ پروگرام هلائي رهيا آهن... تعداد ته جھجھو آهي پر معيار؟؟؟ صفا آنڱوٺو. هڪ ڀيري نجي ڪچهري ۾ محترم علي قاضي کي چيو هيم ته اوهان جوپ هڪ ڪريڊٽ وڏو آهي ته اوهان پوري دنيا ۾ هڪ زبردست خيالي ڪلچر جو بنياد وڌو آهي. جنهن ۾ مرد امريڪي ٽيڪساس جي ڪائو بواءِ وانگر صفا بدمعاش ۽ ڪورا ڄٽ آهن جنهن ۾ هر ٻئي ماڻهوءَ کي بندوق هٿ ۾ آهي ته وري ان جي ابتڙ عورتون ايتريون ته ڇڙواڳ آهن جهڙوڪ بئنڪاڪ .... (بهرحال مان هن مهل تائين مٿين منظر وارا ڳوٺ ڳولهيندو رهيو آهي.. پر نه ٿو ملي) سائين مٺل جسڪاڻي جو هي ڪالم پڙهڻ کان پوءِ مان پنهنجي موقف ۾ سمجھان ٿو اڪيلو ناهيان. قرب سائين.........
جي ها سائين سهي ٿا فرمايو اڄ ڪلهه نيوز چينلن ۽ ٽي وي پرواگرامن تان سنڌهي ادب نه هجڻ جي برابر آهي آسان جيڪي آرٽيڪل پڙهون ٿا يا وري سنڌي ادب تي لکيل ڪتاب پڙهون ٿا اُن مان اسان اندازو لڳايون ٿا ته اسان کي سنڌي ٽيلوزن تان ادب نٿو ملي .
ڪٿي ڪٿي ته سنڌي چينلن ۾ نوجوانن کي ڇوڪِرين پويان اهڙو ٿو ذليل ڏيکاريو وڃي جو ڇا ڳالھ ڪجي! يا وري ڌاڙيل ڪلچر يا اسانجي ڊرامن ۽ گانن ۾ انڊيا وارن جو انداز ۽ ڪلچر ڏيکاريو پيو وڃي