ڍَولُ مَ کَڻَي ٻَانهَڙِي، پِرِهَه مَ کَڻَي پَاندُ آئُون پَنهنجَو ڪَانڌُ، لَوڪَان لِڪِي رَانئِيَان سُرُ ڏَهَرُ ڍَولُ = محبوب، پرين، مڙس، ڍوليو مَ = نه ٻَانهَڙي = ٻانهَن پِرهَه = پرڀات، پرهه ڦٽيءَ ويل، باک ڦٽڻ مهل، اَسُرَ ويل پَاندُ = پلاند، پلئه ڪَانڌُ = مڙس، ڀتار، محبوب لَوڪَان = ماڻهن کان لڪي = اڪيلائيءَ ۾ رَانئيَان = ريجهايان، پرچايان، لطف وٺان بيت جو پس منظر ~ محبوب ڪنڌ هيٺان پنهنجي ڏنل ٻانهن نه کڻي ۽ جيڪر صبح ئي نه ٿئي. ~ جيئن مان ماڻهن کان لڪي پنهنجي محبوب کي ماڻيان. سمجهاڻي پيار ڪرڻ وارن لاءِ رات نهايت ئي مناسب، مهربان ۽ خوشقسمت ٿئي ٿي. ڏينهن جي روشنيءَ ۾ سڀني جي اڳيان پنهنجي محبوب سان دل جون ڳالهيون، ميارون، شڪايتون، سور درد سلي نه ٿا سگهجن. پيار ۽ محبتون به ته ڏينهن جي روشنيءَ ۾ نه ٿي سگهن ٿيون. رات قدرت ۽ فطرت طرفان پيار وارن لاءِ بي بها، انمول تحفو آهي. رات جي اڪيلائيءَ ۾ جڏهن محبوب سان ملاقات ٿئي ٿي ته دل جا دفتر کولي سندس آڏو رکجن ٿا.هزارين شڪايتون، ميارون ۽ ڏوراپا ڏبا ۽ وٺبا به رات جو ئي آهن. ڀٽائيءَ جي هن رومينٽڪ بيت ۾ رات جو پس منظر آهي ۽ پنهنجي محبوب کان وڇڙيل وني هيءَ دعا ٿي گهري ته ڪنڌ هيٺان ڏنل منهنجي پرينءَ جي ٻانهن، جنهن سان ول جيان وڪوڙي ڇڏيو اٿئين، سا جيڪر پل به پري نه ٿئي ۽ نه وري صبح ئي ٿئي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل