عبدالواحد آريسر تي لکيل

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابو مُرڪ طرفان آندل موضوعَ ‏25 ڊسمبر 2014۔

  1. ابو مُرڪ

    ابو مُرڪ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    عمرڪوٽ حيدرآباد
    بي حسيءَ جو ديس ۽ اسين ماڻهو

    مشتاق سعيد

    هي سٽون لکڻ وقت منهنجا هٿ ڏڪڻ لڳن ٿا ۽ اکيون ڀرجي اچن ٿيون. دل ان محبوب هستي جي ادب ۾ جهڪيل محسوس ٿئي ٿي. هڪ ساعت لاءِ سوچيان ٿو ته ڪجهه به نه لکان متان ان عبادت لائق هستيءَ کي ڪو رنج رسي پر ذهن ۾ ولوڙ پيدا ڪندڙ جذبا، باهه جا اُلا ٿي ڀڙڪن ٿا ۽ نيٺ گونگو ڳالهائي ٿو. احترام جون حدون اورانگهيندي آئون پل لاءِ سڌي طرح مخاطب ٿيڻ جي گستاخي ڪندي چوان ٿو ته عبدالواحد آريسر صاحب، مان اوهان جي شخصيت کان ايترو متاثر آهيان جيترو چڪور چنڊ کان مور گهٽا کان ۽ نئين ڪنوار پنهنجي هٿڙن تي لڳل مينديءَ کان، پر دل جهلي، آئون توهان لاءِ ڪجهه لکڻ جي گستاخي ڪندي هٿ ٻڌي اڳواٽ ان ڳالهه جي معافي وٺان ٿو ته شايد منهنجي سوچ غلط هجي ۽ توهان ان تي رنج رکو، خدارا معاف ڪري ڇڏجو.

    ڪنهن ڏاهي جو قول پڙهيو اٿم ڪو داناءُ جڏهن بي حس ماڻهن جي ديس ۾ سچ جون رڙيون ڪندو رهجي وڃي پر کيس ڪو ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش به نه ڪري ته اهو شخص پنهنجي وجود کان فراريت حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي. شايد آريسر صاحب به پنهنجي وجود کان فراريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي. آريسر، جنهن جو نالو مون لاءِ ائين آهي جيئن ٿر جي ڀٽن تي برسات ڦڙا مون بچپن کان آريسر سائين کي پڙهيو آهي. سندس لفظ منهنجي ذهن ۽ من ۾ ائين لهي ويندا آهن جيئن پاڻي ۾ پٿر اڇلايو وڃي. مون چانڊوڪي راتين ۾ اُڀ تي ستارن کي چمڪندو ڏسي آريسر کي ياد ڪيو آهي. هر باک جي ويلا مؤذن جي آزان ٻڌي آريسر کي ياد ڪيو آهي. مان سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ قومپرستي ۽ آزادي واري آواز کي بلند ڪرڻ وارن ماڻهن مان سائين جي.ايم.سيد کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ متاثر آهيان ته صرف آريسر کان. جنهن جا لفظ ماکي جي لار کان مٺا ۽ سَرنهن جي گلن کان وڌيڪ سهڻا آهن. سندس تحريرون ۽ تقريرون ستل ضميرن کي جنجهوڙي جاڳائڻ کان پوءِ وجود ۾ ائين ڪتڪايون ڪڍنديون آهن، جيئن نئين ڪنوار جي بدن کي پهريون ڀيرو گهوٽ جو هٿ ڇهندو آهي. آريسر جو قدر ۽ قيمت ته تاريخ ئي توريندي پر هن وقت بي حسيءَ جي ديس ۾ سندس خاموشي مون کي ائين لڳي ٿي ڄڻ هن انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن اڳيان حق جا نعرا هڻي هڻي هاڻي پنهنجي وجود کان فراريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. سائين آريسر پنهنجو جوڀن ۽ حسين راتين جو سڪون قربان ڪري سنڌي قوم کي جاڳائڻ جا جتن ڪيا پر ٻوڙن جي ڪنن ۾ ڪجهه به اوتجي نه سگهيو ۽ سندن ذهن اها صدا سمجهڻ کان محروم رهجي ويا. آخرڪار هن عظيم داناءُ اهڙي هنڌ ۾ پناهه ورتي جنهن سان کيس وقتي طور ذهني سڪون پلئه پئي سگهي.

    مون کي ياد آهي ته شهيد بابو سوڍائي جي ورسيءَ ۾ جڏهن آريسر صاحب آيو هو ته مون پنهنجي تقرير ۾ آريسر سائين جي عقيدتمنديءَ جو اظهار ڪيو، جنهن تي سائين هٿن سان اشارا ڪري روڪيو ته منهنجي تعريف نه ڪريو. جيڪو سياستدان پنهنجي تعريف ٻڌڻ ۾ خوش نه ٿئي سو سچ پچ ته ڪنهن رهبر کان گهٽ رتبو نه ٿو رکي، ڇو ته منهنجو هڪ دوست چوندو آهي ته خدا تعاليٰ هر شيءَ کان پاڪ ۽ بي نياز هستي آهي، پر ان به انسانن کي ان لاءِ خلقيو ته سندس ذڪر ۽ واکاڻ ڪن. سندس آڏو جهڪي عبادت ڪن، ڇو ته خدا به تعريف ٻڌڻ تي خوش ٿئي ٿو. ان لاءِ انسان واکاڻ ۽ خوشامد کي سڌي يا اڻ سڌي طرح پسند ڪري ٿو، پر جيڪڏهن هڪ قومي درد رکندڙ سياستدان پنهنجي واکاڻ ۽ عقيدت ٻڌڻ کان لنوائي ته سچ پچ هو به سياستدان نه پر رهبر آهي.

    منهنجا ڪيترائي دوست چوندا آهن ته سنڌ کي آريسر جهڙن انسانن جي ضرورت آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪوبه بهترين ڪتاب نه لکڻ ۽ ڪا به ايوانن ۾ جنبش ۽ ڏڪڻي وجهندڙ عملي جدوجهد ۽ نظرياتي ويڙهه نه ڪرڻ ۽ هڪ پاسي خاموش ٿي ويهي رهڻ مان لڳي ٿو ته سنڌ جو هي ڏاهو ۽ حلالي پٽ آريسر انڌن آڏو ڦٿڪي ڦٿڪي ٿڪي پيو آهي ۽ اهڙي ٿڪ ۾ کن پل لاءِ ساهي کڻڻ ڪاڻ درد جو دارون پي پنهنجي وجود کان فراريت جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هونئن به جتي ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ موٽ ڏيڻ وارو ڪوبه نه هوندو آهي، اتي داناءُ انسان به پاڳل ٿي پوندا آهن.

    اسان نوجوان نسل جا ڇوڪرا هٿ ٻڌي التجا ٿا ڪريون ته سائين توهان جي سنڌ کي شديد ضرورت آهي. سوين وجود توهان جي تدريس جا گهرجائو آهن. اسان کي توهان جون اهي تقريرون گهرجن ٿيون، جيڪي ضميرن تان زنگ لاهي سگهن، جيڪي سياري جي ماڪ جيان نون ڪومل گلن کي ڌوئي اُجرو ڪن ۽ شعور جي دنيا ۾ پير رکندڙ نوجوانن کي چيچ کان وٺي حق جي راهه تي هلڻ سيکارين. اسان کي توهان جون اهي تحريرون گهرجن، جيڪي جاهل طبقي ۾ ڏيئي جيان لاٽ ٿي پون، جيڪي سامراج جي نصيب کي پگهر سان پسائي وجهن، يقينن توهان کي سچ چوڻ جي ڏوهه ۾ اٿاهه عذاب ڏنا ويا هوندا. توهان جي واٽ تي ڪنڊا وڇايا ويا هوندا، توهان جي هر کڄندڙ وک تي دوزخ دکايو ويو هوندو پر اسان ڏسون پيا ته توهان تاريخ جي ورقن ۾ سنڌوءَ جي واريءَ جيان جرڪي رهيا آهيو.

    توهان جوڳي بنجي سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ تبليغ ڪريو، توهان جُتي لاهي اگهاڙن پيرن سان سنڌ جي پاڙي پاڙي عبور ڪريو، توهان راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جا ڪم قربان ڪري ميدان ۾ لهي پئو، جهر جهنگ جهاڳيو، پوءِ ڏسو ته توهان جو قافلو ڪيترو وڏو ٿو بنجي وڃي، ڇو ته توهان ۾ اهي ڪڻا موجود آهن، جيڪي هر ذهن کي اجاري سگهن ٿا، توهان جو مطالعو وسيع هجڻ ۽ سچ جي پختگي هجڻ ڪري توهان وٽ حق جا اهڙا دليل موجود آهن، جن کي ڪوبه وير رد نه ٿو ڪري سگهي. شايد توهان کي خود اهو اندازو نه هجي ته سنڌ جو نوجوان نسل توهان کان ڪيترو متاثر آهي ۽ انهن جي دلين ۾ توهان جي ڪيتري عقيدت آهي. توهان اها هستي آهيو جيڪا سامراجي حڪومت لاءِ اک جو ڪنڊو آهي. توهان پنهنجي وجود کي فراريت جي ڪوشش ڇڏي، سنڌ جي سيني ۾ لهي وڃو ته شايد اهڙو سج اڀري پوي جنهن جي ڪرڻن سان اسان هڪ نئين جرڪندڙ سنڌ ڏسي سگهون.

    v
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو