• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرمد سنڌي : آواز جو جادوگر

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jbs0y7SGwZ8P0i.jpg


سرمد سنڌي : سنڌ جو ٻيجل

سليمان وساڻ

سميع بلوچ جو ڪلام تنهنجي ياد جي وري آ وير ڳائي سنڌي موسيقيء ۾ پير پائيندڙ نوجوان عبدالرحمان مغل هو جيڪو پوء سنڌ ۾ سرمد سنڌيء جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ سنڌي موسيقي ۽ نوجوانن جي دلين تي راڄ ڪيائين.

رحمان مغل 7 جولاء 1961 ۾ خيرپور ضلعي جي ننڍڙي شهر پريالو ۾ پيدا ٿيو. پرائمري ۽ هاء اسڪول تائين تعليم پريالو مان ئي حاصل ڪيائين ۽ پوء سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلومه ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور مان ڪيائين ۽ ڪراچيء ۾ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيء ۾ ملازم ٿيو

سندس مقبوليت سندس ڪلام تنهنجي ياد جي وري آ وير کان شروع ٿي ۽ پوء سرمد سنڌي موسيقيء ۾ هڪ درياء مثل ٿي ويو. سندس مقبوليت تمام گهڻو وڌي وئي. سندس اها خوبي هئي جو ڪاپي ڪيل ڌنن بجاء پنهنجون يا ٻين کان ڌنون ڪمپوز ڪرائي ڳائيندو هو. هن سنڌ جي سڀني شاعرن کي ڳايو جن ۾ لطيف سرڪار ، سچل سائين ، شيخ اياز ، زاهد شيخ ، استاد بخاري وغيره. سندس آواز ۾ هڪ سوز هو ، هڪ مڌرتا هئي جنهن کي وسارڻ ڪو سولو ڪم ناهي. هو هڪ ئي وقت اسٽيج، ريڊيو، تي وي ۽ ڪيسيٽ جو مقبول فنڪار هو.

پاڻ 35 سالن جي ڦوه جواني ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ جيڪو 27 ڊسمبر 1996ع تي بدين کان ٺٽي ويندي پيش آيو زخمي ٿي پيو ۽ 28 ڊسمبر جو ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ پنهنجن پرستارن کي روئيندو ڇڏي هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو. پر سندس آواز اسان جي دلين تي اڃان به پيو راڄ ڪري.
 
Back
Top