جڳ مشهور ڪمپني گوگل پاران بنا ڊرائيور هلندڙ ڪار کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. مئي مهيني متعارف ڪرايل ڪار۾ هيڊ لائيٽس به نه هيون،هاڻي ڪار ۾ بهتريون آڻي ان کي وڌيڪ محفوظ بڻايو ويو آهي. فائنل ڊرائيورليس ڪنهن رانديڪي واري پوليس ڪار جهڙي آهي ايندڙ نئين سال ۾ اهي ڪارون ڪيليفورنيا جي روڊن تي هونديون. واضع رهي ته گوگل ڊرائيور ليس ڪار ڪمپيوٽر ڪنٽرولڊ ۽ اها ٽيڪنلاجي ۽ ڪئيمرائن جي مدد سان بنا ڊرائيور جي هلندي.