نَيڻَ سَقِيلَا سُپَرِين، ڀَنئُورَ ڀِرُون ڀَالَا چِڪِيَا ڦَٽَ فِرَاقَ جَا، اَندَرَ ۾ آلَا سَو يَارُ مَيڙِئَين يَالَا، جَنهنجَي صُحُبَتَ ڪَاڻِ سِڪَي هِنيَون سُرُ بَروَو سنڌي نَيڻَ = اکيون سَقيلَا = ڊگهيون تلوارون، تلوارن جيان تجلا ڏيندڙ سُپَرين = محبوب ڀَالَا = گرز، هٿيار - اڳئين دور جي ويڙهه جا هٿيار چِڪيَا = ڪڙهيا، ٽميا- رت پيو ٽمين ڦَٽَ = زخم فِرَاقَ = جدائي، وڇوڙو آلَا = دانهون، ڪُوڪُون مَيڙئَين = ملائين يَالَا = ياالله هِنيَون = هنيانءُ، دل بيت جو پس منظر ~ محبوب جون اکيون ترار جهڙيون آهن جيڪي تجلا پيون ڏين. سندس ڀرون ڀنئور جيان ڪارا ۽ نيزي جي نوڪ جيان تکا آهن. ~ سندس جدائيءَ ۾ روئي رڙي جيڪي اندر ۾ زخم ٿي پيا هن تن مان رت پيو ٽمي. اندر مان آنهون ۽ دانهون پيون نڪرن. ~ او منهنجا مولا پاڪ !! جنهن محبوب لاءِ هيءَ دل سڪي ٿي تنهن سان شال جلد ملائين. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي انتهائي خوبصورت، دلڪش ۽ رومينٽڪ بيت محبوب جي سُونهَن سوڀيا ۽ عاشق جي تڙپ، اڌمن ۽ ساروڻين جي نهايت سهڻي عڪاسي آهي. جديد دور جا شاعر محبوب جي ناسي نيڻن ۽ ڪارين ڪجلين اکڙين کي گَهَرَي سمنڊ ۽ ڪنهن ڍنڍ ۾ ترندڙ ڪنول جي گل سان تشبيهه ڏين ٿا. ڀٽائي محبوب جي اکڙين کي تجلا ڏيندڙ ترار سان ڀيٽ ڏئي ٿو. جيڪي جنهن طرف به نهارين ٿيون ته قتل ڪن ٿيون. محبوب جي ڪارن ڀروئن کي ڀونئر سان ۽ ويڙهه جي هٿيارن نيزن سان تشبيهه ٿو ڏئي. پوءِ جي محبوب اهڙا حسين هوندا ته عاشقن جو قتل ته ٿيڻو ئي آهي. ٻئي پاسي عاشق جون التجائون ۽ صدائون آهن ته مولا پاڪ ان محبوب کي جلد ملاءِ، جنهن جي جدائيءَ ۾ اندر جي زخمن مان رت پيو ٽمي ۽ دل دانهون پئي ڪري. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
محبوب جون اکيون ترار جهڙيون آهن جيڪي تجلا پيون ڏين. سندس ڀرون ڀنئور جيان ڪارا ۽ نيزي جي نوڪ جيان تکا آهن. واھ سهڻي چونڊ