.....مرشد اياز.....

اختيار غوري

سينيئر رڪن
ڪونج ڪرڪي پئي ڪا اتر پار جي،ياد آئي اسان کي وري يار جي.

اڄ اُٺي جي هوا جيءُِ جھوري وڌو،سينگ ڇڪجي وئي اوچتو سار جي.

ٿي ڪيا اڄ شفق ڦول اُن ۾ ڦٽا،ڪانه جھولي ڀري پر مڱڻهار جي.

ڪيترن ڪونپلن سان سجايل هئي!ٻانهن ڇو تو اڪارڻ ڪپي ڏار جي ؟

اي اياز اوچتو ڦٽ کولي وئي،چيٽ جي چاندني، هير ولهار جي!
 
Back
Top