قسط پهرين ڪاري نم، ٽالهي ۽ شيشم جي قد آور ۽ پري پري تائين پکڙيل وڻن جي وچ مان گذرندي، لهندڙ سج جي آخري ڪرڻن کي ڏسي، منهنجي اندر مان آهه نڪتي. جهڙوڪ اڄ آخري ڀيرو خوبصورت منظر ڏسي رهيو آهيان. مون ٿڪل ۽ اداس اکين سان ڪڻڪ جي فصل ڏانهن ڏٺو، جتي اڄ صبح منهنجي زندگيءَ جي ٻيڙي پنهنجو رخ مٽائي ڇڏيو. انساني فطرت ڪيڏي نه عجيب آهي، جو انسان مشڪلاتن کان عاجز ٿي موت جي خواهش ڪندو آهي. مگر جڏهن موت جو وقت ايندو آهي، ان وقت سندس مضبوط ارادا مٽيءَ جو ڍير ثابت ٿيندا آهن. رات، اونداهي ۽ سنسان هئي. بند هوا ۾ وڻ ائين پئي لڳا، جيئن درٻان هٿ ٻڌيو پنڊپهڻ ٿيو بيٺا آهن. بي رونق رستي تي هلندي، پري کان روشنيءَ جا هلڪا هلڪا ڪرڻا ڏٺم، جي انڌيري ۾ روشني پکيڙڻ جي جدوجهد ڪري رهيا هئا. هڪ لمحي لاءِ منهنجي نظرن اڳيان نغمه پروين جو خوبصورت چهرو ۽ ڪارا ڪارا وار ڇائنجي ويا. مون سوچيو ته عورت هڪ خوبصورت ڄار آهي جيڪا شڪار ڪرڻ جي تاڙ ۾ رهندي آهي. آئون خيالن ۾ پُور پچائيندو، ٿڪل ٿڪل قدم کڻندو، ڳوٺ ڏانهن ويندڙ ڪچي رستي ڏانهن مڙيس ته ڪڻڪ جا ساوا ساوا سلا منهنجا ڳل چمڻ لڳا. هاڻي ڪجھ ٿڌڪار ٿيڻ لڳي هئي، جو هوا ٿڌي لڳي رهي هئي. مگر آئون هر ڳالهه کان بي خبر ڳوٺ ڏانهن وڌي رهيو هوس. منهنجا قدم کڄي نه رهيا هئا، مگر اندر جي آنڌ مانڌ مون کي ڌڪي رهي هئي. ٻنين مان نڪري مون ڳوٺ طرف نهاريو، ته نغمه جو پيءُ جو گھر اچڻ لڳو. منهنجي اندر ۾ خون جي گردش تيز ٿيڻ لڳي ۽ دل جي ڌڪ ڌڪ وڏي ويئي ۽ منهنجي هٿن جون مٺيون ڀيڙجي ويون. نغمه منهنجي چپن ۾ سرگوشي ڪئي ۽ آئون هاڻ تيزيءَ سان منزل طرف هلڻ لڳس. مون اندر ۾ سوچيو ته جيڪي ڪجھ ڪرڻ لاءِ تون وڃين رهيو آهين، سو صحيح آهي؟ ان دم پنهنجي ضمير مون کي جھنجھوڙيو ۽ خانداني عزت وقار ۽ ناموس ياد ڏياري ۽ آئون عزم ولولي سان تيز قدم کڻندو هلڻ لڳس. گھٽيءَ ۾ داخل ٿي مون ڏٺو، ته چئني طرف ڪوبه ماڻهو نه هو ۽ مڪمل خاموشي ڇانيل هئي. آئون آهستي آهستي قدم کڻندو نغمه جي گھر ٻاهران پهتس. مون هڪ وڏو ساهه کنيو ۽ ائين سمجھڻ لڳس ته شايد غشي طاري ٿي رهي آهي. مگر جلدي پاڻ سنڀالي گھر جي ٻاهرين دريءَ وٽ پهتس. دريءَ جي سنهڙي وٿين مان بتيءَ جي روشني ليئا پائي رهي هئي. آس پاس جو جائزو وٺڻ کان پوءِ مون دري کي ٿورو زور ڏنو، ته هڪ هلڪي چيچڙاٽ سان دري کلي ويئي. دري ۾ ڪابه شيخ يا ڪابه رڪاوٽ نه هئي. آئون آهستگي سان اندر داخل ٿيس. ڌڪ ڌڪ ڪندي دل سان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، بلڪل خاموشي ڇانيل هئي ۽ منهنجي سيني ۾ باهه ڀڙڪي رهي هئي. جوش سبب منهنجو بدن ٿڙڪڻ لڳو. بتيءَ جي ٽم ٽم ڪندي هلڪي روشنيءَ ۾ مون ڏٺوته کٽ تي ڪو ستل آهي. وڏي غور سان ڏٺم، ته اها بيوفا منهنجي ارمانن جي قاتل، دغاباز نغمه هئي. هوءَ اڪيلي ڪمري ۾ ستل هئي. هن جي چهري تي نظر پوڻ سان چند گھڙين لاءِ منهنجا ارادا متزلزل ٿي ويا ۽ آئون ساڻس گھاريل گھڙين ۾ گم ٿي ويس ۽ سندس چهرو تڪيندو رهيس. نغمه جو چهرو ڪارن وارن جي ڪڪرن ۾ چوڏهين جي چنڊ وانگيان چمڪي رهيو هو ۽ آئون بي خود هن کي ڏسندو رهيس، مگر جلد ئي منهنجا حواس جاڳي پيا. هيءَ منهنجي عزت جي مٿان بدنمان داغ آهي. هن جو زنده رهڻ خاندان جي لاءِ خواري ۽ بربادي آهي. منهنجا هٿ هڪدم ان جي گلي ۾ پئجي ويا. هن ڇرڪ ڀري اکيون کوليون ۽ مون کي حيرت مان ڦاٽل ڦاٽل اکين سان ڏسڻ لڳي. منهنجا هٿ مضبوطيءَ سان ان کي گھوگھاٽڻ لڳا. ان سبب هو آواز نه ڪري سگھي ۽ لڇڻ ۽ ڦٿڪڻ بعد ٿڌي ٿي وئي. خاطري ڪرڻ بعد آئون جلدي سان ان دري مان لنگھي ٻاهر نڪتس ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻي ڳوٺ مان ٻاهر نڪري فصل ۾ اچي ساهه کنيم.