چوندا آهن ته قسمت به سُٺو سوچڻ وارن کي ساٿ ڏيندي آهي. اوهان جيترو مثبت سوچيو ٿا اوترو ئي سُٺو ٿئي ٿو. هي مُلڪ ٺهڻ کان وٺي بُک ۽ بي روزگاريءَ جو روڄ مستقل رهيو آهي پر هڪ دفعي محترمه بينظير ڀٽو ڪراچي يارڊ جي سرڪاري دؤري مهل اچانڪ هڪ اهڙو سوال ڪيو جنهن ساڻس گڏ سڀني آفيسرن توڙي اتي موجود ماڻهن کي لاجواب ڪري وِڌو. محترمه يارڊ تي ڪم ڪندڙ برمي، بنگالي ۽ نيپالين کي ڏِسي چيو، ”هڪ طرف مُلڪ ۾ بيروزگاري ۽ بُک جون شڪايتون ٿين ٿيون ته ٻي طرف هي ڌارين مُلڪ جا مزدور هتي ڪم پيا ڪن، اهو ڇا آهي؟ مطلب ته روزگار جا موقعا آهن پر ڪوتاهي اسان پاڻ ۾ به آهي!“ محترمه جي ان ڳالهه مان صاف ظاهر هو ته وٽس پنهنجي مُلڪ ۾ روزگار جي موقعن بابت هڪ پُراميد (Optimisim) سوچ هُئي. اڄڪلهه جڏهن اسان وٽ هڪ طرف تعليم لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن ته ٻي طرف هڪ پُراڻ پسند مخصوص ذهنيت ٻارن (خاص ڪري نياڻين) جي تعليم خلاف آهي ۽ کانئن اهو بنيادي انساني ۽ اسلامي حق کسڻ لاءِ مذهب جي آڙ ۾ معصوم ٻارن تي حملا ٿي رهيا آهن. پر محترمه پنهنجي ٻي دؤرِ حڪومت ۾ ئي اها ڳالهه واضح ڪئي هُئي جڏهن اڃا دهشتگردي ۽ خودڪش بمبارن جي لعنت هن مُلڪ ۾ نه آئي هُئي. محترمه 04 سيپٽمبر 1995ع ۾ بيجنگ ۾ ”چوٿين دُنيا جي ماڻهن ۾ عوام، قوم ۽ عورتن لاءِ نا انصافي جو درس اسلام قطعي به نٿو ڏي“ نالي سان ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ چيو هو ته ”هن وقت به ناخواندگيءَ ۾ ستر سيڪڙو نياڻين جو آهي. ساڳي وقت اسان کي عورتن پاران پنهنجي حصي جو ڪم نه ڪري سگهڻ جي شڪايت پڻ آهي. آئون سمجهان ٿي ته جيستائين نياڻين جي تعليم عام نه ٿيندي ۽ عورتن کي اقتصادي خودمختياري نه ملندي آهي تيستائين هو پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا پاڻ نه ڪري سگهنديون آهن ۽ پنهنجي حصي جو اُهو ڪم جيڪو هو ڪري سگهن ٿيو. اُهو ٿيڻ کان رهجي ويندو.“ پر ڳالهه ڪرڻ ۽ عملي ڪم ۾ هڪ جهڙائي هُجڻ ئي قول و فعل ۾ تضاد نه هُجڻ جو ثبوت آهي. انهن ڳالهين کي عملي صورت ڏيڻ لاءِ محترمه پنهنجي ٻي دؤرِ حڪومت ۾ تعليم لاءِ بجيٽ ٻيڻي ڪئي. ان کان پوءِ نياڻين جي تعليم لاءِ خاطر عورت ٽيچرس لاءِ ٽريننگ سان گڏ پنهنجي دؤرِ حڪومت ۾ مُلڪ ۾ 35000 پرائمري اسڪول تعمير ڪرايا ۽ خواندگيءَ کي 35 سيڪڙو کان وڌائي 40 سڪيڙو تي بيهاريو. اهو به هو ته محترمه ڪڏهن به رُڳو وقتي ڳالهه تي اڪتفا نه ڪيو. هميشه دور انديشيءَ کان ڪم ورتو. محترمه ويهين صديءَ جي آخر ۾ ئي ايڪهين صديءَ جون تقاضائون ڄاتيون ٿي. ڪيليفورنيا ۾ عورتن جي هڪ ورڪشاپ ۾ محترمه جديد تعليم لاءِ پنهنجا واضح نظريا بيان ڪيا. ان وقت مُستقبل قريب جي چئلنجن ۽ ايڪويهين صديءَ جي ٽيڪنالاجي جي گهُرجن موجب سندس چوڻ هو ته ”گُذريل ٻن ڏهاڪن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي آمد سان دُنيا ۾ جيڪا ڊرامائي تبديلي آئي آهي، ان کي ڏِسي لڳي ٿو ته هاڻ انقلاب بندوق جي گوليءَ سان نه پر پينٽيم (ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جو هڪ اصطلاح) جي چپس سان ايندا ۽ علم جي حاصلات هاڻ ميگابائٽ طور ٿيندي. هاڻ رابطن جا نوان ذريعا ايترا کُليل ۽ سِڌا هوندا جو ماڻهو سڄي دُنيا ۾ آزاديءَ سان هڪ ٻئي سان جُڙيل رهندا. اهائي آزادي کين سياسي تبديلي واري سوچ، علم حاصل ڪرڻ جي جنون، صحافت ۽ مذهبي آزادي طور ملندي.“شهيد راڻي ته اها ڳالهه 1997ع ۾ ڪئي جڏهن اڃا نه فيس بُڪ آيو هو نه ٽوئٽر، نه وري اڄ اسپيڊ سان وقت کي مات ڏيندڙ تيز ڪمپيوٽر جون مشينون اڃا آيون هُيون. فيس بُڪ ٽوئٽر ذريعي مُهم هلائي آمر حُڪمرانن کي تخت تان لاهڻ وارا قصا به پوءِ جا هُئا پر ايڪهين صدي جي اڳڪٿي محترمه اڳواٽ ئي ڪري ڇڏي هُئي. اڄ پنهنجي سامهون اُهي سڀ شيون موجود آهن. دُنيا جي ڪهڙي به ڪُنڊ ۾ هُجون پر رابطن جي آزادي ئي آهي جيڪا اسان کي اظهار جي آزادي به ڏي ٿي ۽ هر مڪتبهِ فڪر جو ماڻهو پنهنجي راءِ ڏيڻ ۾ آزاد آهي، جيڪو هن جديد ٽيڪنالاجيءَ کان اڳ ڪڏهن به ممڪن نه هو. اهو محترمه جو ٻيو دؤر هو جڏهن هن مُلڪ جو عوام سالن کان ٻُڌندڙ اي ميل ۽ انٽرنيٽ کان متعارف ٿيو ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان مستفيد ٿيڻ لڳو. هڪ دفعو وري محترمه ثابت ڪيو هو ته وٽس قول ۽ فعل ۾ رتي برابر به تضاد ناهي. محترمه بينظير ڀٽو کي جتي نوجوانن جي روزگار جو فڪر هو ۽ جتي هن مُلڪ کي معاشي طور مضبوط ڏسڻ ٿي چاهيو، خرچ ٿيندڙ جي ڀيٽ ۾ ڪمائجندڙ ڊالرز مُلڪي ناڻي لاءِ ضروري پئي سمجهيا، ساڳي وقت کيس اهو به فڪر هو ته معاشي ترقي جي نالي ۾ ذاتي لالچ رکي ڪٿي ٻارن کان ته ليبر جو ڪم نه پيو ورتو وڃي. محترمه پنهنجي دؤر ۾ سختي سان آرڊر جاري ڪيا هُئا ته ڪو به ٻار اسڪول بجاءِ فئڪٽري ۾ ڪم ڪندي نظر نه اچي. ان ڳالهه جي خاطري لاءِ فئڪٽرين تي ڇاپا مُهم شروع ڪرائي وئي ۽ ست هزار ڇاپن ۾ اهڙا 2500 فئڪٽري مالڪان پڪڙيا ويا جن ٻارن کان مزدوري ڪرائڻ وارو ڏوهه باسيو ۽ کين عدالتي ڪاروائي کي منهن ڏيڻو پيو. هڪ طرف تعليم ۽ ٻارن جي پورهئي بابت مُحترمه جو فڪر هو ته ٻي طرف بي روزگاري جي ظلم جي دانهن ڪندڙ عوام لاءِ به وٽس بهترين جواب هو. سندس چوڻ هو ته ”هن مُلڪ ۾ سڀ وسيلا هوندي به بي روزگاري ۽ بُک جي دانهن آهي. ڇا اسان کي رُڳو اها پُڪار ئي ڪرڻ کپي يا روزگار جا موقعا ۽ ماڳ ڳولڻ کپن. ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته اسان اُٿي بيهون. وَر کُنجي ڪم ۾ لڳي وڃون. جيڪي به اُڻايون آهن تِن کي قبول ڪريون. اسان جو ڪم اسان جي قابليت مطابق ناهي ته به ضرورت سمجهي ان کي پنهنجي نوڪريءَ جو حصو سمجهي قبول ڪريون. ايئن اسان ايندڙ صديءَ ۾ هڪ محنتي قوم طور داخل ٿيون.“ محترمه جو اهو بيان ڪنهن ڏاهي جي قؤل سان مڪمل اتفاق ۾ آهي ته ”مسئلن جو بهترين حل آهي انهن کي منهن ڏيڻ ۽ ان مان نڪرڻ جي ڪوشش.“ اهو ته محترمه جو عوام لاءِ روزگار سان لڳڻ جو هڪ پيغام هو پر وڏي پئماني تي به وٽس هڪ واضح نظريو موجود هو جيڪو هُن 1999ع ۾ نيو يارڪ ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ بيان ڪيو. محترمه خِطي ۾ وسيع ڪاروبار ۽ ان سان روزگار جي موقعن جي ڳالهه ڪندي چيو ته ”پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ پاڪستانين لاءِ هڪ سوچ آهي، هڪ نظريو آهي جنهن سان اسان نئين صديءَ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پاڻ کي ان قابل بڻائي وٺون. اهو نظريو رُڳو پاڪستان نه پر ڏکڻ ايشيا جي هن سڄي خِطي لاءِ آهي. هن خطي ۾ ڪاروبار کي هڪ ليول تي آڻجي، جتي ڏکڻ ايشيا ۾ مفت ڪاروباري خِطو ٺهي پوي، جنهن سان سڀني مُلڪن جي عوام کي روزگار جا موقعا به ملن ۽ مُلڪ پڻ ترقي ڪري. ايشيا جو اهو مفت ڪاروباري خِطو جيڪڏهن هڪ دفعو فعال ٿي پيو ته پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ اسان جا مُلڪ ڪڏهن به پوئتي نه هوندا.“