بَروَو سنڌي جَڏَهاڪُرَ ٿِيَام، سَاڃَاهَه سُپَيرِيُنِ سِين

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    جَڏَهاڪُرَ ٿِيَام، سَاڃَاهَه سُپَيرِيُنِ سِين
    تَڏَهانڪُرَ تِرَ جَيتِرَو، وَيرَ نَه وِسِرِيَامِ
    اَندَرِ رُوحَ رَهِيَامِ، سَڄَڻَ اَوطَاقُون ڪَرَي


    سُرُ بَروَو سنڌي

    جَڏَهانڪُرَ = جڏهن کان، جڏهن لاڪون، جنهن وقت کان
    ٿيَام = ٿي، ٿيم
    سَاڃَاهَه= ڄاڻ سڃاڻ، واقفيت، ڏيٺ ويٺ
    تَڏَهانڪُرَ = تڏهن کان، تڏهن لاڪون، تنهن وقت کان
    تِرَ = ٿورڙو، مُنهَن تي ڪاري ٽٻڪي جيترو، پل، گهڙي، ويرم، جهٽ
    وَيرَ = ويل، وقت، دير، گهڙي پلڪ، اک ڇنڀ
    وِسريَام = وسريو
    رُوحَ رَهيَام = دل ۾ اندر رهيا
    اَوطَاقُون ڪَرَي = جايون جوڙي، سدائين لاءِ، هميشه لاءِ

    بيت جو پس منظر

    ~ جڏهن کان وٺي محبوب سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي آهي، واقفيت ٿي آهي، پهرئين ملاقات ٿي آهي.

    ~ تڏهن کان ڪو پل به، ڪا گهڙي به، هڪ منٽ به وسريو ناهي.

    ~ محبوبَ جيءَ ۾، دل ۾، من جي مندر ۾ جايون جوڙي رهي پيا هن.

    سمجهاڻي

    دنيا ۾ جيڪي به ڪم آهن انهن جي اڳواٽ تياري ڪبي آهي، رٿابندي ڪبي آهي، وڏي سوچ ويچار ۽ غور فڪر ڪبو آهي. ذهن ۾ خاڪو جوڙبو آهي، پلان تيار ڪبو آهي. ڪنهن سان صلاح مشورو ڪبو آهي تڏهن وڃي ڪم جي شروعات ڪبي آهي. پر شايد دنيا جو هي عجيب، جيءُ جهوريندڙ ڪم آهي جنهن ۾ تڪليفون، اذيتون، عذاب سهڻا پون ٿا. اوسيئڙا، اوجاڳا ۽ انتظار ڪرڻا پون ٿا.ڏينهَن جا ڏينهَن ۽ راتين جون راتيون نيڻين ننڊون حرام ٿي وڃن ٿيون. بک ۽ اڃ جو احساس ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته سر تان به هٿ کڻڻو پئي ٿو سو پرينءَ سان پيار آهي. ڪابه تياري ۽ صلاح مشوري کان سواءِ پاڻ ئي ٿي وڃي ٿو. خبر تڏهن پئي ٿي جڏهن ماڻهون ڪنهن جي پيار ۾ گرفتار ٿي عمر قيد جي سزا ڀوڳي ٿو. محبوب سان پيار ٿي وڃڻ کان پوءِ ان کان الڳ رهڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي.

    محبوب کان پل به پري رهڻ ڏاڍو اذيتناڪ، ڪربناڪ هوندو آهي. محبوب به سدائين لاءِ مهمان بڻجي من جي مندر ۾ جايون جوڙي رهي پوندا آهن.

    _____
    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مرتضى ٿهيم

    غلام مرتضى ٿهيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2014
    تحريرون:
    168
    ورتل پسنديدگيون:
    392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    اسٽيڊي
    ماڳ:
    شهر ٺٽو
    سچ محبوب محبوب نه بلڪي دل هوندي آه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    واه واه لاجواب سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ~ جڏهن کان وٺي محبوب سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي آهي، واقفيت ٿي آهي، پهرئين ملاقات ٿي آهي.

    ~ تڏهن کان ڪو پل به، ڪا گهڙي به، هڪ منٽ به وسريو ناهي.

    ~ محبوبَ جيءَ ۾، دل ۾، من جي مندر ۾ جايون جوڙي رهي پيا هن.


    لطيف سرڪار جو هر هڪ بيت جي هڪ روحاني معني پڻ هوندي آهي، لطيف سرڪار ته پنهنجي رب کي محبوب ٿو سمجهي، جنهن جي هڪ تر جيتري جهلڪ به لطيف سرڪار جي من کي موهي وڌو ٿي، اهو محبوب لطيف جي روح منجهه ئي رهيو ٿي، ڪڏهن ڪڏهن ان سان روحانيت جي ان اعلي ا معراج تي پهڇي ڪري پنهنجي محبوب سان وڃي ٿي مليو به آهي تڏه ن ئي ته لطيف سائين ان محبوب جي ساڃاهه کي پنهنجي جي ۾ جوڙي ڇڏيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو