پوسٽ ٿيڻ کان رهجي ويل خط علي نواز آريسر جانان ! گذريل ڊسمبر ۾ عبرت جي شماري ۾ تنهنجو نظم پڙهيو هئم، پهرين ته تنهنجي نظم جون اهي سٽون منهنجي حواسن کي ڇهي مٿان گذري ويون هيون، وري وري پڙهيو هئم، تنهنجي نظم جي هر سٽ ۾ درد جو درياءُ اوتيل هو. جنهن ۾ نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا لڙهي ويو هئس، پر وري لڙهندي لڙهندي اچي ڪناري تي لڳو هئس. ها جانان! تنهنجو اهونظم منهنجي لاءِ هيروشيما ناگاساڪي تي ڪريل ڪنهن ائٽم بم جي ڌماڪي کان گھٽ ڪين هو. ان وقت ڪنهن شاعر جون هي سٽون منهنجي هينئين تي هري آيون هيو ن. حال اسان جو هيرو شيما اڇلون هن جون ائٽم جهڙيون ها جانان ! ان ڏينهن کان پوءِ ڪيترا ئي ڏينهن توکي ڳوليندو رهيو هئس،ڪيترا ئي خط هوائن جي هٿ توکي پوسٽ ڪيا هئم، ڪيتريون ئي چميون (فلائنگ ڪس) توڏي اماڻيون هئم، پر اهي سڀيئي چميون هوائن سان ڳالهيون ڪري موٽي آيون هيون، ۽ منهنجي ڳلن کي ڇهڻ لڳيون هيون، تنهنجي نالي ارپيل انهن چمين ۾ به عجيب سحر هو، ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ڪنهن اخبار ۾ هڪ شاعر جي حيثيت سان تنهنجو پروفائيل ڇپيو هو، ان پروفائيل سان گڏ تنهنجا چار غزل به ڇپيا هئا، تنهنجي غزل جي هر سٽ ۾ مان وڃائجي ويو هئس، ان پروفائيل ۾ تنهنجي پوسٽل ايڊريس به هئي، جنهن منهنجي لاءِ نئون دڳ کوليو هو، نئين راه ميسر ٿي هئي . جانان ! پوءِ مون تنهنجي ايڊريس تي هڪ خط پوسٽ ڪيو هو، جنهن ۾ کليو لکيو هئم ته آئون تنهنجي شاعري جي سحر ۾ وڃائجي ويو آهيان، تنهنجي هر سٽ ۾ سمنڊ جي گھرائي آهي، جنهن ۾ مان غوطا کائي رهيو آهيان. مون ڪيترو نه توکي ڳوليو آهي، ڊائري جي ورقن ۾، ڪتابن جي شيلفن ۾، چنڊ جي چانڊوڪين ۾، سج جي اڀرندڙ ڪرڻن ۾، ها جانان ! تنهنجي شاعري منهنجي دل جي ترجمان آهي، تنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي وجود جي احساس کي محسوس ڪندو رهيو آهيان ، ها جانان اڄ به مون وٽ ڪيتريون ئي چميون محفوظ آهن، جيڪي توڏي پوسٽ نه ڪري سگھيو هئس. مهيني تائين تنهنجي جواب جو انتظار ڪيو هئم، پر تنهنجو ڪو به جواب نه آيو هو، پوءِ ٻيو، ٽيون، الاءِ ڪيترا خط تو ڏي پوسٽ ڪيا هئم، پوءِ به تنهنجو جواب نه آيو هو. ۽ پوءِ هڪ خط روزانو توڏي پوسٽ ڪري ڇڏيندو هئس. وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو هو، ڪيترا ڏينهن گذري ويا هئا، آئون پنهنجي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو هئس، تنهنجو اهو نظم فريم ڪرائي ٽيبل تي اکين جي سامهون رکي ڇڏيو هئم. هڪ ڏينهن معمول موجب آفيس جي ڪم ۾ مشغول هئس ته پوسٽ مين آيو هو، ۽ تنهنجو موڪليل پهريون خط منهنجي هٿ ۾ جهلائي هليو ويو هو، مون به لفافو وٺي ٽيبل تي ڦٽو ڪيو هو، ڇو ته پوري آفيس جي ٽپال پوسٽ مين منهنجي ٽيبل تي اڇلائي ويندو هو، تنهنڪري تنهنجو خط به عام رواجي ٽپال سمجھي ڦٽو ڪري ڇڏيو هئم. پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويو هئس، ڪم ڪندي اوچتو ٽيبل تي پيل تنهنجي خط تي نظر پئي هئي، ۽ نظرون ڄمي برف ٿي ويون هيون. مسلسل تنهنجي نالي کي تڪيندو رهيو هئس. ها جانان !توکي ڪيئن ٻڌايان ته منهنجي ان وقت خوشي جي انتها ڪيتري حد تائين هئي، آئون نٿو سمجھان ته سائنس اهڙو ڪو اوزار تيار ڪيو هجي، جيڪو ان خوشي جي درجه حرارت جي ماپ ڪري سگھي، ۽ تڙ تڪڙ ۾ تنهنجي خط کي اڻڳڻيون چميون ڏيئي کوليو هئم، ۽ پڙهڻ شروع ڪيو هئم. تنهنجي لفظن جي سحر ۾ گم ٿيندو ويو هئس، ها جانان تو خط ۾ سڀ ڪجھ ته لکيو هو، منهنجي پاڳلپڻي تي دڙڪا به ڏنا هيئي، ته اڻڳڻيون چميون به ڏنيون هيئي، ها جانان ! تو لکيو هو ته تنهنجا هن وقت تائين 80 خط پهتا آهن، تو هر خط جي تاريخ، سٽون وقت ۽ لفظ لکيا هئا، ها جانان ! تو اهو به لکيو هو، ته مون ڪيترا ڀيرا تو ڏي خط لکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي،توڏي خط لکان،، ۽ ڀرپور امنگن ۽ جذبن سان لکان، بار بار لکان ته جان مون تنهنجو هر خط ڪيترا ڀيرا پڙهيو آهي، اهو به لکان ته منهنجي هر صبح جي شروعات تنهنجي خط سان ٿيئي ٿي ته هر رات جي پڄاڻي تنهنجي خط سان ٿيئي ٿي، اهو به لکان ته آئون هر روز صبح جو پکين سان گڏ اٿندي آهيان، ماڻهو خدا جي عبادت لاءِ ملان جي اذان تي اٿندا آهن، پر آئون عبادت جي لاءِ دل جي اذان تي اٿندي آهيان. ۽ منهنجي عبادت تنهنجا اهي سمورا خط آهن، جيڪي تون روز مون ڏي پوسٽ ڪندو آهين. ان ڏينهن تنهنجي انهيءَ خط منهنجي دل جي رفتار تيز ڪري ڇڏي هئي،، هڪ سمي ته خيال آيو هو ته هرٽ اٽيڪ نه ٿي پوي، پر پوءِ ان اٽيڪ کي سهڻ لاءِ ذهني طور تيار ٿي ويو هئس، ان خوشيءَ کي ورهائيندو رهيو هئس، سڀني دوستن کي تنهنجو خط پڙهي ٻڌايو هئم. ها جانان ! ان ڏينهن آئون صفا ٻار ٿي ويو هئس، معصوم ٻارن وانگر کينچلون ڪيون هئم، ٽپا ڏنا هئم. ها جانان ! ڪيترا ئي دوست منهنجي انهي ٻاروتڻ تي کليا هئا، ۽ پوءِ پنهنجي انهن خطن جو سلسلو ڪيترن مهينن تائين هليو هو، آئون دنيا جي ڪيترن خوش نصيبن مان پنهنجي پاڻ کي مٿاهون سمجھڻ لڳو هئس. ها جانان ! پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو تنهنجو خط پهتو هو ، اهو خط نه هو منهنجي موت جو پروانو هو، تو لکيو هو ته هي منهنجو هي آخري خط آهي، ۽ آئون اميد ٿي ڪيان ته هاڻي اوهان ڪڏهن به مون ڏي خط نه لکندا. هن آگسٽ جي 15 تاريخ منهنجي شادي آهي. پنهنجو خيال رکجانءِ، جانان اهو ته ڪون ٻڌايو ته پنهنجو خيال ڪيئن رکان؟ تون ته سانوڻ رت جي مينهن ڪڻين سان پنهنجو ناتو جوڙي ويٺين، مون لاءِ ته ڪا خزان به نه بچي آ، جنهن سان پنهنجي اندر جا حال اوريان. جانان تنهنجي حڪم موجب مون تو ڏي ڪڏهن به خط نه اماڻيو آهي، تنهنجي حڪم جو تابعدار ٿي ويهي رهيس، پر ها هڪ سچ ٻڌايان ته آئون اڄ به هر روز تولاءِ هڪ خط لکندو آهيان، پر تنهنجي حڪم جي پوئواري ڪندي توڏي پوسٽ ناهيان ڪندو، ها جانان ! اڄ به تولاءِ ڪيتريون ئي چميون منهنجي خطن ۾ محفوظ آهن، ها جانان ! الاءِ ڇو منهنجي دل اڄ به تنهنجو انتطار ڪري ٿي، ها جانان ! اڄ به الاءِ ڇو منهنجو من تولاءِ ويڳاڻو آهي ، جانان تنهنجي شاعري منهنجي لاءِ اتساه هئي منهنجي جيئڻ جو سهارو هئي، هاڻي ته اها به نه پئي ڇپجي، جانان مون تنهنجي شاعريءَ ۾ اوتيل درد سان رومانس ڪيو آ، جانان هي ٻيو ڊسمبر پڄاڻي تي پهتو آهي، پنهنجو نئون نظم نئين سال جي شروعات سان ڪٿي ضرور ڇپائجان، ها جانان ! ضرور ڇپائجان ، سگھو ئي جنوري ايندي مٺا موسم چري ايندي اسان جي لاڙ ۾ لالڻ، درياه جي چاڙه ۾ لالڻ ٿيندا ڪي ڪاچ ڪوملتا ڪنواريون گيت ڳائينديون گلابي ويس پائينديون جيڏين جي جوڙ اهڙي ۾ ٻڌاءِ ڪيئن ڪندس آئون؟ وڃائي سڀ هٿان واهون ڪئي منٿ مون مٺڙا بنا ڪنهن دير جي دلبر ! هلي آ پاڻ ۾ پرچون ايڏي اک پور ڇو آهين؟ پرين تون دور ڇو آهين پرين تون دور ڇو آهين ؟؟ v