هڪ سگريٽ ڇڪيند ڙ ٻه هڪ زندگي هڪ موت هڪ انسان ٻه وجود ، بيقراري جي دائرن ۾ قيد دائرا زندگي جا موت جا ، محبت جا ، درد جا تنهائي بيوفائي جا سگريٽ جو ڇڪڻ سڀ نقصان، اڪيلو ڳوٺ .ڳوٺ ۾ پراڻو گھر، گھر ۾ موجود اڪيلو بڙ جو وڻ، اڪيلي بڙ هيٺان اڪيلو مان، ساڻ ڪجھ يادون ۽ درد به.... سگريٽ جو دونهون منهنجي وجوديت کي باطل پيو ڪري، اڏندڙ سگريٽ جي دونهي ۾ وڃايل منهنجو وجود سڀ خواب، سوچون باغي زندگي کان، ۽ زندگي سوالن جي دائرن ۾ قيد، سڀني جا سوال زندگي کان پر هوءَ خاموش ائين ٿو لڳي ڄڻ زندگي لاءِ موت جي سزا مقرر ٿي چڪي آ...، ڏوهي ڪير خواب زندگي جا ،يا زندگي خوابن جي ...... درد جي شدت وڌي رهي آ، ڪلهه رات جا سپنا هڪ پل ۾ درد بڻجي ويا محبت جي ناوءَ تي مليل درد زندگي کي مايوس ڪري ڇڏيو آ ائين لڳو ڄڻ زندگي سگريٽ کان به سستي آ بس افسوس آ ڪٿي وفائون اڌوريون نه رهجي وڃن. پر اڃان زندگي باقي آ، اڃان آس باقي آ....! (غوري)