نثارابڙو
نائب منتظم
سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جا ڇرڪائيندڙ انگ اکر
ايم بي سومرو
سنڌ، معاشي ناانصافين ۽ وفاقي ملازمتن ۾ سنڌ جي ڪوٽا کي نظرانداز ڪرڻ وارين زيادتين خلاف ڊگهي عرصي کان دانهيندي رهي آهي. ڏسجي ته دانهون ڪنهن به زيادتي جي خاتمي لاءِ اختيارين اڳيان ڪيون وينديون آهن، جنهن بعد اختيارين وٽ ڪنهن سان زيادتي ٿيڻ جي بي خبر هئڻ وارو عذر به موجود نه رهندو آهي، پر سنڌ ملڪ جو اهڙو صوبو آهي، جنهن جي حڪمرانن دانهن ٻڌي ان جي تڪليف جو تدارڪ ڪرڻ ڄڻ ته پنهنجو فرض محسوس ئي نه ڪيو آهي. اڄ هتي اوهان اڳيان سنڌ سان معاشي حوالي سان ٿيندڙ زيادتين ۽ وفاقي ملازمتن ۾ سنڌ جي ڪوٽا کي نظرانداز ڪرڻ وارين ناانصافين جا انگ اکر سامهون رکڻ گهران ٿو، جيڪي انگ اکر ڪنهن ماڻهو يا نجي اداري جا ڏنل نه آهن، پر اهي انگ اکر موجوده جمهوري سرڪار 3 مئي کان شروع ٿي 14 مئي تي مڪمل ٿيل قومي اسيمبليءَ جي 22 هين سيشن توڙي 30 اپريل کان شروع ٿيل سينيٽ جي 61 هين سيشن دوران هن وقت تائين لکت ۾ ٻنهي ايوانن اندر پيش ڪيا آهن. اهي انگ اکر مڪمل طور تي سچائي سان درست ڏنا ويا آهن يا نه؟ ان بحث ۾ پوڻ بجاءِ جيڪي انگ اکر حڪومت سامهون آندا آهن، انهن تي نظر وجهبي ته اهي انگ اکر سنڌ سان ٿيل زيادتين جو ثبوت محسوس ٿيندا.
سڀ کان پهرين هتي سنڌ سان ٿيندڙ معاشي ناانصافين جا انگ اکر ڄاڻائجن ٿا. سينيٽ ۾ 13 مئي تي سوال نمبر 77 جو پئٽروليم واري وفاقي وزارت جواب ڏنو آهي، جنهن جو وزير سيد نويد قمر سنڌ سان تعلق رکي ٿو. ان کان پڇيو ويو هو ته گذريل 5 سالن دوران ملڪ اندر تيل ۽ گئس جي پيداوار جا تفصيل ڇا آهن؟ ان عرصي دوران تيل ۽ گئس جي مد ۾ هر سال جي آمدني جا انگ اکر ٻڌايا وڃن. ان سوال جو جواب ڏيندي سيد نويد قمر ٻڌايو آهي ته، سنڌ مان 2004ع کان 2008ع تائين تيل جي 70.422 ملين بيرل پيداوار ۽ گئس جي 5001.45 ارب ڪيوبڪ فٽ پيداوار ٿي ۽ پنج سالن ۾ سنڌ مان نڪتل تيل ۽ گئس جي آمدني 8 کرب، 45 ارب، 43 ڪروڙ، 50 لک ٿي.پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختوانخوا صوبن اندر گذريل 5 سالن اندر ٿيل تيل پيداوار کي گڏائجي ته ٽنهي صوبن جي ڪل تيل پيداوار 52.909 ملين بيرل ٿئي ٿي، جڏهن ته سنڌ صوبي جي اڪيلي تيل پيداوار ان عرصي ۾ 70.422 ملين بيرل ٿئي ٿي، ان مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ٽئي صوبا گڏجي به ملڪ اندر تيل جي ايتري پيداوار نٿا ڏين، جيتري اڪيلو سنڌ صوبو ڏئي ٿو، ۽ اگر گذريل 5 سالن اندر پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا صوبن اندر ٿيل گئس پيداوار کي گڏائجي ٿو ته ٽنهي صوبن اندر گئس جي پيداوار 2075.26 ارب ڪيوبڪ فٽ ٿئي ٿي ۽ اڪيلي سنڌ صوبي گذريل سالن اندر گئس پيداوار 5001.45 ارب ڪيوبڪ فٽ ڏني آهي. ٽنهي صوبن جي پيداوار کان سنڌ 2926.19 ارب ڪيوبڪ فٽ وڌيڪ پيداوار ڏني آهي. اهي انگ اکر جڏهن ايوان اندر پيش ٿيا هئا ته ضمني سوال ڪندي ڊاڪٽر کٽو مل حڪومت کان معلوم ڪيو ته 5 سالن اندر تيل ۽ گئس جي آمدني مان سنڌ کي ڇا مليو؟ ان سوال جو جواب ڏيندي سيد نويد قمر ايوان کي ٻڌايو ته سال 2004ع ۾ سنڌ ٻنهي مدن ۾ (100488 ملين) هڪ کرب، 4 ارب، 88 ڪروڙ جي آمدني ڏني، ان مان سنڌ کي 14.1 ارب مليا. سال 2005ع ۾ سنڌ کي هڪ کرب، 49 ارب، 59 ڪروڙ، 80 لک آمدني ڏيڻ جي بدلي 17 ارب، 20 ڪروڙ مليا. سال 2006ع ۾ سنڌ هڪ کرب، 63 ارب، 45 ڪروڙ، 90 لک روپيه آمدني ڏني، ان مان سنڌ کي 19 ارب، 9 ڪروڙ، 40 لک مليا. سال 2007ع ۾ سنڌ هڪ کرب، 96 ارب، 6 ڪروڙ، 60 لک جي آمدني ڏني، سنڌ کي موٽ ۾ 22 ارب، 70 ڪروڙ مليا. سال 2008ع ۾ سنڌ 2 کرب، 36 ارب، 82 ڪروڙ، 40 لک روپيه آمدني ڏني، ان جي موٽ ۾ سنڌ کي رڳو 31 ارب، 8 ڪروڙ، 90 لک روپيه مليا. مجموعي طور تي 5 سالن اندر 8 کرب، 45 ارب، 43 ڪروڙ، 50 لک جي تيل ۽ گئس جي مد ۾ آمدني ڏيندڙ سنڌ کي ان عرصي ۾ 105.83 ارب ملي سگهيا آهن.
سنڌ سان هڪ وڌيڪ زيادتي جو اعتراف 5 مئي واري اجلاس دوران سينيٽ ۾ پئٽروليم جي وفاقي وزير ڪيو آهي. اهو اعتراف سوال نمبر 17 جو جواب ڏيندي ڪيو ويو آهي. سيد نويد قمر چيو ته، سنڌ مان گئس ۽ تيل جي پيداوار حاصل ڪندڙ ڪمپنين پيداوار ڏيندڙ علائقن جي لاءِ بونس طور 1994ع کان 2009ع تائين وفاقي خزاني ۾ 2 ارب، 56 ڪروڙ، 33 لک، 84 هزار روپيه جمع ڪرايا. انهي جمع ٿيندڙ رقم مان سنڌ جي انهن تيل ۽ گئس جي پيداوار ڏيندڙ علائقن لاءِ هڪ روپيو به جاري نه ڪيو ويو. وفاقي وزير نويد قمر وڌيڪ چيو ته اسان جي حڪومت پهريون ڀيرو انهيءَ رقم مان هڪ ارب، 68 ڪروڙ، 70 لک جاري ڪيا آهن، پر منهنجو سوال اهو آهي ته اگر اڳوڻين حڪومتن اهي پئسا روڪي سنڌ سان زيادتي ڪئي ته ڇا 1994ع کان وفاقي خزاني ۾ پيل رقم مان موجوده حڪومت جي رقم روڪي زيادتي کي جاري نه رکيو آهي؟
هاڻي اچون ٿا 4 مئي واري ڏينهن ناڻي وزارت پاران ڏنل سوال نمبر 8 جي جواب طرف، جنهن سوال جو جواب ڏيندي ناڻي واري وزارت سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته، 1999ع کان2008ع تائين گذريل 10 سالن اندر ڪل 64 کرب، 41 ارب روپين جا ٽيڪس وصول ڪيا ويا، جن مان بلوچستان مان 10 سالن اندر 87 ارب، 10 ڪروڙ، سنڌ مان 36 کرب، 18 ارب، 70 ڪروڙ، پنجاب مان 25 کرب، 28 ارب، 70 ڪروڙ ۽ خيبر پختونخوا صوبي مان 2 کرب، 6 ارب، 20 ڪروڙ جون ٽيڪس وصوليون ٿيون آهن. اهي انگ اکر درست آهن يا نه، ان تي بحث نٿا ڪريون، پر وفاقي حڪومت ان سوال جو جواب ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته اسلام آباد مان گڏ ٿيندڙ ٽيڪسن کي پنجاب جي ٽيڪسن ۾ شامل ڪري ظاهر ڪيو ويندو آهي. وفاقي حڪومت کان هاڻي اهو ڪير پڇي ته گادي واري شهر تي جيترو پنجاب صوبي جو حق ٿئي ٿو، اوترو سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا صوبي جو به حق آهي، پوءِ ڇو رڳو اسلام آباد جا ٽيڪس پنجاب ۾ شامل ڪرڻ جي رڳو پنجاب مٿان مهرباني ڪئي پئي وڃي؟
هاڻي اچون ٿا وفاقي ملازمتن ۾ صوبائي ڪوٽا کي نطرانداز ڪري سنڌ سان ٿيندڙ زيادتي طرف، جنهن جا به ٻنهي ايوانن اندر انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن. انهن انگ اکرن کي ڏسڻ سان اوهان کي رڳو سنڌ ۽ بلوچستان سان ئي اها زيادتي ٿيندي نظر ايندي. قومي اسيمبليءَ ۾ 7 مئي واري اجلاس دوران سوال نمبر 27 جو جواب ڏيندي دفاع جي وفاقي وزير چوڌري احمد مختيار ٻڌايو آهي ته سول ايوي سيشن اٿارٽي ۾ گريڊ 15 ۽ ان کان مٿي وارن گريڊن ۾ سنڌ شهري مان 313 ۽ سنڌ ٻهراڙي مان 100 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي ڪل سنڌ مان 413 ملازم ٿين ٿا. جڏهن ته شهري سنڌ جي ڪوٽا 7.5 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي سنڌ جي ڪوٽا 11.4 سيڪڙو آهي پر ان باوجود نه رڳو اتي ئي شهري سنڌ جا وڌيڪ ملازم ڪم ڪري رهيا آهن،
اهي سڀ انگ اکر آهن، جن مان سنڌ سان زيادتي پڌري پٽ پئي آهي، ۽ انگ اکر ان سوال جو به جواب ڏين ٿا ته سنڌ مان وفاقي ملازمتن ۾ ٻهراڙي ۽ شهري ڪوٽا جا ڌار ڌار انگ اکر ڏيڻ کان وفاقي حڪومت ان ڪري پاسو ڪندي رهي آهي، جو سنڌ جي ڪوٽا تي شهري سنڌ مان ئي اڪثر طور ملازم رکيا ويا آهن. سنڌ سان اهڙين زيادتين جو حڪومت پاڻ اعتراف ڪري رهي آهي، پر انهن زيادتين خلاف آواز ڪير اٿاريندو؟
kawishmb@yahoo. com