• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نوڪيا هڪ دفعو ٻيهر ائنڊرائيد فون ٺاهڻ جو اعلان

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
نوڪيا ڪمپني کي جڏهن مائڪروسافٽ ڪمپني خريد ڪيو هو ان کان اڳ ۾ نوڪيا ٽي ائنڊرائيد فون ٺاهيا هيا،جنهن کي X سريز جو نالو ڏنو ويو.پر جڏهن مائڪروسافٽ نوڪيا کي مڪمل طور خريد ڪري ڇڏيو ته ائنڊرائيد فون ٺاهڻ بند ڪري ڇڏيو انهن ونڊوز فون ٺاهڻ شروع ڪيا.

ان کان پو نوڪيا هڪ دفعو ٻيهر چائنا جي هڪ فون ٺاهيندڙ ڪمپني OEM partner (Foxconn) جي تعاون سان هڪ ائنڊرائيڊ ٽيبليٽ ٺاهيو هيو جنهن کي N1 نالو ڏنو ويو جيڪوائنڊرائيد جي نئين ورزن لولي پاپ سسٽم جي بنياد تي ٺاهيو ويو.هن ٽيبليٽ کي جلد ئي چائنا ۾ لانچ ڪيو ويندو.جنهن جي رقم تقريبن 249 ڊالر رکي وئي آهي.
images

پر هڪ تازي خبر مطابق نوڪيا لولي پاپ سسٽم ۽ Z launcher تي هڪ ائنڊرائيد فون پڻ ٺاهي رهي آهي جنهن جو نالوC1 آهي. جنهن تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ اهو ٿي سگهي 2015 جي پهرين ئي مرحلي ۾ لانچ ٿئي.
nokia_c1_smartphone_in_development_via_techweb.jpg
هن سمارت فون ۾ هي خاصيتون شامل آهن.
5 انچ دسپلي اسڪرين.2 جي بي ريم،8 ايم پي اڳيان ۽ 5 ايم پي پويان واري ڪئيمرا،انٽيل جو ڪيوڊ ڪور پروسيسر وغيره آهي.
 
Back
Top