* پاڪستان جي مائي باپ ، ادارن سنڌ اندر سياسي چوڌرائپ کي ختم ڪرڻ لاء هڪ عجيب منطق جي پاليسي جوڙي آهي ته سياسي وڏيرن کي سياسي ملان ئي منهن ڏئي سگھن ٿا انهيء حڪمت عمليء تحت ڊاڪٽر محمود سومرو شهيد ٿي ويو هاڻي ڊاڪٽر محمود سومرو جي فرزندن ۽ سندن پارٽيء اعلان ڪيو آهي ته ؛ بلاول ڀٽو زرداريء جي سامهون راشد سومرو اليڪشن وڙهندو جي يو آء 27 ڊسمبر تي محترمه بينظير جي شهادت واري ڏهاڙي تي قومي شاهراهن تي ڌرڻا هنيا ويندا 27 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ شٽر ڊائون ، ڦيٿا روڪ هڙتال 27 ڊسمبر تي ڪارڪن روڊن ۽ رستن تي تڏا ۽ مصلا وڇائي تلاوت ڪندا ۽ جيالن کي ڳڙهي خدابخش وڃڻ نه ڏبو.......................................