اختر مينگل جي شڪايت حامد مير 27 سيپٽمبر 2012 تي بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جو سربراهه اختر مينگل سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ۽ هن بلوچن جي زخمن تي مَلَمَ رکڻ لاءِ ڇهه نڪتا پيش ڪيا. ان ڏينهن منهنجو ڪالم به شايع ٿيو. جنهن جو عنوان هو ”اختر مينگل لاءِ دعا ڪريو“. مون دعا ڪئي هئي ته جيڪڏهن اختر مينگل کي لاپتا ماڻهن ۽ اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ انصاف ملي ويو ته اها سمورن جمهوريت پسندن جي ڪاميابي هوندي. منهنجي ڪالم تي بلوچ ويڙهاڪ اڳواڻ ڊاڪٽر نذر بلوچ خوش نه هو. هن منهنجي خلاف هڪ خط جاري ڪيو ۽ الزام هنيو ته مان اختر مينگل جي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪرائي ڇڏي آهي. اختر مينگل کي ڪهڙو انصاف مليو هو. هر روز پنهنجي ساٿين ۽ عزيزن جا لاش کڻي رهيو آهي. اڄ مان هن جو هڪ خط شايع ڪري رهيو آهيان. وفاقي حڪومت، بلوچستان جي صوبائي حڪومت يا ڪنهن ٻئي ذميوار اداري جو نمائندو هن خط جو جواب ڏيڻ گهري ته منهنجو ڪالم حاضر آهي. محترم حامد مير صاحب ! جڏهن آگسٽ 2006ع ۾ نواب اڪبر خان بگٽيءَ کي شهيد ڪيو ويو ته سڄي بلوچستان ۾ احتجاج جي باهه ٻري وئي. ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر هر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن هن واقعي جي شديد مذمت ڪئي ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرايو. بلوچستان نيشنل پارٽيءَ ڊسمبر 2006ع ۾ نواب صاحب جي شهادت ۽ بلوچستان ۾ روا رکيل ظلم ۽ زيادتي خلاف گوادر کان ڪوئيٽا تائين پرامن لانگ مارچ جو اعلان ڪيو. اسان جو مقصد ڪنهن ايوان تي قبضو ڪرڻ نه هو، نه ئي وري اسلام آباد جي پرڪشش علائقن کي بند ڪرڻ هو، نه ئي سرڪاري يا غير سرڪاري ملڪيتن کي نقصان رسائڻ جو منصوبو هو. اسان ته گوادر کان ڪوئيٽا جي ريگستانن ۽ سخت پهاڙن مان هلندي پنهنجي بيوسيءَ جو اظهار ڪرڻ ٿي گهريو پر اسان کي ان معصوم سياسي ۽ جمهوري عمل کان روڪيو ويو. مون سميت 700 کان وڌيڪ سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. ساٿين کي تشدد وارين ڪيمپن ۾ ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ مون کي پڃري ۾ بند ڪيو ويو. ان زماني ۾ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ارشاد احمد حقاني مرحوم کي هڪ خط لکي دل جو درد بيان ڪيو هئم. اڄ جڏهن جيل ۾ سوکڙي طور مليل لاتعداد بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ لنڊن جي اسپتالن ۾ طبي رپورٽن جو انتظار ڪري رهيو هو ته دل چيو ته حامد مير صاحب جي مصيبتن ۾ اضافو ڪريان. ممڪن آهي هن خط سان توهان تي ڪا نئين آفت اچي ڪڙڪي. توهان کي يا توهان جي خاندان کي وڌيڪ اذيتن کي منهن ڏيڻو پئي. جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته اهڙي ڪا صورتحال پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي ته گذارش آهي ته هن خط کي شايع ڪرڻ بدران رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ وجهي ڇڏجو. ڇو جو بلوچن خاص ڪري لاپتا ماڻهن جي خاندانن تي توهان جا اڳ ئي ايترا احسان آهن. جيڪي ڳڻائي نٿا سگهون. منهنجي نظرن ۾ اڄ به تنهنجي زخمي بدن جا منظر رهيا آهن. جيڪي شايد بلوچن لاءِ توهان جي جرئتمنداڻي موقف سبب تنهنجي جسم ۾ نامعلوم ماڻهن طرفان هنيل گولين سبب اڀريا آهن. مير صاحب ! اسان ٻڌو هو ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو هو ته تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي پر اهو معلوم نه هو ته تاريخ صرف بلوچن تي ئي پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اها به رت ۾ لت پت تاريخ. مير صاحب! جنرل مشرف جي دور ۾ سوئي واري هنڌ ڊاڪٽر شازيا سان جيڪو دل رهڙيندڙ واقعو پيش آيو، شايد اهو مملڪيت خداد جي حڪمرانن لاءِ معمولي نوعيت جو هو پر بلوچن جي لاءِ اهو هڪ غير معمولي واقعو هو. انصاف ۽ قانون جي دعويدارن مجرمن کي تمغن سان نوازيو ۽ ظلم جو شڪار عورت کي جلا وطن ڪري دربدريءَ جا ڌڪا کائڻ تي مجبور ڪيو ويو. عزت ۽ غيرت جو آواز اٿاريندڙ بلوچن خلاف جيڪو آپريشن ان وقت شروع ڪيو ويو هو. سو اڃا به جاري آهي. ڪيترائي حڪمران آيا، ڪيترائي عوامي نمائندا تبديل ٿيا. ڪيتري قانون سازي ڪئي وئي. آئين ۾ ڪيتريون ته سخيون ڪيون ويون. ماڻهو جلا وطن ٿيا. ڪيترائي صاحب اقتدار ٿيا. ڪي اقتدار کان محروم ٿيا. ڪيترائي اڪابر جلا وطنين مان واپس ٿي اقتدار تي براجما ٿيا پر بلوچستان کي قبرستان بڻائڻ جي پاليسي تبديل نه ٿي. ميڊيا جي آزاديءَ جي راز کي ته اوهان گوليون کائي ۽ اوهان جي چينل بند ٿي فاش ڪري ڇڏيو ۽ هيءَ حقيقت به روشن ڏينهن وانگر عيان ٿي وئي آهي ته هن ملڪ جي طاقت جا چشما ڪٿان ڦٽي نڪرن ٿا. سپريم اٿارٽي ڪنهن وٽ آهي ۽ نمائشي حڪمرانن ۽ پارليامينٽ جي ڪهڙي وقعت آهي. 2012ع ۾ اسان اعليٰ عدالت ۾ پيش ٿياسين. ان وقت جي حڪمرانن جي پاليسين ۽ سوچ جو ته اسان کي اڳ کان ئي اندازو هو پر خوشگوار حيرت هيءَ آهي ته ان وقت جي مخالف ڌر جي اڳواڻ ميان نواز شريف ۽ عمران خان به اسان جي ڇهن نقطن جي حمايت ڪئي هئي. انهن نقطن ۾ مسخ ٿيل لاش، لاپتا ماڻهن جي بازيابي، بلوچستان ۾ آپريشن جي بندش، شهيد نواب اڪبر بگٽي ۽ حبيب جالب سميت هزارين بلوچن جي قاتلن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ، بلوچستان ۾ ڊيٿ اسڪواڊ کي لغام ڏيڻ ۽ آپريشن جي متاثر ماڻهن جي ٻيهر آبادڪاري شامل هئا. موجوده حڪمرانن، مخالف ڌر ۾ هوندي ڪيل پنهنجا واعده وساري ڇڏڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهي. جڏهن ماما قدير ۽ لاپتا ماڻهن جون مائرون، ڀينرون، ٻار ۽ ٻڍا هزارين ميل پنڌ ڪري ڪوئيٽا کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان اسلام آباد پهتا ته ڪيترو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. آزاد ميڊيا جي ڪيميرائن کي انهن مائرن ۽ ڀينرن جي پيرن جا ڦٽ نظر نه آيا نه ئي سياسي اڪابرن انهن ڏکويل اکين جا ڳوڙها اگهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي وري وارثن جي زخمن تي ملم رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سواءِ هڪ اڌ چينل ۽ هڪ اڌ اينڪر جي ڪنهن جي ڪَنَ تي جونءَ به نه چُري. گذريل ڪجهه هفتن جي واقعن جي حوالي سان ميڊيا ۽ ٻين ادارن جو جوش و خروش ڏسي بلوچ ۽ غير بلوچ جو فرق واضح ٿي ويو آهي. شاهراهه دستور تي ڌرڻو هڻندڙن جو مقصد ڪهڙو به هجي پر ڪيترن ئي سالن کان لاپتا ماڻهن جا وارث به ته سراپا احتجاج آهن. انهن جي احتجاجي ڪيمپن کي ڇو نظر انداز ڪيو پيو وڃي. حڪومت جي بقول ڌرڻن ۾ شرڪت ڪندڙن جا مطالبا غير آئيني آهن پر لاپتا بلوچ ماڻهن جي وارثن ڪهڙو غير آئيني مطالبو ڪيو آهي؟ ملڪي آئين ۽ قانون جا ماهر اهو ته ٻڌائن ته سيپٽمبر 2012ع تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل منهنجي نقطن مان هڪڙو غير آئيني ۽ غير قانوني هو. شاهراهه دستور تي تقريرن، قوالي ۽ گانن جي 24 ڪلاڪ ته ڪوريج ڏني وڃي ٿي پر بلوچ مائرن ۽ ڀينرن کي ڪوريج ڏيڻ ڇو شجر ممنوع آهي؟ آزاد عدليه کي سپريم ڪورٽ ڀتين تي ڪنگيل رنگ به رنگي ڪپڙا ته ڏيکاريا وڃن ٿا پر بلوچن جا گولين سان پروڻ لاش ڪنهن کي نظر نٿا اچن. بلوچ مائرن ۽ ڀينرن کان انهن جا سهارا کسيا پيا وڃن. اسان جا ٻار يتيم ٿي رهيا آهن پر جمهوريت، انساني حقن ۽ آزاد ميڊيا ۽ آزاد عدليه جو راڳ الاپيندڙن جون زبانون ڇو بند آهن؟ ڪير اسان کي ٻڌائڻ جي زحمت نٿو ڪري ته ماڊل ٽائون لاهور ۾ قتل ٿيل ماڻهن جو رت ۽ توتڪ خضدار ۾ اجتماعي قبرن مان مليل لاشن جي قدر ۾ ايترو فرق ڇو آهي؟ مير صاحب! بلوچستان ۾ گذريل حڪومت ۽ هاڻي واري حڪومت ۾ فرق ڪهڙو آهي، اسان فرق چهرن جي تبديليءَ کي سمجهون يا حالتن کي، جنرل مشرف جي دور ۾ بلوچستان ۾ ڄام يوسف وڏو وزير هو، آصف علي زرداري جي دور ۾ نواب اسلم رئيساڻي ۽ ميان نواز شريف جي دور ۾ ڊاڪٽر عبدالمالڪ، جيڪڏهن فرق کي واقعي به ان تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته وڏو فرق آهي. مشرف دور ۾ والي رياست لسٻيلا ڄام يوسف مرحوم، پيپلز پارٽي جي دور ۾ نواب محمد اسلم رئيساڻي ۽ نواز شريف جي دور ۾ هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ نالو مالڪ پر حقيقي تبديلين جو جائزو ورتو وڃي ته اختيار انهن وٽ آهن، جن وٽ هميشه رهيا آهن. انهن جي ئي بالادستي ۾ ڪڏهن چچريل لاش، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڪڏهن گهٽتائي، ڪڏهن اضافو ٿئي ٿو. 2003 کان هن وقت تائين 1115 چچريل لاش ويرانن ۾ اڇلايا ويا ۽ 2985 بلوچ پٽ گم ڪيا ويا ۽ 2003 کان هن وقت تائين 450 سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو ويو. جيڪو رڪارڊ تي آهي پر ان کان وڌيڪ لاش هٿ آيا ۽ ماڻهو گم ڪيا ويا. بلوچستان ۾ عورتن تي تيزات اڇلائڻ، اسڪول بند ڪرڻ، هزاره قوم جو قتل عام، بلوچ شاعرن ۽ دانشورن جي نسل ڪشي ۽ بلوچستان ۾ صحافين جي ٽارگيٽ ڪلنگ باوجود بلوچستان ۾ امن امان جون فقط دعوائون بي بنياد آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي پنهنجي ڳوٺ وڍ مان 25 آگسٽ 2014ع تي خليل ۽ لياقت لانگو جي اغوا نما گرفتاري ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کان پوءِ عزيز مينگل جي سندس پٽ ۽ هڪ ٻئي ساٿيءَ سان گڏ 21 سيپٽمبر تي صبح جو سوير زمينن مان اغوا نما گرفتاري عمل ۾ آندي وڃي ٿي ۽ بعد ۾ انهن ٽنهي جا چچريل لاش اڇلايا وڃن ٿا ۽ چيو وڃي ٿو ته سڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ سندن شهادت ٿي. جڏهن ته اصل حقيقتون ان جي بلڪل ابتڙ آهن. پهريون انهن جي اغوا نما گرفتاري ڪئي وئي. ٽارچر سيلن، اذيب گهرن ۾ گولين سان پروڻ ڪرڻ بعد انهن جا چچريل لاش اڇلايا وڃن ٿا ۽ هاڻي به عزيز مينگل جو پٽ زاهد مينگل، ايوب ۽ بشير مينگل لاپتا آهن. عزيز مينگل جي باري ۾ ٻڌائيندو هلان ته حيدرآباد سازش ڪيس ۾ به قيد ۽ بند رهيو. سفيد رنگ جو بلوچ جيڪو منهنجي والد صاحب سان به جلا وطنيءَ جي زماني ۾ رهيو. ننڍپڻ کان ئي اسان جي ڀائرن ۽ گهر ڀاتين جي حيثيت سان هن اسان جي لاءِ تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، جڏهن وڏو سردار صاحب جلا وطنيءَ کانپوءِ بلوچستان آيو ۽ زمينن جي سموري سار سنڀال سندس حوالي ڪئي وئي. عزيز مينگل نفيس انسان هو پر ان کي به نه بخشيو ويو ۽ جنهن وقت ان کي حراست ۾ ورتو ويو ته مون پرسنل سيڪريٽري نسيم لهڙي ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي عزيز مينگل ۽ ٻن ٻين ساٿين بابت آگاهه ڪيو. بعد ۾ سٺي انداز سان انڪائونٽر جو ڊرامو رچائي هڪ سفيد ريش بلوچ ۽ لياقت لانگو جا چچريل لاش اسان کي ڏنا ويا. موجوده دور ۾ بلوچ علائقن خاص ڪري پنجگور ۾ خانگي تعليمي ادارن جي بندش، آوران، بلوچي سمنڊ جي سامونڊي پٽيءَ وارن علائقن ۾ ذڪري بلوچن جو قتل عام ۽ ذڪري بلوچن جا چچريل لاش به اڇلايا پيا وڃن ۽ العذقان، الخراسان جهڙين نام نهاد مذهبي تنظيمن کي بلوچ علائقن ۾ کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي ته جيئن اهي بلوچ معاشري ۾ خوف و حراس پکيڙي پنهنجا ڪڌا مقصد حاصل ڪري سگهن. بلوچستان ۾ مذهبي جنونيت جو عنصر به ڪارنما آهي. جيڪڏهن ان کي به بلوچن خلاف هڪ سازش قرار ڏجي ته غلط نه ٿيندو. ڇو ته اڃا به ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته بلوچن کي هڪٻئي سان ويڙهايو وڃي. مان ان ڳالهه جو قائل آهيان ته بندوق جي گولي نه ته پاڪستاني بڻائي سگهي ٿي نه ئي وري منهنجي بلوچيت مون کان ڇني سگهي ٿي. قوت جي استعمال سان صرف نفرتون وڌنديون آهن. اي پي سي کان فورن پوءِ مون کي هڪ ناملوم نمبر تان ڪنهن فون ڪئي ۽ پڇيو ته ڇا منهنجي هڪ ڀاءُ جو موت دل جو دورو پوڻ سان ٿيو ۽ اهو چيو ته مون کي جلد هڪ وڏي خوشخبري ملڻ واري آهي. مون کي خبر هئي ته هو ڪهڙو نياپو ڏئي رهيو آهي. تنهن ڪري کيس جواب ڏنم ته بيشڪ منهنجي هڪ ڀاءُ جي موت جو ڪارڻ دل جو مرض هو پر منهنجي هڪٻئي ڀاءُ گولين، ٽارچرن مان گذري موت کي منهن سان لڳايو هو ۽ مون کي هر وقت توهان جي طرفان ڪنهن خوش خبري جو انتظار هجي ٿو. مير صاحب، اوهان ئي ٻڌايو ته آزاد ميڊيا، آزاد عدليه، مقتدر پارليامينٽ ۽ حڪمرانن جي انهن روين بعد اسان لاءِ ڇا بچيو آهي. شايد ڪو دل جو دورو ڪنهن عقوبت خاني جي زيارت يا ڪن نامعلوم ماڻهن طرفان هلائي ويندڙ ۽ نامعلوم طرف کان ايندڙ ڪا گولي!