پيپلز پارٽيءَ جي اوليت : شخصيتون يا نظريا ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    پيپلز پارٽيءَ جي اوليت : شخصيتون يا نظريا ؟
    ڊاڪٽر لال خان

    مشهور ترقي پسند آمريڪي لکاري ويڊال گور آمريڪي سياست تي تبصرو ڪندي چيو هو ته ” آمريڪا ۾ سرمائيدارن جي هڪ پارٽي آهي، جنهن جون ٻه ساڄيون ٻانهون رڌايون آهن، سندس مراد ڊيموڪريٽڪ ۽ ريپبلڪ پارٽيون هيو، آمريڪي حڪمران طبقي جون نمائندن هي ٻئي جماعتون اختلافن جو جيترو به ناٽڪ رچائينديون رهيون، استحصالي سرمائيداري نظام قائم رکڻ ۽ سڄي دنيا ۾ آمريڪي سامراج جو تلسط برقرار رکڻ جي معاملي ۾ منجهن ڪو اختلاف ڪونهي.
    پاڪستان جي سياسي منظر نامي جو جائزو ورتو وڃي ته ڦرلٽ جي حوالي سان جنم وٺندڙ ثانوي نوعيت جي ” اختلافن “ باوجود اسان کي پاڪستان ۾ به سرمائيدارن جي هڪ ئي جماعت ملي ٿي، جنهن جون ڪيتريون ئي ساڄيون ٻانهون اڌيون آهن، تازي سياسي انتشار باوجود مذهبي ساڄي ڌر کان پيپلز پارٽيءَ تائين ملڪ جون سڀئي وڏيون سياسي جماعتون ان ئي سرمائيداري نظام جي معاشي جبر کي برقرار رکڻ تي متفق آهي.
    ايئن هميشه نه هو، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ 69-968ع ۾ پورهيت عوام انقلابي تحريڪ هلائي استحصالي نظام کي چيلينج ڪري ڇڏيو هو.
    حڪمران طبقي طرفان پيدا ڪيل هٿرادو تاثر جي ابتڙ عوام جي سياسي روايتن طور پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڀار 1970ع واري چونڊ فتح بدران 69-1968ع جي عوامي تحريڪ جي ثانوي پيداوار هو، عوام ان انقلابي سوشلزم جي بنياد تي پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي امنگن جو ترجمان بڻايو هو، جنهن کي 1967ع واري تاسيسي دستاويز ۾ پارٽيءَ جي تخليق جو مقصد ۽ منشا قرار ڏنو ويو هو، پارٽيءَ جو چونڊ منشور ته تبديل ڪري سگهجي ٿو پر بنياد پوڻ وارو دستاويز اٽل تاريخي حقيقت بڻجي ويندو آهي، تنهن هوندي به ريڊيڪل سوشلزم وارو منشور اختيار ڪرڻ باوجود پيپلز پارٽي پنهنجي ڍانچن، طريقيڪار ۽ لائحه عمل جي لحاظ کان ليفٽينٽ پارٽي نه هئي، هيءَ هڪ پاپولسٽ پارٽي هئي، جيڪا انقلابي ليننسٽ پارٽيءَ جي غير موجودگيءَ ۾ اڻٽر طور پيدا ٿيل سياسي خال ڀري پورهيتن جي سياسي روايت بڻجي وئي، پيپلز پارٽيءَ پنهنجي سموري تاريخ ۾ صرف 1970ع جي ڏهاڪي جي ابتدا ۾ چند سالن اندر ئي شديد عوامي دٻاءُ تحت پورهيت ۽ پٺتي پيل طبقن جي حق ۾ سڌارا آندا.
    حڪمران طبقن جا مفاد پورا نه ڪرڻ سبب ذوالفقار علي ڀٽو کي سوليءَ چاڙهيو ويو ۽ ملڪ جي ڪروڙين عوام کي انقلابي سرڪشيءَ جي سزا ضياءُ الحق جي آمريت ذريعي ڏني وئي، ان کان وٺي سامراج، رياستي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمران طبقي کي خوش ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي هر قيادت نظريي کان منهن موڙڻ ۽ موقعي پرستيءَ جو شڪار ٿيندي وئي، ڪنهن انقلابي متبادل جي عدم موجودگيءَ ۾ بار بار جي دوکن ۽ غدارين باوجود عوام پنهنجي روايت سان سلهاڙيل رهيو.
    13-2008ع تائين پيپلز پارٽيءَ ڊٺائپ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا جنهن جو نتيجو مئي 2013ع وارين چونڊن ۾ پارٽيءَ جي بدترين شڪست جي صورت ۾ نڪتو، سنڌ ۾ صوبائي حڪومت ٺاهڻ باوجود پيپلز پارٽيءَ جي حمايت محدود ۽ ان جي اڳواڻن جي ساک تقريبن ختم ٿي چُڪي آهي.
    هنيئر پيپلز پارٽيءَ تي براجمان ٽولو حڪمران طبقي، رياست ۽ ڪارپوريٽ ميڊيا جي ڪجهه ڌڙن جي مدد سان بلاول زرداريءَ کي ڀٽو جو نئون جنم بنائي پيش ڪري رهيو آهي، وراثت پرستيءَ جي بنياد تي ان کي عوامي اڳواڻ طور اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
    بلاول کي پنهنجي ناني وانگر تقرير ڪرڻ ۽ ان جو ئي لهجو اپنائڻ جي خاص تربيت ڏني وئي آهي، تنهن هوندي به سندس ڪارڪردگي گهڻي اطمينان جوڳي ناهي.
    ذوالفقار علي ڀٽو جي ويجهن ۽ بااعتماد ساٿين منجهان هڪ عبدالحفيظ پيرزادي ان جي ٽيهين ورسيءَ جي موقعي تي هڪ ٽيلي ويزن انٽر ويو ۾ چيو هو ته ” ڀٽو جو زوال ۽ اڳتي هلي سندس قتل جو سڀ کان بنيادي ۽ حتمي ڪارڻ سندس طرفان ٻن بلڪل متضاد نظرين کي گڏائڻ جي ڪوشش هئي : ” سوشلزم ۽ نيشلزم “ پر بلاول ان کان به ٻه هٿ اڳتي وڌي ڪم ڪري رهيو آهي، هڪ طرف هو ڪشمير جهڙي مسئلي تي قومي شائونزم جهڙو موقف اختيار ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف سوشلزم جو نالو وٺڻ کان به لنوائي ٿو. پارٽي قيادت هر اُهو نظرياتي فرق ختم ڪري چُڪي آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ سياسي افق تي پيپلز پارٽيءَ کي ٻين سياسي جماعتن کان الڳ ڪري بيهاريندو هو، اها ذوالفقار علي ڀٽي جي طبقاتي سياست هئي، جنهن پيپلز پارٽيءَ کي چند سئو ماڻهن جي تنظيم منجهان ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت بڻائي وڌو هو، انقلابي تبديليءَ جو خواب هو، جنهن ڪروڙين محڪومن کي حوصلو ۽ همت ڏئي سياسي ميدان ۾ لاٿو ۽ پيپلز پارٽيءَ کي اهڙا سماجي بنياد فراهم ڪيا، جيڪي ٽن نسلن تائين قائم رهيا، بلاول قومپرستيءَ لاءِ جيڪا لفاظي ڪرڻ چاهي ٿو سا عمران خان ۽ طاهر القادريءَ سميت ساڄي ڌر جو هر سياستدان ڪري ٿو.
    پيپلزپارٽيءَ تي براجمان ٽولو ” راءِ عامه ، جي تخليقڪارن جي ان پروپيگنڊائي يلغار ۾ غرق ٿي ويو آهي، ته ” سوشلزم ختم ٿي ويو، هتي پارٽيءَ ۾ انقلابي سوشلزم جي ڳالهه ڪرڻ گناهه بڻائي وئي آهي، جنهن جو بنياد ئي سوشلزم هو، اهي دانشور شايد ڏسڻ کان قاصر آهن ته هلندڙ هفتي ئي ايومورالس سوشلزم، جي نفري تي ٽيون ڀيرو صدر چونڊيو آهي، برطانوي اخبار گارجين موجب بوليويا جي نئين چونڊيل صدر سوشلزم کي رد ڪندڙن آمريڪي سامراج، آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جا منهن ئي بند ڪري ڇڏيا، بهر حال پارٽي اشرافيه کي سرمائيدارن طرفان ملندڙ ” ناڻي“ ۽ ” حڪمن “ جي ڪري بلاول ۾ سوشلزم جهڙا ” ممنوع “ لفظ استعمال ڪرڻ جي جرئت ناهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو