اها ڪا اوائلي دور جي يا عربن جي سنڌ تي ڪاهه جي زماني جي ڪهاڻي ناهي، نه ئي هوءَ ڪا اروڙ جي قلعي مان قيدياڻي بڻائي کنيل شهزادي هئي پر پوءِ به ساڻس ملڻ منهنجي لاءِ تمام ضروري هو. انهن ڏينهن ۾ آئون هڪ انگريز پوڙهي پروفيسر سان گڏجي ڪارنهن جي ڪاروبار تي ڪتاب لکي رهيو هئس. اسان ان ڪتاب جي پورائي خاطر ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر ۽ گهوٽڪي جا معلوماتي دورا ڪري موٽيا هئاسين. انهن دورن جا تفصيلي نوٽس وٺي پوڙهو پروفيسر ته موڪلون ملهائڻ استنبول هليو ويو پر مونکي ڪارين جي قبرستان جي اسائينمينٽ ڏئي ويو ته ڪيئن به ڪري ڪارين جو قبرستان ڳولي ان جون تصويرون ڪڍي کيس موڪليان، ته جيئن هو اقوام متحده جي انساني حقن واري اداري ۾ سڄي دنيا کي ٻڌائي سگهي ته، هي ڪيڏا نه وحشي صفت انسان آهن، جيڪي پنهنجي ريتن رسمن خاطر پنهنجي جوان جماڻ عورتن کي ڪُهي کين بنا ڪفن جي دفنائي ٿا ڇڏين.انهن سفاڪ قاتلن ڪارين لاءِ هڪ الڳ قبرستان به تيار ڪرائي ورتو آهي. ڪارين جي قبرستان تي انگريز پروفيسر جو وڏو زور هو. سبب معلوم ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته، ريتن رسمن جا غلام ماڻهو پنهنجي انا خاطر ائين ڪندا آهن. هن کي سنڌي تمام سـٺي ايندي هئي، تنهنڪري هن ايئرپورٽ تان وڃڻ مهل منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي سنڌيءَ ۾ ئي چيو ته، ڪارين جو قبرستان به پڪ سمجهھ مڪليءَ جي قبرستان جهڙو شاندار هوندو. هن وڌيڪ چيو ته اهو قبرستان لڀي آئين ته پنهنجي پراجيڪٽ جي بجيٽ به ٻيڻي ٿي ويندي ۽ تنهنجو اسپين ۾ موڪلن ملهائڻ جو خرچ به مون تي. ڪتاب جي شوق ۽ پراجيڪٽ جي بجيٽ وڌڻ جي آسري مون ڪارين جو قبرستان ڳولڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. ڪڏهن لکي غلام شاهه ۾ رزاق بروهيءَ کي پيو تنگ ڪريان، ته ڪڏهن رتيديري ۾ ڀائو اياز ساريو کي پيو ايلاز ڪريان، ته وري ڪڏهن گهوٽڪيءَ ۾ بوزدار کي پيو ڀاڪر پايان، ته يار قرب ڪريو، ڪي ٻه ٽي سئو نڌڻڪيون قبرون هٿ ڪري ڏيو، ته جيئن اسان عالمي فورم تي سنڌين کي جاهل ۽ ثابت ڪري سگهون. انهن دوستن کي شاباس هجي، انهن آسپاس جي ڳوٺن ٻاهران ڪجهھ دڙا ۽ نڌڻڪيون ناهموار زمينون ڏيکاريون پر مونکي مڪليءَ جهڙو ڪارين جو قبرستان پئي کپيو، سو ايجاد ڪرڻ هنن ويچارن جي وس کان ٻاهر هو. نيٺ مايوس ٿي مان ڪلفٽن موٽي آيس. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪارين جي پچر ڇڏي مان ڳاڙهين جي راڄ ۾ اچي ويس ۽ ان وڏيريءَ کان انٽرويو جو وقت گهريم، جنهن سان ملاقات لاءِ آتا ته گهڻا هوندا پر اتر سنڌ ۾ سندس حويليءَ تان نر پکي به تڙيا ويندا هئا. گهڻين سفارشن کانپوءِ هن جڏهن چوويهين گهٽي جي ڪنڊ واري ڪافي هائوس تي ملڻ جو وقت مقرر ڪيو، ته آئون به پنهنجا رڪارڊر ۽ ڪئميرائون کڻي وڃي پهتس. هن وڏي بي پرواهيءَ سان انگريزيءَ ۾ چيو: تون ته صفا ڪاليجي ٻار آهين، تون ڪيئن ڪارين جي قصن ۾ پيو آهين؟ هن ڪافي آرڊر ڪئي ۽ ذاتي نوعيت جي ڳالهھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر منهنجي تڙ تڪڙ ۽ رڪارڊنگ وارن اوزارن جي آن آف وارن چڪرن کي ڏسي هن چيو توهان صحافي نه سڌرندوءَ...... ائين چئي چيائين: تون اڳ ۾ ڪنهن راڻيءَ سان نه مليو آهين ڇا، توکي محفل جي آدابن جي به خبر ناهي خفتي صحافي، هاڻي خاموشيءَ سان ڪافي پي يا کڻ پنهنجا ٽين ٽپڙ ۽ روانو ٿي وڃ.... اهڙي بدتميزي ۽ بيعزتيءَ کانپوءِ ڪافي هائوس ۾ وڌيڪ ويهڻ منهنجي لاءِ مناسب نه هو. اٿي هليو ويس ۽ پنڌ ئي پنڌ وڃي غازيءَ جي مزار تي نڪتس. ڪجهھ ڏينهن کانپوءِ هڪ ڪال آئي ته سڀاڻي سنڊي آهي، تون ڇا پيو ڪرين ان ڏينهن...ڪجهھ به نه...مون رکو جواب ڏنو..شڪارپوري آچار جهڙي چسڪي سان هن شرارت مان چيو، پوءِ زمزمه تي اچجانءَ ڪٿي نڪري هلنداسين. ٻئي ڏينهن دير سان اٿي هروڀرو به زمزمه هليو ويس. هن ڳاڙهي اسپورٽس ڪار آڻي منهنجي اڳيان بريڪ هنئي. ڀرسان ويهاري چيائين ڪٿي هلجي..جتي توهانجي مرضي..مون ساڳي وڏيريءَ کي جينز ۽ اس کان بچڻ واري ٽوپلي ۾ ڏسي هيسيل آواز سان جواب ڏنو. هن ميوزڪ کي آواز ڏيندي لاپرواهيءَ سان چيو........اوڪي وي ول ڊيسائيڊ ليٽر.....پهريان ٻڌاءِ ڇا کائيندين...مسٽر برگر يا ڪنگ برگر...؟ هن ٻوڙ مانيءَ جو ڪو آپشن ئي نه ڏنو، سو منجهي پيس. هن کلي چيو: اترادي، هي ڪلفٽن آهي، هتي چانورن جي ماني ۽ ساڳ پلي ته ڪونه ملندو...ائين چئي هن ڪنگ برگر جا آرڊر ڏنا..ڪول ڊرنڪس جي ٽن سميت اسان برگر پيڪ ڪرائي اچي سمنڊ جي ديول پوائنٽ تي ويٺاسين..... هن جُتي لاهي جينز جي پائنچن کي ٿورو مٿي ڪيو، پاڻيءَ ۾ پير پسائي هن ولائتي سگريٽ جو ڪش هنيو ۽ چيو: توکي ڪارين جو قبرستان مليو؟ مون حيرانگيءَ وچان کيس ڏسندي چيو پر توهانکي ڪيئن خبر پئي ته آئون ڪارين جي قبرستان جي تلاش ۾ آهيان..چيائين: ”تون ڇا ٿو سمجهين ته رڳو پبلڪ سڀ جانتي هي ڪيا..!!.وڊيرا ڀي سڀ جانتا هي ٻچا.........تون پنهنجي پراجيڪٽ جي چڪر ۾ سنڌ کي ڪيترو به بدنام ڪر پر اهڙو ڪو قبرستان توکي سنڌ ۾ نه ملندو، ڇو ته ڪارين جي قبر نه ٿيندي آهي، هن سنجيده ٿي ذري گهٽ روئڻهارڪي انداز ۾ چيو..اهي اسان جون مقدس مائرون ڀينرون هتي دفن آهن.......هن پنهنجي سيني تي سگريٽ واري هٿ جو آڱوٺو رکندي چيو ، هتي دفن آهن..... وڏيريءَ جي سنجيده گفتگو ماحول اهڙو ته سنجيده ڪري ڇڏيو، جو مونکي جن برگرن جي ٿڌي ٿيڻ جو فڪر هو، سي به کيس ياد نه ڏياريم. هن چيو، ”ڪارين جي قبرستان جي تلاش ڇڏي تون ڪارين جو نوحو لکي وٺ....ڪاريون جيڪي اسان جي ڪوٽن ۾ اسانجي اڪثر سرداري گهراڻي جي ڇوڪرن لاءِ مفت جون بيبي ڊول بڻيل آهن، هن پنهنجي گفتگو دوران ئي سگريٽ پاڻيءَ ۾ اڇلي ڇڏيو. پنهنجو جملو پورو ڪرڻ بعد هوءَ عجيب خاموشيءَ ۾ هلي وئي. هو زمان مڪان کان بيخبر ٿي ڪناري جي پٿرن کي لڳندڙ سمنڊ جي لهرن کي پٿرايل اکين سان ڏسندي رهي ۽ پوءِ چيائين: توکي خبر آهي هڪ لحاظ سان آئون به هڪ ڪاري آهيان...مون ڇرڪي سندس انڪشاف ٻڌو ۽ تجسس منجهان پڇي ويٺس، اڇا ....سو ڪيئن ڀلا...؟ هاڻي آئون وڏي ڪنهن زبردست بريڪنگ نيوز جي انتظار ۾ هئس ته هن ڪنگ برگر جا لفافا کوليندي چيو..تو جهڙي نامحرم سان جو اڪيلي ويٺي آهيان.....ائين چئي هن جهمپير جي تاڙيءَ جهڙو ٽهڪ ڏنو....مون به ڦِڪي کِلَ کلي سندس ساٿ وٺرايو..هن موڪلائڻ مهل چيو: اهو ضرور ياد رکجانءِ ته ڪارو ڪاري صرف توهان جهڙن راڄ جي ماڻهن جي رسم آهي. عقيدتمندن جي، هارين ۽ ڪمدارن جي..پوءِ اهي اڻپڙهيل هجن يا رسمي پڙهيل لکيل...جي ائين نه هجي ها ته ڪڏهن تو ڪنهن وڏيري، سردار ۽ بيورو ڪريٽ جي زال يا ڌيءَکي ڪارنهن جي الزام هيٺ مرندي ڏٺو آهي؟ توهانجو قانون انگريزن جي دور کان اسانجي قديمي رسم ڪارو ڪاريءَ جي خلاف پيل آهي، هاڻي به نوان قانون جڙيا آهن پر اسانجي قبائلي رسمن تي ڪو فرق پيو آهي؟....ٿنڪ اوور ائنڊ گڊ بائي...هوءَ کلي موڪلائي هلي وئي پر مونکي سوالن جي سمنڊ ۾ اڪيلو ڪري وئي. اها ڪلفٽن واري وڏيري، ڪارين جي قبرستان واري اسائينمينٽ ۽ پوڙهو انگريز پروفيسر... اهي سڀ منهنجي ماضي جو قصو هئا پر اهي سڀ ڪردار مونکي ان رات ڪنڌڪوٽ ۾ گهري ننڊ ۾ گهيري آيا، جڏهن آئون صوفين جي رهاڻ کانپوءِ دوست جي اوطاق تي ستل هئس. ٿڪل هجڻ جي باوجود ننڊ ڪونه پئي آئي، ڇو ته ياسين لاشاري هڪ اهڙي خوفناڪ ڪهاڻي ٻڌائي ويو هو، جو ننڊ اچڻ ممڪن نه هئي. ڪنڌڪوٽ ۾ جڏهن به آيو آهيان، ڪانه ڪا اهڙي ڪهاڻي ضرور ٻڌي آهي، جنهن سنڌ جي ريتن رسمن تي ٻيهر سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته اهي خوني رسمون سنڌ جهڙي سهپ واري سرزمين جون آهن يا ڪٿان ٻئي هنڌان آيل آهن. ياسين ڪا نئين يا انوکي ڳالهھ به نه ڪئي، هن صرف ايترو ٻڌايو ته هڪ ڪيپٽن ڊاڪٽر جي ڌيءَ، جيڪا ڪينٽ جهڙي پرسڪون ۽ پرامن ماحول ۾ پڙهي لکي وڏي ٿي، ان جي شادي سندس پِيءُ پنهنجي برادريءَ ۾ اهڙي ڇوڪري سان ڪرائي، جنهن کي ڇوڪريءَ کان وڌيڪ ان جي پِيءُ جي ملڪيت پياري هئي، ڇوڪريءَ جي هٿن تان شاديءَ واري ميندي به ڪونه لٿي هئي، ته سندس ڏيرن ۽ سهري سندس قتل جي پلاننگ ڪئي. جنهن وقت گهر جي ٻاهران ڪچي اوطاق واري ڪمري ۾ هو سندس قتل جي پلاننگ ڪري رهيا هئا، ان وقت اها پنهنجي سهري ۽ ڏيرن لاءِ شام جي چانھه تيار ڪري رهي هئي. قاتلن جي ٽولي سندس هٿ جي چانهھ پيئڻ کانپوءِ سندس مڙس جي هٿ ۾ بندوق ڏني، جيڪا جڏهن سندس اڻپڙهيل مڙس مٿس سڌي ڪئي، ته هن کائنس حيرانگيءَ مان پڇيو.....پر ڪيون...ميڏا ڪهڙا قصور هي.....ڀلا ابا ڪون ته ٻڌاوو......اهي ان مقتول ڇوڪريءَ جا آخري لفظ هئا.... سندس ابي کي جڏهن پوليس فون ڪري ٻڌايو ته، هن ڪينٽ مان ڳاڙهي جوڙي ۾ ڪجهھ مهينا اڳ موڪليل پنهنجي لاڏلي ڌيءَ جو هڪ بيڪار رليءَ ۾ ويڙهيل لاش ڏٺو...پوسٽ مارٽم واري ڪمري جي بيرحم خاموشيءَ ۾ هن سڏڪندي پنهنجي ڌيءَ جا وار سُلجهايا...انهن وارن مان سندس تازو خون ٽمي رهيو هو..سندس پِيءُ سڪتي ۾ هو ۽ ياسين ڳوڙهن کي روڪي پوسٽ مارٽم جي ڪمري ۾ انت کي پهتل پِيءُ ۽ ڌيءَ جي عجيب پيار ڪهاڻي رڪارڊ ڪري رهيو هو. هو پنهنجي مقتول ڌيءَ جو لاش ايمبولينس ۾ کڻي پني عاقل روانو ٿيو، ڪنڌڪوٽ جي بيرحم ماحول ۾ گل وٺي ته ڪنهن کان......تنهنڪري هن سکر سوسائٽيءَ ۾ رهندڙ پنهنجي زال کي فون ڪري چيو ته، اسانجي ڌيءَ آخري ڀيرو مهمان ٿيندي..گلن جا هار گهرائي وٺجان. ان ڪيپٽن ڊاڪٽر پنهنجي پياري ڌيءَ ڪنهن نام نهاد ڪارين جي قبرستان ۾ دفن نه ڪئي پر وڏيريءَ جي چيل لفظ وانگر، سِيني ۾ پنهنجي دل ۾ دفن ڪئي.
دوست سچ پڙهي ڪري اهڙو ماحول طاري ٿئي ويو جو ماحول کان بي نياز ٿي ويس سچ به سنڌ اندر اهڙا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن
ڪاش اسان جي سنڌ واسين کي ڪير سمجهائي ته ڪنهن لالچ جي خاطر سنڌ جي نياڻي سان اهڙو ظلم نه ڪيو وڃي ڪاري قرار ڏيڻ موت کان به بدتر آهي شايد هر عورت کي موت کان پو سڪون هوندو پر اُن عورت کي ڪڏهن به سڪون نه هوندي جنهن جي دامن تي ڪاري هجڻ جو الزام هڻي ڪري قتل ڪيو ويو هجي اسان اڪثر ڏسون ۽ ٻڌون ٿا ته سئو مان 90 فيصد شڪ جي بنياد تي عورت کي قتل ڪيو ٿو وڃي جنهن جي اسلام ڪڏهن به اجازت نٿو ڏئي اڄڪلهه ته عام ٿي ويو آهي جيڪو به ڪنهن نياڻي کي ڪنهن به وجه جي ڪري قتل ڪري ٿو ته عام معاشري ۾ هن تي ڪاري هجڻ جو سبب ظاهر ڪري فخر سان چوي ٿو هي ڪاري هئي ان ڪري قتل ڪيومانس !!!!!