25 ڊسمبر تي هجيتيپي يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف انوائرنمينٽال انجنيئرنگ طرفان ڪرسمس پارٽي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ تقريبن سمورن اُستادن ۽ شاگردن ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪئي. پارٽي ۾ هرشرڪت ڪندڙ پاران هڪ هڪ گفٽ قرعه اندازي بعد ورهائڻ لا شامل ڪيو. جيڪي پارٽي جي اختتام تي قرعه اندازي ڪري ورهايا ويا. پارٽي ۾ ڪافي شريڪ ڪندڙن پنهنجي پنهنجي گهران مختلف قسمن جا کاڌا، مٺايون ۽ جوس وغيره آندا ويا. پارٽي جي آخر ۾ چيئرپرسن سمورن شريڪ ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو. پارٽي دوران ڇڪيل ڪجهه تصويرون هتي شيئر ڪجن ٿيون.
هڪ هفتو سنڌ سلامت کان پري هجڻ سبب هي موضوع اکين کان اوجهل رهيو ۽ اڄ ٻيهر اوهان جي يادگيري ڪرائڻ تي نظر مان گذريو .... بهترين تصويرون ۽ خاص ڪري مسڪراهٽون ته خوب وڻيون. جڏهن غم گهٽ هجن ته مسڪراهٽون جام ملنديون آهن ۽ اسان وٽ وري ان جي ابتڙ هر قدم تي غم، ڏک ۽ درد سان ڀريل ڪهاڻيون آهن ۽ ساڳي وقت مسڪراهٽ جي پويان به ڪو درد لڪل لڳندو آهي. هاڻي اهو به ٻڌايو ته اوهان گهران ڪهڙو طعام ٺاهي ويا هئا ..... !!!! يا هن دفعي به مفتي جا مزا ماڻيندا رهيا؟
خبر اٿئي ته اهڙو ڪم پُڄي ڪونه، باقي سڀني صلاح هنئي ته منهنجو ٺاهيل کاڌو سُٺو اٿئي، کائي ٻڌائي، تعريف ڪرڻ تي ڪو خرچ ڪونه ٿو ٿئي پر چڱا کاڌا هُئا. ان ڏينهن رات واري ماني به نه کائڻي پئي.