فيسرن جي بدلي ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيان الطاف شيخ (Published in Sindhi wekly KAWISH magazine) ڪالهه ٽي وي جي ڪنهن چئنل تان ڪنهن تجزيانگار واهه جي ڳالهه ڪئي ته حڪومت پوليس جي وڏن عملدارن کي ٽن سالن جو ڊگهو عرصو پورو ڪرڻ بدران هر هر بدلي ڪندي رهي ٿي. جيڪڏهن ڪو عملدار غلط ڪم ٿو ڪري ته ان جو احتساب ڪرڻ کپي..... هن جي سي آر خراب ڪرڻ کپي. باقي اهو ڇا ته توهان هن کي بدلي ڪري ٿا ڇڏيو يا في الحال هن کي پوسٽ تان لاهيو ٿا ڇڏيو.... ان مان ڪهڙو فائدو؟ ڪجهه وقت کانپوءِ اهو ساڳيو آفيسر ڪنهن سياستدان يا ملڪ جي طاقتور اداري کان سفارش ڪرائي وري ساڳي پوسٽ تي، ساڳي صوبي ۾ يا ڊيپوٽيشن تي ٻي صوبي يا مرڪز ۾ پهچيو وڃي. اها ڳالهه ٻڌي مونکي 45 سال اڳ جي هڪ ڳالهه ياد اچي وئي...... ان وقت به مون دل ۾ ’واهه واهه‘ ڪئي هئي. انهن ڏينهن ۾ اسان اڃان هيٺين رئنڪ جا آفيسر هئاسين. سمنڊ تي اڃان ٻه سال کن ٿيا هئاسين. منهنجي ۽ منهنجي هڪ ڪلاس ميٽ جي بدلي هڪ اهڙي جهاز تي ٿي جنهن جو ڪئپٽن ايم او علوي نالي هڪ دماغ ڦريل ڪئپٽن مشهور هو جنهن فقط آفيسرن جي ڪم کي ڏسي تعريف ڪئي ٿي. پاڻ به هڪ قابل ۽ محنتي ڪئپٽن هو جنهن جي سڄي عمر انگريز ڪئپٽنن سان گڏ جهاز هلائيندي گذري هئي. مون سان گڏ منهنجو ساٿي پنهنجي والد ۽ چاچي جي اهم ۽ وڏي سرڪاري پوسٽ ۽ سياست ۾ مضبوط هجڻ ڪري هو هر جهاز تي صحيح طرح ڊيوٽي ڪرڻ بدران وقت گذاري ڪري رهيو هو. جهاز جو ڪو به سينيئر آفيسر اهو نه چاهيندو ته هن جو ماتحت ڪم ۾ سست ۽ اڻڄاڻ هجي. هيڊ آفيس طرفان کين اها اجازت هوندي آهي ته ڪو به جهاز هلائڻ وارو انجنيئر يا نيويگيٽر نا اهل سمجھو ته کيس ويجھي بندرگاهه تان باءِ ايئر واپس روانو ڪري سگهو ٿا ۽ جي هرڀرو ان جي جاءِ تي ٻي ماڻهو جي ضرورت آهي ته هو ڪراچي هيڊ آفيس کان هوائي جهاز جو ڀاڙو خرچ ڪري ان رئنڪ واري ٻي ماڻهوءَ کي موڪلي سگهن ٿا. اسان جي هن جهاز تي پهچڻ تي اسان واري سست ۽ اثر رسوخ هلائي ڪم ڪڍڻ واري مون واري ڪلاس ميٽ جو سک ڦٽي پيو. انجنيئر هجڻ ڪري مهنجو واسطو جهاز جي چيف انجنيئر سان هوندو هو پر اسان وارو ٿلهو يار جيڪو نيويگيٽر آفيسر هو ان جو صبح شام هِن ڪئپٽن سان ئي واسطو پيو ٿي. جهاز تي هڪ ٻه ٻيا به اسانجي اڪيڊمي جا گرئجوئيٽ هئا ۽ شام جو گڏجڻ وقت خبرن چارن ۾ اهو معلوم ٿيندو هو ته ”رضيه غنڊن ۾ ڦاسي وئي آهي“..... يعني اسان واري ٿلهي ڪلاس ميٽ کي هن ڪئپٽن چڱو سوڙهو ڪيو آهي. هن جي سستيءَ ڪري ڪئپٽن هاڻ سڀني اڳيان هن تي خارون کائڻ لڳو هو. هڪ ڏينهن ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ اٽلي جي ڪنهن بندرگاهه کان جبرالٽر ڏي جهاز وڃي رهيو هو ته ڊائننگ سئلون ۾ دير سان پهچڻ تي ڪئپٽن علوي هن ٿلهي ٿرڊ آفيسر کي چيو: ”توکي خبر آهي ته تون هن جهاز تي ڇا آهين؟“ ”سر ٿرڊ آفيسر.“ هن وراڻيو. “No. you are unnecessary ballast on my ship” ڪئپٽن وراڻيس: ان وقت اسان دل ئي دل ۾ چيو ته هن ڪئپٽن لاءِ مشهور آهي ته خرمغز آهي پر ڪي ڪي ڳالهيون واهه جون ٿو ڪري. دراصل جهاز جي تري ۾ ٻنهي پاسي وڏيون لوهي ٽانڪيون ٿين ٿيون جيڪي ڊبل باٽم ٽئنڪس (Double Bottom Tanks) سڏجن ٿيون ـــ سمجهو ته جهاز جي هر پاسي پنج ڇهه وڏيون ٽانڪيون (D.B. Tks) ڪٿين ٿيون ... جن مان ڪجهه ۾ فيول (Diesel) هوندو آهي ته ڪجهه ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ... ان کا علاوه هر پاسي ٻه ٻه کن خالي رکيون وينديون آهن. اهي خالي ٽانڪيون بالاسٽ ٽانڪيون سڏجن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن ڊگهي سفر ۾ فقط هڪ پاسي جي تيل جي ٽانڪي استعمال ڪرڻ تي اهو پاسو هلڪو ٿي پوندو آهي يا وري رستي تي ڪنهن بندرگاهه تي جهاز تان هڪ پاسي جو سامان گهڻو لهي ويندو آهي ته ظاهر آهي اهو پاسو هلڪو ٿي مٿڀرو ٿي ويندو آهي ۽ ٻيو پاسو هيٺ ٿي ويندو آهي. جهاز کي ان ڦڏي صورت ۾ هلائڻ بدران جهاز جا ٻئي پاسا: کاٻو ۽ ساڄو ... برابر ڪيا ويندا آهن .... جنهن لاءِ هلڪي پاسي واري خالي ٽئنڪ (بالاسٽ ٽئنڪ) ۾ پمپن ذريعي سمنڊ جو پاڻي ڀريو ويندو آهي جنهن پاڻيءَ جو ڪم رڳو عارضي طور جهاز کي بئلنس رکڻ هوندو آهي. ٻئي بندرگاهه ۾ پهچڻ تي ٻي پاسي کان سامان لاهڻ شرط اهو سمنڊ جو کارو پاڻي پمپن ذريعي واپس سمنڊ ۾ اڇليو ويندو آهي. جهاز کي بئلنس رکڻ لاءِ سمنڊ جي ان کاري پاڻيءَ کي Ballast سڏجي ٿو. پراڻي زماني ۾ ٻيڙن کي سڌو رکڻ لاءِ هڪ پاسي پٿر يا مٽيءَ جون ڳوڻيون رکيون ويون ٿي. پوءِ ڪنهن بندرگاهه ۾ جيئن ئي ٻي پاسي جو سامان لهندو هو ته اهي بالاسٽ طور رکيل پٿر سمنڊ ۾ اڇليا ويندا هئا. بهرحال ان زماني ۾ ان ڪم لاءِ مزدورن ۽ گهڻي وقت جي ضرورت پوندي هئي پر هاڻ انجڻين جا جهاز ٿيڻ بعد فقط پمپ جي سئچ کي دٻائڻو پوي ٿو ته ڪلاڪ ٻن ۾ سؤ ڏيڍ سؤ ٽن سمنڊ جو پاڻي ٽانڪي ۾ داخل ٿيو وڃي يا ٽانڪيءَ کان ٻاهر سمنڊ ۾ خارج ٿيو وڃي. سو اسانجي جهازراني جي زبان ۾ بالاسٽ (Ballast) معنيٰ اها بيڪار ۽ مفت جي شيءِ جنهن جي فقط ڪجهه وقت لاءِ ضرورت پوي. ضرورت پوري ٿيڻ بعد ان کي يڪدم ڦٽو ڪيو وڃي. پر اسان هن سخت مزاج ڪئپٽن علوي (جنهن جي منهن تي پنجن مهينن جي اوٽ موٽ سفر ۾ ڪڏهن مرڪ نه ڏٺيسين، ان جي) Sense of humour (حسِ لطافت) کي دل ئي دل ۾ داد ڏنوسين جڏهن هن اسانجي ٿلهي آفيسر (جنهن کي ڪم کان هر وقت آڱوٺو ۽ ٽيڳڙ گهڻي هوندي هئي) نه فقط بالاسٽ چيو پر ان سان گڏ غير ضروري (Unnecessary) جي صفت به هنئي. ۽ واقعي اسان جي هن آفيسر جا ڪي ڪي ڪم اهڙا خارون ڏيارڻ وارا هوندا هئا جو جي اسڪول ۾ هجي ته ماستر ڏنڊا هڻي ڪُٽيس ها. ٻين جهازن تي هو پنهنجن وڏن جي عهدن جي لئه رکي ڪئپٽنن کي متاثر ڪيو ويٺو هو پر سائين هن ڪئپٽن ڪنهن کي نٿي ليکيو. اسان وارو ڪلاس ميٽ ٿرڊ آفيسر سمجھي ويو بابا هن جهاز تي دال نه ڳرندي..... ڪئپٽن به کيس ڇڏيو نٿي .... چاهي آفريڪي سمنڊن جون گرميون هجن يا ناروي سئيڊن جي ٿڌن ملڪن جي هوائن وارا سمنڊ. ڪئپٽن هن کي ڪم ۾ لڳائي رکيو ٿي. ڪٿي ڪا سستي ڪيائين ٿي يا غلط ڪم ڪيائين ٿي ته هن سخت مزاج ڪئپٽن کيس سڀني اڳيان ٽوڪيو ٿي. هن ڏي وٺ جو ڪلائيميڪس ان وقت آيو جڏهن سمنڊ تي ڪا غلطي ڪرڻ تي هن کي ڪئپٽن خوب دڙڪا ڏنا. ورنديءَ ۾ اسان واري ٿرڊ آفيسر ڪئپٽن کي چيو ته: ”سر! جيڪڏهن آئون توهان کي پسند نه آهيان ته ايندڙ بندرگاهه ۾ جهاز جي پهچڻ تي مون کي ڪنهن ٻئي جهاز تي ٽرانسفر ڪري ڇڏيو. نه فقط اسان واري ٿرڊ آفيسر پر اتي موجود اسان مڙني آفيسرن سمجهيو ته ڪئپٽن هن کي يڪدم چوندو ته ”ها. هِتان ٽر! رڳو سڀان يا پرينءَ جهاز بيروت پهچي ته توکي اتي لاهي ٻئي جهاز تي ٿو رکرائين جيئن منهنجي تو مان جان ڇٽي وڃي ۽ مون کي هيڊ آفيس طرفان تو بدران ڪو ڪم وارو ماڻهو ملي وڃي. ڇو جو تنهنجو منهنجي هن جهاز تي رهڻ جو هڪ هڪ ڏينهن مون لاءِ عذاب آهي.“ پر سائين هن ڪئپٽن جي هر ڳالهه نرالي ۽ توقعات کان مختلف هوندي هئي. تنهن جواب ڏيڻ کان اڳ پهرين ڪيوبن سگار جو هڪ ڊگهو ڪش هنيو ان بعد اسان جي ٿرڊ آفيسر جي ڪنڌ تي هٿ رکي چيو: “I don’t transfer my officers. I teach them lesson on board.” ”آئون پنهنجي آفيسرن کي ٻين جهازن ڏي ٽرانسفر نه ڪندو آهيان. آئون کين پنهنجي ئي جهاز تي سبق سيکارڻ ۾ عافيت سمجھندو آهيان.“ altafshaikh.com.pk